ڳِجُهڙيُن ڳَارَو، رَاتَو ڏِينهَان رِڻَ ۾
ڀُڻِيُون پُڇَنِ پَاڻَ ۾، ڪَنهن مُنهُن ڪَيڏَارَو
کَائِنِ کَڳَمَارَو، ڪَانئِرُ پيَو ڪِنَو ٿِئَي
سُرُ ڪَيڏَارَو
ڳَارَو = کاڄ، کاڌ خوراڪ
رڻُ = صحرا، برپٽ، بيابان، خالي ميدان
ڀُڻيُون = پرواز ڪندڙ، هوا ۾ اڏامندڙ
ڪَنهن مُنهن = ڪهڙي پاسي، ڪهڙي طرف
ڪَيڏَارَو = جنگ
کَڳمارو = جمع کَڳمارا ، صفت. تلوار جو ماريل ، جنگ ۾ ماريل
بيت جو پس منظر
ڳجهن کي ته رات ڏينهن پنهنجي پيٽ جي ڳڻتي آهي تنهنڪري پيون رڻ پٽن ۾ لامارا ڏين.
هڪٻئي کان پيون پڇن ته ڏسو ته جنگ ڪٿي لڳي آهي ته گوشت کائڻ لاءِ ملي.
ڳجهون ڳولي ڦولي گوشت به انهن دليرن ۽ بهادرن جو ٿيون کائن جيڪي مُنهُن ڏئي سامهون ٿي هٿيارن سان وڙهيا آهن ۽ سندن منهن ۾ ڌڪ آهن.
باقي جيڪي بزدل پٺي ڏئي ڀڳا ۽ ماريا ويا تن جا لاش ڪنا پيا ٿين، ڳجهون سندن ويجهو به نٿيون وڃن.
سمجهاڻي
ڪنهن به سماج ۾ ڀاڙيائپ ۽ بزدليءَ کي خراب سمجهيو وڃي ٿو، ننديو وڃي ٿو. جيڪي ماڻهون ضمير فروش، بيغيرت، عوام دشمن، قوم دشمن ۽ غدار آهن انهن کي پلئه پون ٿيون ٿڪون، لعنتون، خواريون، نفرتون ۽ ذلتون.جيڪي ماڻهون دلير، ارڏا، اڏول، دودا ۽ جوڌا آهن انهن تي قومون ناز ڪن ٿيون ۽ فخر کان سندن ڳاٽ اوچا ٿين ٿا.
ڀٽائي هن بيت ۾ ٻن ڪردارن کي پيش ڪيو آهي هڪڙا قوم دشمن، ڪانئر، بزدل ۽ ٻيا دودا، دلير، ڪوڏيا۽ ڪوپا.
اچو ته اڄ اسان به طئه ڪيون ته اسان جي قوم ۾ ڪهڙا قوم دشمن ۽ غدار آهن؟ڪهڙا ماڻهو هماليه جي پهاڙن کان به اوچا، ارڏا ۽ اڏول آهن؟ جن پنهنجيون جوانيو، پيار ۽ محبتون قربان ڪري ڇڏيون جيجل سنڌ تان.
هڪ ڀيرو وري سوچون ته اسان پنهنجي دلير ۽ بهادرن کي ڇڏي گيدي، ڪانئر، وطن دشمنن ۽ غدارن جي پٺيان ته نه لڳي پيا آهيون...!!؟
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل