• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آخر ڪيستائين سنڌي معاشرو عورتن لاءَ جهالت وارو جيلُ هوندو

رضوان ساند

سينيئر رڪن
جيڪڏهن ڪنهن به مرد جي تصوير اخبار يا ميڊيا تي اچي ٿي ته ان کي ڪيتري خوشي ٿيندي آهي ، ڇا اهڙا جذبات ۽ احساسات ڪنهن عورت کي ناهن ؟ آخر ڪيستائين سنڌي معاشرو عورتن لاءَ جهالت وارو جيلُ هوندو ؟؟ ڪنهن به عورت جي تصوير ميڊيا تي ڏيڻ سان ان عورت جي عزت ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿي اچي ، پر دراصل اسان مردن جي سوچ ۾ خرابي آهي جو عورت جي تصوير کي پسند به ڪيون ٿا ته ساڳي جاءَ ته ان عورت جي ذات کي خراب ۽ گندو تصور ڪيون ٿا ، جهڙي ريت مردن کي پذيرائيءَ جو حق آهي ، اهڙي ريت عورتن کي به اهو حق هجڻ گهرجي ، اسان وٽ مرد ۽ عورت ٻنهي جي حيثيٽ برابر آهي ۽ برابر رهندي
 
پر دراصل اسان مردن جي سوچ ۾ خرابي آهي جو عورت جي تصوير کي پسند به ڪيون ٿا ته ساڳي جاءَ ته ان عورت جي ذات کي خراب ۽ گندو تصور ڪيون ٿا
ادا اوهان جي جزباتن کي سلام پر اڄ ڪلهه جن عورتن جون اخبارن ۾ تصويرون اچن پيون ڇا اهيو اسلامي معاشري مطابق آهن؟؟ اگر ڪا عورت پنهنجي ڪنهن به فن ۾ ترقي ڪري ٿي ته هن ۾ ڪو به حرج ناهي ۽ اُن عورت کي پسند به ڪيو وڃي ٿو ، باقي بالي وڊ وانگر لباسن جون مشورين واريون عورتون جتي ڪٿي خراب تصور ڪيون وينديون.
 
بلڪل درست ادا
 
Back
Top