• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جا ڪهڙا ڪهڙا خيرخواهه....!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌين جي انهيءَ کان وڏي ٻي بدقسمتي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي ته سال 1972 واري ٻوليءَ جي بل ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اڪيلي ٻولي مڃيو ويو هو ۽ ڪنهن به اسٽيج تي سنڌ کي ٻه لساني صوبو ڪونه قرار ڏنو ويو هو پر اسان جا سنڌ جا ڪيترا ٺيڪيدار، سنڌ اسيمبليءَ جي بحال ٿيل ايڪٽ کي ڏسڻ بدران سياسي بغض ۾ اڃا تائين اهو ڪوڙ ڪُٽيندا پيا اچن ته سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنو ويو هو ـ
اهڙي ريت سياسي دشمنيءَ ۾ سنڌ کي ٻن ٽُڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ لاڳيتو قانوني جواز پيش ڪندا پيا اچن ـ
انهن عقل جي دشمنن کي اها ڳالهه سمجھه ۾ نه ٿي اچي ته جيڪڏهن سنڌ کي ٻه لساني صوبو مڃيو وڃي ها ته لساني فساد ڇو ٿين ها؟ درحقيقت سنڌ کي ٻه لساني صوبو زوري مڃرائڻ لاءِ اهي فساد ٿيا هئا جڏهن ته اهو مطالبو آخري دم تائين ڪونه مڃيو ويو هو ـ جن کي ڀروسو نه ٿئي اهيَ ايڪٽ پڙهن، سياستدانن جا بيان نه ـ
 
Back
Top