رضوان ساند
سينيئر رڪن
جيڪڏهن ڪنهن به مرد جي تصوير اخبار يا ميڊيا تي اچي ٿي ته ان کي ڪيتري خوشي ٿيندي آهي ، ڇا اهڙا جذبات ۽ احساسات ڪنهن عورت کي ناهن ؟ آخر ڪيستائين سنڌي معاشرو عورتن لاءَ جهالت وارو جيلُ هوندو ؟؟ ڪنهن به عورت جي تصوير ميڊيا تي ڏيڻ سان ان عورت جي عزت ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿي اچي ، پر دراصل اسان مردن جي سوچ ۾ خرابي آهي جو عورت جي تصوير کي پسند به ڪيون ٿا ته ساڳي جاءَ ته ان عورت جي ذات کي خراب ۽ گندو تصور ڪيون ٿا ، جهڙي ريت مردن کي پذيرائيءَ جو حق آهي ، اهڙي ريت عورتن کي به اهو حق هجڻ گهرجي ، اسان وٽ مرد ۽ عورت ٻنهي جي حيثيٽ برابر آهي ۽ برابر رهندي