محمد خان سيال جون ساروڻيون / 06 ـ قسط / ڪالهه گَڏيوسوُن ڪاپڙي.....!!

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,177
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    My Memoirs - 06
    ڪالهه گڏيوسون ڪاپڙي
    19 ـ مرد کي زنانا ڪپڙا پهرائڻ:
    اسان ڳوٺ کان لڏي پڙهڻ لاءِ نوابشاهه آيا سين ته ان وقت ڳوٺ ۾ اسان وٽ ٻه طوطا (نر ۽ مادي) هوندا هئا جيڪي اسان ٻيلهاڙيَ (امان جو اصل ڳوٺ)، تعلقي گنبٽ کان تڏهن آندا هئا جيڪي اڃا تازا ڄاوا هئا ـ جن کي اسان بعد ۾ ٿورو گھڻو ڳالهائڻ به سيکاريو هو ـ هاڻ انهن طوطن کي نوابشاهه آڻڻ وڏو مسئلو هو ـ پهريان ته بڇيري ريلوي اسٽيشن وارن سان رابطو ڪيوسين پر هنن ڪو وٺُ ڪونه ڏنو ـ ڪڏهن ته پيسا جھجھا پيا گهرن ۽ ڪڏهن وري اتي جو اتي چون پيا ته اسان طوطا بوڪ ڪونه ڪنداسون ـ مون سان گڏ اسان جو مائٽ بهادر سيال ولد مٺل سيال هو (اصل رهاڪو ڳوٺ سرائي رتو سيال، ويجھو ڀاڳو ديرو، درٻيلو) ساڻ هوندو هو جيڪو شرارتن ۾ مون سان سدائين ڀاڱي ڀائيوار هوندو هو ۽ اسان روزانو نيون شرارتون ڪندا رهندا هئاسين تنهن ڪري سوچيم ته کيس زنانا ڪپڙا ۽ برقعو پارائي طوطن جو پنڃرو ڏيان ته ريل ذريعي نوابشاهه کڻي هلي ـ
    اسان جي ذات واري هڪ عورت مائي بيبان، بڇيري شهر ۾ رهندي هئي ـ ان جي گھر ويا سون ۽ بهادر کي زنانا ڪپڙا پارايم پر زنانا ڪپڙا پائڻ کانپوءِ محسوس ڪيم ته ائين ڪم نه هلندو ۽ اجايو جھلجي پونداسون تنهن ڪري موٽي اچي، وري ريلوي وارن سان بحث ڪيم جيڪي اڳ وانگيان بوڪنگ جو هڪ ڊگھو، ڏکيو ۽ مهانگو طريقو ٻڌائي رهيا هئا ـ آخر اتي بيٺل ريلوي جي هڪ اڻ واقف شخص واهر ڪئي جنهن جو چوڻ هو ته مان طوطا پنڃري ۾کڻي هلان ٿو ، توهان کي نوابشاهه ريلوي اسٽيشن اُڪاري ڏيندس ـ هن شخص ائين ئي ڪيو ۽ اسان جي مفت ۾ واهر ڪيائين ـ
    ڪيترن ورهين کانپوءِ بهادر مليو ته کيس زنانا ڪپڙا پهرائڻ وارو قصو، سڀني کي کلي کلي ٻڌائيندو رهيو ـ

    20 ـ سڄي حياتيءَ جو افسوس:
    هڪ ڀيري اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ شخص گھوڙي تي مڇيون وڪڻڻ آيو ـ مڇيون ته گھوڙي جي مٿان ٻنهي پاسن کان رکيل ڄار ۾ پيل هيون جنهن ۾ وڏا وڏا سوراخ ٺهيل هئا ـ ڪيترا ڳوٺاڻان، مڇيون وٺڻ لاءِکيس وڪوڙي ويا ـ ڪجھه ماڻهن ته کانئن مڇيون به خريد ڪيون جڏهن ته هڪ ٻن جي ذهنن ۾ شرارت آئي سيَ گھوڙي جي ٻئي پاسي ڄار جي وڏن سوراخن کان مڇيون ڪڍي سڀني ۾ ورهائيندا ويا ـ هڪ وڏي مڇي اسان جي حصي ۾ به آئي جيڪا گھر کڻي آياسين ـ گھر ۾ ائين ڪرڻ تي دڙڪا مليا ته چوريءَ جي شي اسان کي ڦرندي ناهي سو ڇو کڻي آيا اٿوَ؟ (اهڙي شي ڪڏهن ڪڏهن ايندي هئي ته وري ٿڏي تي ٻيڻ يا چئوڻ تي ڪو نه ڪو اوچتو نقصان ٿي ويندو هو) ـ پر ڇا ڪجي ڪو چارو به ته ڪونه هو جو ايتري دير ۾ مڇي وڪڻڻ وارو هليو ويو هوـ

