رضوان ساند
سينيئر رڪن
ميان مٺو، انجلي ۽ اسين
ميان مٺو هر ڀيري هڪ نئين ڪڌي ڪارروائيءَ سان سامهون اچي ٿو. ڪالهه رنڪل ۽ اڄ انجلي ۽ سڀاڻي ٻي ڪنهن نياڻيءَ جو وارو اچي سگهي ٿو. رڳو هڪ ماڻهو ڏهرڪيءَ جو ميان مٺو، سنڌ جي امن پسند، لبرل ۽ سيڪيولر سڃاڻپ لاءِ للڪار بڻيل آهي، جيڪو کلي عام هندو نياڻين کي مسلمان بڻائي، انهن کي پرڻائڻ وارو ڪارخانو هلائي رهيو آهي. سڀ سنڌي، حڪومت، قانون، قومي سياسي جماعتون، سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جون تنظيمون ۽ عورتن جي آزاديءَ ۽ حقن لاءِ سرگرم گروهه، ملي به، هڪ پيراڻي گاديءَ کي اهڙن غيرقانوني، غيرانساني، اقليتن کي آزاريندڙ، فرقيواريت جي باهه پکيڙندڙ عملن کان روڪي نه ٿا سگهن. اهڙي ڪمزور، غيرمحفوظ ۽ ڪنهن ارادي ۽ تحرڪ کان وانجهيل ۽ کوکلي سماج ۾ رهندي سچ پچ شرم ٿو اچي؟