دنيا ۾ موجود خوبصورت مسجدون

ALI AKBAR SHAR

سينيئر رڪن
مسجد مسلمانن لاءِ هڪ مقدس مقام آهي. مسجد ۾ سڀ مسلمان گڏ ٿي عبادت ڪندا آهن. پوري دنيا ۾ مسجدون اسلامي ثقافت جي نمائدگيون ڪنديون آهن. مڪي ۾ موجود مسجد حرام مسلمانن لاءِ مقدس مقام آهي جڏهن ته مسجد نبوي سعودي عرب جي شهر مدينه منوره ۾ قائم اسلام جي ٻئين مقدس ترين جاءِ آهي. ڪجهه خوبصورت مسجدن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تعمير ٿيل آهن.

Grand Mosque Pakistan

گرينڊ جامع مسجد کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي مسجد جو اعزاز حاصل آهي ۽ هي دنيا جي ستين وڏي مسجد آهي. ان مسجد جو افتتاح ڪجهه ڏينهن پهرين ٿيو آهي. لاهور جي علائقي بحريه ٽائون ۾ تعمير ٿيل هن مسجد ۾ هڪ وقت 70 هزار ماڻهو جماعت سان نماز ادا ڪري سگهن ٿا. 165 فٽ بلند 4 مينارن سان گڏ اعظيم مينار ۽ 20ننڍن مينارن تي مشتمل هي مسجد پاڪستان ثقافت ۽ اسلامي آرڪيٽيڪچر جو منفرد نمونو آهي.

A%2039699_23.gif




Sheikh Zayed Mosque – United Arab Emirates

متحده عرب امارات ۾ واقع هن مسجد جي خوبصورتي ڏسڻ سان تعلق رکندي آهي. 82 مينار تعمير ڪيا ويا آهن. جڏهن ته مسجد کي سون جي پاڻي سان چهڙايو ويو آهي. ان مسجد ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو هٿ جو ٺاهيل ڪالين وڇايل آهي. مسجد جي مرڪزي هال ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو فانوس لڳل آهي. ان سان گڏ خوبصورت تالئو تعمير ٿيل آهن جيڪي مسجد جي حُسن کي وڌاين ٿا.

B%2039699_25.gif


Mevlana Mosque – Rotterdam

هي خوبصورت مسجد نيڌرلينڊ جي شهر Rotterdam ۾ آهي. ان مسجد کي 2001 ۾ تعمير ڪيو ويو هو. هي مسجد 2006 ۾ ٿيڻ واري ووٽنگ ۾ Rotterdam جي سڀ کان وڌيڪ پرڪشش عمارت جو اعزاز رکي ٿي.

C%2039699_03.gif




Akhmad Kadyrov Mosque in Grozny – Chechnya

هي خوبصورت مسجد چيچنيا جي گادي جي هنڌ Grozny ۾ واقع آهي. هن مسجد کي چيچنيا جي دل به چيو وڃي ٿو. مسجد ۾ تعمير مينارن 62 ميٽر ڊگها آهن. ان مسجد ۾ هڪ وقت 10 هزار ماڻهو نمازپڙهي سگهن ٿا. هن مسجد جو افتتاح 16 اڪٽمبر 2008 ۾ ٿيو هو.

D%2039699_27.gif




Hassanil Bolkaih, Mosque

هن مسجد جو مڪمل نالو Jame Asr Hassanil Bolkiah آهي ۽ هي برونائي ۾ واقع آهي. ان مسجد کي 1992 ۾ تعمير ڪيو ويو هو. ان وقت جي سلطان جي حڪومت کي 25 سال مڪمل ٿيڻ تي هن کي تعمير ڪيو ويو هو. هي برونائي جي سڀ کان وڏي مسجد آهي.

E%2039699_05.gif




Hassan II – Casablanca

مراڪش ۾ موجود هي حسين و جميل مسجد اسلامي تعمير جو هڪ اعلي نمونو آهي. هن مسجد جو افتتاح 1993 ۾ ٿيو. مسجد جي مينار جي ڊيگھ 210 ميٽر جڏهن ته ان جو فرش مڪمل ماربل جو آهي. ان مسجد ۾ هڪ وقت 1 لک ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا.

F%2039699_29.gif




The Shah Alam Mosque – Malaysia

هي مسجد ملائشيا جي شهر Kuala Lumpur ۾ موجود آهي. ۽ هن تصوير ۾ مسجد جي خوبصورتي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان مسجد کي ملايئشيا جي سڀ کان وڏي مسجد جو اعزاز حاصل آهي. ان مسجد جي تعمير 1982 ۾ شروع ٿي ۽ 1988 ۾ مڪمل ٿي.

G%2039699_07.gif




Al-Saleh Mosque – Sana’a, Yemen

يمن جي شهر صنعا ۾ تعمير ٿيل هي مسجد پنهنجي شهر جي سڀ کان وڏي ۽ جديد مسجد آهي. مسجد شهر جي ڏاکڻي حصي ۾ واقع آهي. هِن مسجد جو افتتاح 2008 ۾ يمني صدر علي عبدالله صالح ڪيو. 27300 چورس ميٽر ايراضي تي ڦهليل هن مسجد ۾ 44 هزار نمازي هڪ وقت نماز ادا ڪري سگهن ٿا.

H%2039699_31.gif




Mohammad Ali’s Mosque – Egypt

هي مسجد مصر جي دارلحڪومت قائرا ۾ موجود آهي. هي قائرا جي وڏي مسجد آهي ۽ ان شهر ۾ اچڻ وارا سياح سڀ کان پهرين ان مسجد جو رخ ڪندا آهن. ان مسجد جي تعمير 1830 کان وٺي 1848 جي وچ واري عرصي ۾ ٿي هوئي

I%2039699_09.gif


The Jumma Masjid Mosque

دلڪش مسجد براعظيم آفريڪا جي ملڪ موزمبيق جي گادي جي هنڌ Maputo ۾ واقع آهي. ۽ ان جي تعمير مڪمل ٿيڻ تائين سياحن جو اچڻ منع هو.

J%2039699_11.gif




Istiqlal Grand Mosque – Indonesia

انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ موجود هن خوبصورت مسجد جا ست دروازه آهن جن جا نالا الله تعالي جي نالن سان رکيل آهن هي مسجد عوام جي لاءِ 1978 ۾ کولي وئي هئي. ان مسجد جي تعمير تي 17 سال لڳا.

K%2039699_13.gif




Melaka Straits Mosque – Malaysia

هي خوبصورت مسجد ملائيشيا جي منصوعي ٻيٽ Malacca تي تعمير ڪئي وئي آهي. ان کي ڏسي ائين محسوس ٿيندو آهي جيئن پاڻي جي سطح بلند ٿيندي آهي ۽ هي مسجد لهرن سان وهڻ شروع ٿي وڃي. هن مسجد جو افتتاح 2006 ۾ ٿيو.

L%2039699_15.gif


Qul Sharif Mosque, Kazan

هي مسجد روس جي شهر قازان ۾ واقع آهي. هن جي تعمير ٿيڻ وقت هي روس جي سڀ کان وڏي مسجد هئي. هن مسجد جي تعمير 16 هين صدي ۾ ٿي ان جي تعمير ۾ ڪيترن ئي ملڪن فنڊ ڏنا هوئا. جن ۾ قابل ذڪر سعودي عرب ۽ متحده عرب عمارات آهن.

M%2039699_17.gif
 
Back
Top