    21 ـ ڪتي جو موت:
    هڪ ڀيري گجراواهه جي پل وار ٿي ڪيم ته ڏٺم ته هڪ ڪتو پل جي اوڀاري طرف وچ پاڻيءَ ۾ ڪاهي پيو، جڏهن هو تري ڪناري جي ٻي ڀر پهچڻ وارو هو ته مون پل وار ڪري کيس ڀتر هڻي وچ پاڻيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو ۽ وري جڏهن ٻي ڀر نڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ساڳي ڪارروائي ڪيم ـ اهڙي ريت ڪتو ته ٻڏي مري ويو ـ ان وقت ته پنهنجي ڪارنامي تي خوش ٿيس پر پوءِ سڄي حياتي انهيءَ تي افسوس ٿيم ته آخر مون بي گناهه جانور جي ڇو جان ورتي؟

    22 ـ ڊگھي ڄمار ماڻڻ لاءِ رڇ جي سواري:
    ڳوٺن جا ماڻهو به گھڻو وهمي ٿيندا آهن ـ اهو عام خيال هوندو هو ته جيڪڏهن ڪنهن ننڍي ٻار کي رڇ تي ويهارجي ته ان جي ڄمار وڏي ٿيندي ـ پر اهو به ٿي سگھي ٿو ته اهڙي ڳالهه رڇ واري فقير پنهجي ڪمائيءَ وڌائڻ لاءِ هُلائي هجي ـ مونکي به ڌنڌلي ياد آهي ته امان مونکي به هڪ ڀيري رڇ تي ويهاريو هو ـ
    اسان جي ڳوٺ ۾ ڀولڙي وارا فقير به ايندا هئا، ڪي ڇوڪرا رونشي خاطر ڀولڙن کان جيئون به ڪڍرائيندا هئا ـ اهو به سمجھيو ويندو هو ته جيڪڏهن جيئون ڪڍرائڻ مهل ڪو ٻار بار بار ڪنڌ ڌوڻيندو ته ڀولڙو کيس ٿڦڙ (چنبو) وهائي ڪڍندو پر اسان اهڙو واقعو ڪونه ڏٺو ـ

    23 ـ ڄئورن جو ڪارج:
    اسان جي ڳوٺ ۾ ڄئورون هڻائڻ وارا به ايندا هئا ـ اسان جي ڏاڏي، گلي تي ڄورون هڻائيندي هئي جيڪي ڄميل رت چوسي ڪڍنديون هيون ـ چون ٿا ته اهي ڄورون جيڪڏهن هڪ ڀيري هڻائجن ته پوءِ هر سال هڻائڻيون پونديون هيون ڇاڪاڻ ته اهي درد کان عارضي ڇوٽڪارو ڏينديون هيون ـ

    24 ـ سنڌ سان عشق جي شروعات:
    مون پرائمري جا پهريان ٽي درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾پڙهيا ـ اسان جي ڪلاس ۾ سنڌ جو نقشو لڳل هوندو هو پر هڪ ڏينهن هڪ شاگرد سائين بخش بلوچ چيڪي مٽيءَ مان سنڌ جو نقشو ٺاهي کڻي آيو جيڪو سڀني شاگردن کي ڏيکاريائين ۽ اهو مون کي ڏاڍو وڻيو، ڄڻ ته منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويو ـ تن ڏينهن ۾ مان پهرين يا ٻئي ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ـ ڪڏهن ڪڏهن مونکي ائين لڳندو آهي ته سنڌ سان منهنجي عشق جي شروعات، انهيءَ ڏينهن کان ٿي جنهن ڏينهن مون سنڌ جو چيڪي مٽيءَ کان ٺهيل اهو سهڻو نقشو پهريون ڀيرو ڏٺو هو، جيڪو گھڻيَ عرصيَ گذرڻ جي باوجود مون کان اڄ تائين ناهي وسريو ـ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو