محمد خان سيال جون ساروڻيون / 05 ـ قسط / ڪالهه گَڏيوسونُ ڪاپڙي.......!!

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,177
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    15 ـ دنيا گول آهي:
    اسان جي ڳوٺ ۾ دوست محمد کوکر رهندو هو پر سڀ کيس دوسو کوکر ڪري ڪوٺيندا هئا ـ کيس ٻه زالون هيون ـ وڏي زال جو نالو چانهن ۽ سندس ننڍي زال جو نالو حاڪم زادي عرف حاڪي هو جيڪي گڏ رهنديون هيون ـ هو هارپو ڪندو هو ـ چانهن اسان جي گھر ايندي هئي، کيس ڏند ڪونه هئا ۽ هر وقت وات ۾ ناس ڏيندي رهندي هئي ـ گھڻو ڪري سندس واڇون ۽ ناسون، ناس سان ڀريل هونديون هيون تنهن ڪري مون کي ڏٺيَ ڪونه وڻندي هئي ـ
    سندس خواهش هئي ته جڏهن به مري وڃي ته مان کيس ڪفن وٺي ڏيان ـ هر واري گھڻو ڪري اهڙو ذڪر ڪندي هئي پر مونکي سندس ناس واري عادت تي ڏاڍي مٺيان لڳندي هئي ۽ دل چوندي هئي ته کيس گولي هڻي ماري ڇڏيان ـ جيئن ئي هو اسان جي گھر ايندي هئي ۽ ڪفن جي ڳالهه ڪندي هئي ته مان بابا جي گھر ۾ پيل دونالي بندوق ۽ الڳ پيل ڪارتوس کڻي ايندو هوس ۽ امان يا ڏاڏيءَ کي چوندوهوس ته مون کي بندوق ۾ ڪارتوس ڀري ڏين ته کيس ماريان پر پوءِ به هو ڪفن ڏيڻ تي بضد رهندي هئي ـ بابا اها دونالي بندوق بڇيري ريلوي جي اسٽيشن ماسٽر عزيز (اصل سيالڪوٽ) کان خريد ڪئي هئي ـ تن ڏينهن ۾ هڪ نالي يا دو نالي بندوقون هونديون هيون جن ۾ ڪارتوس پوندا هئا ۽ ڪلاشنڪوف جو پري پري تائين وجود به ڪونه هو ـ
    ڪجھه وقت کانپوءِ تعليم جاري رکڻ لاءِ نوابشاهه لڏي آياسين ـ هاڻ مان به وڏو ۽ سمجھدار ٿي ويو هوس تنهن ڪري مون سوچيو ته سندس ڪفن واري خواهش پوري ڪندس ـ افسوس ته مونکي سندس مرڻ جي خبر ٻن ٽن هفتن کانپوءِ پيئي جنهن ڪري سندس خواهش پوري ڪري نه سگھيس ـ
    سو ڳالهه ٿي هلي دوسوءَ جي ـ ڪيترا ڀيرا ائين ٿيو ته هو رات جي پيٽ ۾ ٽپڙ ٽاڙي ميڙيَ ڪنهن اڻ ڄاڻايل منزل ڏانهن ميٺ ماٺ ۾ هليو ويندو هو ـ صبوح جو اٿي ڏسندا هئاسين ته سندس گھر ۾ ڪاريءَ وارا ڪک هوندا هئا ـ ڪيترا مهينا گم رهڻ کانپوءِ وري سامان سڙو کڻي اوچتو ڳوٺ تي اچي نازل ٿيندو هو ـ سندس اهڙي واردات الائجي ڪيترا ڀيرا جاري رهي ـ چون ٿا ته جڏهن زميندار جو مٿس گھڻو قرض چڙهي ويندو هو ته هو راتو واهه ڀڄي جند ڇڏائيندو هو پر سچ ته اسان جي ڳوٺ کانسواءِ سندس سرندي به ڪانه هئي تنهن ڪري ڪيترن مهينن کانپوءِ وري اوچتو اچي نازل ٿيندو هو جڏهن ته ڳوٺ جو زميندار به کيس اوڌر جي مامري تي رعايت ڏيندو هو يا معاف ڪري ڇڏيندو هو ـ

    16 ـ ڪوڙي قسم جي قيمت رڳو ڏهه روپيا:
    اسان جو هڪ هاري هو، نالو هئس بچل بالادي ـ جيڪو انهيءَ حوالي سان مشهور هو ته ڏهه روپيا وٺي، قران شريف جا ڪوڙا قسم کڻندو هو ـ ڪي ماڻهو ته کيس عدالتن ۾ به گواهه طور وٺي ويندا هئا ۽ کانئس ڪوڙا قسم کڻائيندا هئا ـ اها 60 جي شروعاتي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي ۽ ان وقت ڏهه روپيا وڏي رقم هوندي هئي پر سچ، قسم کان ته وڌيڪ نه هئي ـ
    تن ڏينهن ۾ ڏهن روپين جي نوٽ جي پٺيان مڪلي (ٺٽو) جي تصوير ڏنل هوندي هئي ـ

    17 ـ منهنجي ڪپيل زبان ۽ ڳوٺ جي ياد:
    هڪ ڀيري اسان جي گهر ۾ پڪين سرن جي پلي (گُندي)ڪڻڪ جو ذخيرو رکڻ لاءِ ٺهي رهي هئي ـ شام جو وقت هو ۽ مزدور به ڪم ڪار ڪري هليا ويا هئا ـ ڪاٺ جي ڏاڪڻ رکيل هئي جنهن جي هيٺان پڪيون سريون بي ترتيبيءَ سان رکيل هيون ـ مان ڏاڪڻ سان کيڏي رهيو هوس ـ ڪڏهن ڏاڪڻ جي اڳيان لهي چڙهي رهيو هوس ته ڪڏهن وري ڏاڪڻ جي هيٺان کان ـ اوچتو منهنجا هٿ ڏاڪڻ کان نڪري ويا ۽ مان بي ترتيبيءَ سان رکيل سرن تي ڪري پيس ـ
    منهنجن ڏندن جي هيٺان منهنجي زبان اچي گھڻو ڪپجي وئي ـ رت به وهيو پر ڪيترن ڏينهن لاءِ کائڻ پيئڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي ـ آخر زبان ته پاڻمرادو گھڻي حد تائين جڙي وئي جو ڊاڪٽر جو به ائين ئي چوڻ هو پر اها مڪمل جڙي نه سگھي ۽ ان جو ڳپل حصو اڃا به ڪپيل آهي جيڪا مون کي هر وقت ننڍپڻ جون شرارتون توڙي ڳوٺ جي ياد ڏياري ٿي ـ

    18 ـ تارن کي ڏسي وقت جو ڪاٿو لڳائڻ:
    ڳوٺاڻا، تارن جي چرپر ڏسي وقت جوڪاٿو لڳائيندا آهن، بلڪل اهڙي ريت اسان جي ڳوٺ ۾ به ٿيندو هو جيڪي ٻڌائيندا هئا ته رات لڙي آهي يا وري ڪيترو وقت ٿيو آهي ـ اهڙي ريت واچ نه هئڻ سبب هو لُنڊيَ تي وڃڻ جي تياري ڪندا هئا ـ لُنڊو ريل گاڏي هئي جيڪا پڊعيدن ۽ نوابشاهه جي وچ۾ هلندي هئي ـ اها صبوح جو سوير نوابشاهه ڏانهن ويندي هئي ۽ رات جو اٺين وڳي نوابشاهه کان موٽندي هئي جنهن ڪري انهن شاگردن کي خاص ڪري سهوليت هوندي هئي جيڪي نوابشاهه پڙهڻ لاءِ روزانو ايندا ۽ ويندا هئا ـ ريل گاڏي وچ وارين سڀني اسٽيشنن تي بيهندي هئي ـ هونئن ته پڇ ڪٽيل کي به لنڊو چوندا آهن پر جيئن ته انهيءَ ريل گاڏيءَ ۾ ريل جا گاڏا ٽي يا چار مس هوندا هئا تنهن ڪري ان کي به لُنڊو ڪوٺيندا هئا ـ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,664
    ورتل پسنديدگيون:
    6,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    واه واه.. دلچسپ...
    توهان جي زبان اڃا به ڪپيل آهي ؟؟ ڪو علاج نه ٿيو ڇا ؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو