محمد خان سيال جون ساروڻيون / 07 ـ قسط/ ڪالهه گڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    25 ـ انسانيت ۽ مساوات جو درس:
    اسان، جيڪي درسي ڪتاب ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسون تن ۾ خدا جي خوف، ڪنهن جي دل نه رنجائڻ، وطن جي حب، انسانيت ۽ پورهئي ۾ عظمت وارا سبق ڏنل هوندا هئا ـ مثال: پرائمريءَ جي پهرين ڪلاس ۾ اسان هڪ سبق پڙهيو جنهن جو عنوان هو: ڀنگي به اسان جھڙو انسان آهي، انهيءَ سبق ۾ مساوات جو درس ڏنل هوندو هو ته سڀني انسانن کي هڪجھڙو سمجھڻ گھرجي ـ هڪ ٻيو نظم هوندو هو: ڪوڏر کڻ تون ڪوڏر يار ان ۾ ٻڌايو ويندو هو ته پورهئي ۾ ئي عظمت آهي، گھڻو ڪري سمورا، نصيحت ڀريا سبق هوندا هئا ـ
    اسان ان وقت جي درسي ڪتابن ۾ پڙهيو هو: پاڪستان جو ابو محمد علي جناح جھرڪ (اڳ ضلعو ڪراچي، هاڻ ضلعو ٺٽو) ۾ ڄائو هوـ انهن ڏينهن ۾ جھرڪ تفريحي هنڌ طور مشهور هوندو هو ۽ وڏن وڏن ماڻهن جا گھر جھرڪ ۾ هوندا هئا، جھڙوڪ: اسماعيلين جو روحاني سربراهه ۽ جناح صاحب ـ جيئن ته پاڪستان ٺهڻ وقت جھرڪ، ڪراچي ضلعي ۾ هو سو هندوستان کان ورهاڱي وقت آيلن، اهي حقيقتون مِٽائي ڇڏيون ۽ سارو زور جناح صاحب جي پيدائش واري جاءِ کي جھرڪ بدران ڪراچي کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڏنائون ـ
    هونئن به سال 1948 ۾ جناح صاحب ڪراچي، سنڌ کان زوري ڇني الڳ ڪئي هئي ۽ اهو ڪُڌو ڪم، غدارسنڌ پير الاهي بخش کان ڪرايو ويو هو ـ اخباري خبرون موجب ڪيترا سال اڳ، اسلام آباد کان ڪي آفيسر آيا جيڪي جھرڪ جو اسڪول جو جنرل رجسٽر به پاڻ سان کڻي ويا هئا جنهن ۾ جناح صاحب جي ڄم وارو هنڌ جھرڪ لکيل هو ـ
    درسي پرائمري ڪتابن ۾ اهو به لکيل هو ته هالا جي هڪ سنڌي ڪلهوڙيَ، مسٽر جناح جي مالي مدد ڪئي ۽ پنج هزار روپيا ڏئي کيس قانون جي اعلى تعليم لاءِ لنڊن موڪليو هئائين ـ افسوس ته انهيءَ نيڪ مرد جو نالو، درسي ڪتابن مان نظرئي پاڪستان خلاف مواد ڪڍڻ جي بهاني، ڪڍي ڇڏيائون ـ
    جڏهن به مون پاسپورٽ ٺهرايو ته ان ۾ پيدائش جو هنڌ ڳوٺ بدران نوابشاهه لکي ڇڏيندا هئا ۽ ضلعيَ جو لفظ به نه لکندا هئا ـ اهڙي ريت جناح صاحب جي پاسپورٽ وغيرهه ۾ ڪراچي لکيل هو پر همراهن کي ڪير سمجھائي؟ هونئن به ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا آهن جيڏانهن کوڙ تيڏانهن کپندي آهي، تنهن وانگيان انهن همراهن کي جو وڻي سو ڪندا رهيا آهن ـ ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ثابت ڪرڻ ته سندن ڏائي هٿ جو کيل هوندوهو ـ نڪو کانئن ڪو پڇڻ وارو ، نڪو آکڻ وارو ھو ـ

    26 ـ پکي ڦاسائڻ:
    مان ننڍي هوندي، پکين کي ڦاسائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن گھر جي اڱڻ ۾ کارو ٽنگيندو هوس ـ گھڻو ڪري جھرڪيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳيرا چوڳي کي ڏسي ايندا هئا ته مان کاريَ جي رسي ڇڪي وٺندو هوس پر امان (الله تعالى شل جنت نصيب ڪريس) مونکي سدائين ائين ڪرڻ کان جھليندي هئي ۽ چوندي هئي: اها ڳالهه اسان کي ڪونه ڦَرندي آهي يعني ائين ڪرڻ سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان نقصان ٿي ويندو آهي، پوءِ مون ڏٺو ته ٿيندو به ائين هو تنهن ڪري مون پکي ڦاسائڻ ڇڏي ڏنا ـ

    27 ـ انوکي مٺائي:
    تن ڏينهن ۾ ننڍن شهرن ۾ مٺائيءَ جا دوڪان هرگز ڪونه هوندا هئا ـ اسان جي ڳوٺ ۾ اڪيلو دوڪان ملان محمد قاسم سيال جي گھر ۾ هو ۽ سندس زال سڀائي هلائيندي هئي ـ ملان قاسم نهايت ئي شريف انسان هو ۽ هروڀرو ڪنهن کي ڏيندو نه، ته ڏکوئيندو به ڪونه هوـ سندس اڪيلو پٽ ارباب سيال هو جيڪو گھڻو پوءِ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ـ
    ڪو خوشيءَ جو موقعو ايندو هو ته اسان ملان قاسم جي گھران نباتون، پتاشا، نقل ۽ مصري وٺي ايندا هئاسون ۽ ڪڏهن ڪڏهن مُستي (ڳڙ جي چُور) به ۽ ها، کٽمٺڙا ته ضروري ائٽم هوندو هو ـ خوشيءَ جي موقعي تي ته مُستي به ورهائبي هئي ـ

    28 ـ شل ڪنوار حلوائيءَ جي ڌيءُ ملي:
    ڪيترا ڳوٺاڻا نوابشاهه شهر کان گھمي ڳوٺ ايندا هئا ته کانئن شهر جو احوال وٺبو ته چوندا هئا: ڪاش! منهنجي شادي ڪنهن حلوائيءَ جي ڌيءُ سان ٿي وڃي ـ سندن مقصد مختلف مٺاين جا مفت ۾ مزا ماڻڻ هوندو هو پر مان سمجھان ٿو ته اڄوڪي دور ۾ اهڙي خواهش گھٽ ماڻهو ڪندا ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۾ جاڳرتا وڌي وئي آهي ته گھڻي مٺائي واپرائڻ سان شوگر ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون ٿين ٿيون ـ منهنجي خيال ۾ هاڻ ڪنهن سان دشمني ڪرڻي هجي ته جيڪر ان کي حلوائيءَ جي ڌيءُ پرڻائجي...!!

    29 ـ جنن، ديون ۽ پرين جون آکاڻيون:
    ڳوٺ ۾ اسان جي ڏاڏي اڪثر آکاڻيون ٻڌائيندي هئي جيڪي گھڻو ڪري جنن، ديون ۽ پرين بابت هونديون هيون ـ آکاڻين ۾ سٺو سبق ڏنل هوندو هو جيتوڻيڪ ڪي ڪهاڻيون ته نج تفريح جي لحاظ کان هونديون هيون ـ اسان جو چاچو محمد حسن سيال مرحوم (بابا جو ماروٽ) جيڪو اصل نيو مڃٺ، وايا ٺاروشاهه (هاڻ نوشهروفيروز ضلعو) جو رهاڪو هو ۽ ڳوٺ ۾ اسان سان گڏ رهندو هو سو به مون کي آکاڻيون ٻڌائيندو هو ـ ڪڏهن ڪڏهن اسان جو بزرگ ٺارو سيال مرحوم ڳوٺان (نزد ڀاڳوديرو) ايندو هو ته مون کي کوڙ ساريون آکاڻيون ٻڌائيندو هو جنهن ۾ چاردويش جو مشهور قصو به شامل هوندو هو ـ
    آکاڻين ۾ گھڻو ڪري اهو ٻڌايل هوندو هو ته ديو ڇهه مهينا سمهندو ۽ ڇهه مهينا جاڳندو هو ـ ڪو ڌڪ هڻندو هوس ته ڦٽجي پوندو هو ۽ ان کي ٻيهر ڌڪ هڻڻ لاءِ ٻاڏائيندو هو ـ ڪير غلطي وچان، کيس ٻيهر ڌڪ هڻندو هو ته هو نوبنو ٿي ويندو هو ۽ پنهنجون ظالماڻيون ڪارروايون جاري رکندو هو جن ۾ انسانن کي پنڊ پهڻ بڻائڻ به شامل هوندو هو ـ ديو جو ساهه سدائين وانگيان طوطيَ ۾ بند هوندو هو ـ ڪو انسان طوطيَ جي منڍي مروڙي ڇڏيندو هو ته طوطو ختم، ته ديو به ختم ـ پر اهڙين ڪهاڻين ۾ آخري ڪاميابي ڪنهن سهڻي پريءَ جي مدد سان انسان (مرد) جي ڏيکاريل هوندي هئي ـ آکاڻين کان پتو پوندو هو ته پريون ڏاڍيون خوبصورت هونديون هيون ۽ جنن، ديون ۽ پرين جو ٺڪاڻو ڪوهه قاف هوندو هو ـ اهو جبل ازبڪستان (پراڻو سوويت يونين) ۾ آهي ـ ڪوهه قاف 600 ڪلوميٽر ڊگھي جابلو سوڙهي پٽي وانگيان آهي جيڪا ڪاريَ سمنڊ (بليڪ سيِ) ۽ ڪيپسين سمنڊ جي وچ ۾ آهي ـ
    انهن آکاڻين ۾ هڪ ڪارائتي شي جيڪا مون کي گھڻو متاثر ڪندي هئي سا ديون بابت هوندي هئي ـ جڏهن ڪو انسان ديو کي ڏسندو هو ۽ کيس ڊپ ٿيندو هو ته متان ديو لوهه جو ڪوٽ اڏيَ ان ۾ کيس بند نه ڪري ڪري ڇڏي يا پنڊ پهڻ نه ڪري ڇڏي ته پوءِ تڙ تڪڙ ۾ وڃي ديو جي پيرن تي ماما....ما ما چئي هٿ رکندو هو ته ديو کيس ورندي ڏيندو هو: ما ما.....ماما نه چوين ها ته توکي سرنهن جيڏا داڻا ڪري ڇڏيانِ ها، هاڻ ماما سڏيو اٿيئي سو جيڪو گُھرڻو اٿيئي سو گُھر....پر ڀاڻيجو ته سر جيئدان گھرندو هو، سو کيس ملندو هو ـ سو اهو هو: ماما لفظ جو ڪمال ـ مان به ڪڏهن ڪڏهن عام ڳالهين ۾ سرنهن جي داڻن جو مثال ڏيندو آهيان ـ
    مختصر ته اهڙي ڪهاڻين ۾ اهو به ٻڌايو ويندو هوته جڏهن سرنهن جي ڦولار ٿيندي هئي ته انهيءَ خوبصورت نظاريَ تي پريون لهنديون هيون ـ انهيءَ کان علاوهه ڪهاڻين ۾ راڪاس جو به ذڪر هوندو هو ـ جڏهن راڪاس ايندو هو ته اڳواٽ ڌرتي زور سان ڌٻندي هئي ـ پوءِ، مينهن ڪَڻيون پونديون هيون ۽ زوردار هوا لڳندي هئي ـ آخر ۾ راڪاس، آدم بوءِ...آدم بوءِ ڪندو اچي نازل ٿيندو هو ۽ روزانو هڪ ماڻهوءَ جو دان وٺندو هو ـ آخر ۾ ڪو بهادر انسان اُٿي ان راڪاس کي ماري ڇڏيندو هو ـ
    انهيءَ کان علاوهه آکاڻين ۾ اڏند کٽولين جو ذڪر به هوندو هو جنهن تي ويهي کيس هلڻ لاءِ چئبو هو ته هلنديون هيون ۽ جت لهڻ لاءِ حڪم ڏبو هو ته اتي سڌي ريت هيٺ لهنديون هيون ـ جيڪڏهن هوا ۾ کيس بيهڻ لاءِ چئبو ته بيهي رهنديون هيون ـ ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته هاڻوڪي دور جا هيلي ڪاپٽر ، انهن اڏند کٽوليءَ واري خواب جي ساڀيان آهن جن ۾ هوا ۾ بيهڻ ۽ جنهن هنڌ کيس لاهجي ته اتي سڌي ريت هيٺ لهڻ جي صلاحيت هوندي آهي ـ
    اهڙين آکاڻين کان علاوهه وتائيَ فقير جا نصيحت ڀريا گفتا هر محفل ۽ هر گھر جي سونهن هوندا هئا ۽ ماڻهو کلي کلي کيرا ٿي پوندا هئا ـ
    انهيءَ کان علاوهه شاهه لطيف جا بيت هر وقت پيا دهرائبا هئا ۽ ماڻهو بيتن جون سٽون پڻ چوَڻين طور ڪم آڻيندا هئا، جهڙوڪ: صبر جنين جو سير، تير نه گسي تن جو ، تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، وغيره ـ جيڪڏهن سچ جي ڳالهه ڪبي ته گامون سچار جا گفتا به ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ـ اڪثر چئبو هو: سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ يعني سچ جو سدائين مان مٿاهون ٿيڻو آهي ـ
    شاهه جي عوامي هجڻ جو ڪاٿو ان کان ئي لڳائي سگھجي ٿو ته هر سنڌي پوءِ پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل، ننڍو هجي يا وڏو، عورت هجي يا مرد ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ ڪٿي به رهندڙ ڇو نه هجي، کيس شاهه جو بيت ضرور ياد هوندو ۽ ائين اسان جي ڳوٺ ۾ به ٿيندو هو ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو