محمد خان سيال
سينيئر رڪن
جيوڻي ٻائي ته پنهنجي دور جي وڏي ڳائڻي هوندي هئي ـ جڏهن محفلن ۾ ڳائيندي هئي ته سندس پيارو پيارو آواز ته پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو ـ ننڍي هوندي اهي به ڳالهيون ٻڌندا هئاسون ته جيوڻي ٻائي ريل گاڏيءَ ۾ سفر ٿي ڪيو ته اتي کيس هڪ وڏي پيتي هٿ آئي جنهن کي لهرايائين ته انهيءَ کان لاش نڪتو هو، پوءِ ڪيترو وقت ڏچي ۾ پئجي وئي هئي ـ ڪو دوست انهيءَ مامري تي روشني وجھي ته سندس مهرباني ـ اهو سچ آهي ته ماسٽر چندر ۽ جيوڻي ٻائيءَ جي وچ ۾ رڳو گرامو فون ڪمپنيءَ وارن جي حد تائين مقابلو ٿيندو هو ـ
جيستائين ماسٽر چندر جو واسطو آهي ته اهو به پنهنجي دور جو عظيم ڳائڻو هو ـ منهنجون ساڻس ملاقاتون ممبائيءَ ۾ سندس گھر تي ٿينديون هيون، جڏهن ته مون سندس سالگرهه ۾، پنهنجي دور جي وڏي سنڌي دانشور، ڳائڻي ۽ موسيقار پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي موجودگيءَ ۾ شرڪت ڪئي هئي ـ
ان کان اڳ، مون سندس انٽرويو به ڪيو هو جيڪو تن ڏينهن ۾ روزاني هلال پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ ڇپيو هو ـ انهيءَ موقعي تي مون، سندس فرزند ۽ مشهور ڳائڻي مهيش چندر جو به انٽرويو ڪيو هو جيڪو ساڳي اخبار ۾ ڇپيو ـ

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: