• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعليم بچايو سنڌ سنواريو

تمام سٺي ڳالهه آهي.. دير آيد درست آيد
دل خوش ٿي وئي.. ڪجهه نه ڪجهه فرق ضرور پوندو..
اها مهم ڪامياب ٿي وئي ته ان طرح جا ٻيا به کوڙ سارا ناسور آهن.. جيڪي تعليم جي تباهي ۾ برابر جا شريڪ آهن.. ان ۾ قابل ذڪر ڪامريڊن جو لڏو آهي، جن کان ٻيو ته ڪجهه نه پڄندو آهي پر ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪندا ۽ سنڌي نوجوانن تي رغب ۽ داٻو رکندا آهن.. ۽ ڪاپي ڪلچر کي ڀرپور پذيرائي ڪندا اچن.. دير آهي انڌير ناهي، انهن جو وارو به ايندو، ضرور ايندو..
 
photo.php

ڦوٽو موڪلڻ واري جي بـ وڏي دشمني هئي لجپت مالهي سان جيڪو ڪاڻو ڦوٽو موڪليو آهي.
هي آهي لجپت مالهي جيڪو روزانه ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو رپوٽر آهي ان سان گڏوگڏ عمرڪوٽ ۾ وڏا گٽڪي جا ڪارخانا آهن ڪير به چوڻ وارو ڪونهي ان جي ڪري تـ هي علي قاضي جو بهادر صحافي آهي ڪاوش جي ڊيسڪ هر ميهني سڀ کان وڌيڪ پئسا ڏيندڙ ۾ پهرين نمبر تي آهي
 
photo.php

هي ڪو پوليس آفيسر يا وزير مشير ناهي ،هي همراھ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين ڪشمور جو رپورٽر آهي ، سندس ڀر ۾ ڪشمور جو ايس ايس پي نظر اچي رهيو آهي . جنهن علائقي جي ننڊن ڪامورن پوليس عملدارن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ،مجال آهي سنڌ پوليس جي ايس ايس پيز کي جو ضلعي اندر هن جي مرضي ۽ منشا کانسوا۽ ڪٿي ڪو منشيات جو وهنوار هلندو هجي ، پر هن نازڪ مزاج همراھ کان ڪاوش ڪي ٽي اين جي رپورٽنگ ڪرڻ سبب پنهنجي اصل ذميواري نڀائڻ وسريل آهي ، هي آهي ڪشمور جو مين آف ميچ گوسڙو ماستر . جيڪو برٿي ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسڪول ناهي ويو
 
photo.php
هي آهي نياز چانهيون جيڪو ڊرائنگ ماستر طور ڀرتي ٿيو آهي پر گوسڙو ماسترن جو سردار نڪتو ڪڏهن به اسڪول جو مونهن ڪونـ ڏٺو آهي توهان جي پ پ پ جي هر جلسي ۾ نوس نوس ڪندي نظر ايندو..!
 
تمام سٺي ڳالهه آهي.. دير آيد درست آيد
دل خوش ٿي وئي.. ڪجهه نه ڪجهه فرق ضرور پوندو..
اها مهم ڪامياب ٿي وئي ته ان طرح جا ٻيا به کوڙ سارا ناسور آهن.. جيڪي تعليم جي تباهي ۾ برابر جا شريڪ آهن.. ان ۾ قابل ذڪر ڪامريڊن جو لڏو آهي، جن کان ٻيو ته ڪجهه نه پڄندو آهي پر ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪندا ۽ سنڌي نوجوانن تي رغب ۽ داٻو رکندا آهن.. ۽ ڪاپي ڪلچر کي ڀرپور پذيرائي ڪندا اچن.. دير آهي انڌير ناهي، انهن جو وارو به ايندو، ضرور ايندو..
بلڪل درست سائين
 
گهٽ ناهي ڪيل ، ڪجهه گوسڙو استاد جن ڊرامن جو ٺيڪو کڻي قوم کي تباهه ڪرڻ جي رٿ رٿي آهي.

هي آهي دوست اسد قريشي سنڌ جو صدورو جيڪو ڌاڙيلن جا ڪردار ڪري ڪري سچي ۾ سرڪاري خزاني کي وڃي ڌاڙو هنيو اٿئين. هي صاحب ڪراچي جي شانتي نگر واري سرڪاري اسڪول ۾ اڳ ۾ پٽيوالو هيو هاڻي ماستر ٿيو آهي پر اسڪول وڃڻ هن کي معاف آهي. انهن کي ڪير ٻڌائي ته جيڪو پيسو بغير محنت جي ملي ٿو ڇا اهو اوهان جي اولاد تي حلال آهي ؟

1969227_736253983112377_5336181327097207840_n.jpg
 
10689549_354003831441912_363725461602869315_n.jpg


هن همراهه سان ملو، علي محمد عرف علي ٿهيم، ٽنڊو آدم جو صحافي گذريل 10 سالن کان ڳوٺ حاجي خان ٿهيم جو استاد آهي پر ڪڏهن اسڪول ڪونه ويو آهي.

يار سنڌ جي پارت ٿي ، ٻيلي ڏاهو ٿي، استادن کي بدنام نه ڪري اچي ٻار پڙهاء​

اڙي ڀيڻا هي ڇا ؟؟
ايڏو وڏو ڪُوڙ ؟ چاچو علي ته اسڪول ويندو آهي اها ڪنهن جي شرارت ٿي ڏسجي. چاچا علي جنهن اسڪول ۾ ماستر آهي اهو اسڪول ان جي گهر جي گهٽي جي سامهون آهي هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته اهو ماڻهو اسڪول نه ڏسندو ؟؟؟ ٻيلي ڏاها ٿيو.. جيڪي حقي آهن انهن کي ڀلي کڻي ڪجهه به چئو پر بيگناهه ڪنهن تي الزام ته نه هڻو.
 
هي طريقو ته ڀلو ليڪن هتي نشاندهي ٿيڻ سان ڪو ايڪشن به کڄي سگهي ٿو؟ هر شهر ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ موجود آهن ليڪن انهن کي نروار ڪير ڪري اڪثر دوستين جا ڀرم يا دشمني جو ڀﺅ. پوء ڪير اهڙي دليري يا بي وقوفي ڪري.
 
هي طريقو ته ڀلو ليڪن هتي نشاندهي ٿيڻ سان ڪو ايڪشن به کڄي سگهي ٿو؟ هر شهر ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ موجود آهن ليڪن انهن کي نروار ڪير ڪري اڪثر دوستين جا ڀرم يا دشمني جو ڀﺅ. پوء ڪير اهڙي دليري يا بي وقوفي ڪري.

سائين اهوئي سبب آهي جو ڪجهه پيغام ملڻ کانپوء اسان خاموش ٿي وياسين ... حڪومت کي، آفيسرن کي سڀ خبر آهي، پر نڀاڳا سڀ مليل آهن. هاثي جي اسان وڌيڪ ٿا لکون ته خاندان لاء به خطرا ٿا پيدا ٿين .. !!!!
 
هن موضوع ڇيڙڻ تي ڪجهه ميسيج مليا آهن ته اوهان پنهنجو ڪم ڪيو، هنن مسئلن ۾ نه پئو ... پريشان آهيان ته ڇا ڪيان، سلسلو اڳتي جاري رکجي يا اتي ئي الوداع ڪجي.
ادا وساڻ الوداع ڪڏهن نه ڪجو ، جيترو ٿي سگهن سنڌهي قوم جي مستقبل کي تباه ڪرڻ وارن کي ظاهر ڪندا رهو .
 
افسوس جو مقام استاد جن کي ماءَ پي سان ڀيٽو ويندو آهي اهي اسان جا دشمن......... سبب گورنمنٽ سختي نٿي ڪري تنهن جو عوام ناجائز فائدو پيو وٺي
 
Back
Top