مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو دوروگهٽ

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو دورو پوڻ جو خطرو هنن ماڻهن کان گهٽ آهي جيڪي مڇي نه کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن. اِها ڳالهه سويڊن جي ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي ماهرن سوزانه لارسن، نڪولا ۽ سني جي سائنسي اخبار ”اسٽروڪ“ ۾ ڇپيل تازي رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي.


    ماهرن جو چوڻ آهي ته مڇي ۾ موجود اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ سان بلڊ پريشر ۽ ڪولسٽرول تي سُٺو اثر پوي ٿو جنهن سان فالج جو خطرو پڻ گهٽجي ٿو. اِهو نتيجو آمريڪا، يورپ، جاپان ۽ چين ۾ جاري 15 ريسرچز جو آهي. هنن مان هر ريسرچ ۾ ماڻهن کان پڇيو ويو ته اُهي هفتي ۾ ڪيترا ڀيرا مڇي کائيندا آهن بعد ۾ 4 کان 30 سالن ۾ اِهو ڏٺو ويو ته هنن مان ڪيترن ماڻهن کي فاليج جو اٽيڪ ٿيو.


    آمريڪا جي هاورڊ اسڪول ۾ وچڙندڙ بيمارين جي ماهر دار يوز مظفرئين چيو ”منهنجو خيال آهي ته مڇي ۾ ڪل اوميگا ٿري سان گڏ اضافي غذائي خاصيتون موجود آهن جنهن سان فاليج جو خطرو گهٽجي ٿو.“


    مظفرئين چيو ته مڇي ۾ موجود وٽامن ڊي، سلينيم سان گڏ مختلف پروٽينز سان فالج کان بچاءُ ٿيندو آهي. هن چيو ته انهيءَ ڳالهه جا ثبوت مليا آهن ته هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مڇي کائڻ صحت لاءِ فائديمند آهي.


    ريسرچ جا انگ اکر 30 کان 103 سالن جي عمر جي 4 لک ماڻهن کان گڏ ڪيا ويا آهن. هر هفتي ٻه ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو خطرو 6 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو.


    هر ريسرچ ۾ ڪثرت سان مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فاليج جو خطرو هنن ماڻهن کان 12 سيڪڙو گهٽ آهي جيڪي تمام گهٽ مڇي کائيندا آهن. مظفرئين جي ريسرچ سان خبر پئي آهي ته تريل مڇي يا فش سينڊوچ کائيندڙ ماڻهن کي فالج ۾ فائدو نه ٿيو پر سندس موجب حالي ريسرچ سان اِهو ثابت ٿيو آهي ته بنا تريل مڇي کائڻ سان فالج جو خطرو گهٽجي ٿو.


    سندس چوڻ هو ته فالج جو خطرو گهٽائڻ لاءِ صحتمند خوراڪ کائڻ، وڌيڪ ايڪسرسائز ڪرڻ سان گڏ روٽين چيڪ اپ ڪرائڻ جو شعور بيدار ڪرڻ هنن ماڻهن لاءِ به فائديمند آهي جيڪي مڇي هرگز نه کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,200
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مڇي کائڻ جو شوق مونکي به هوندو آهي .... پر يار تازي مڇي ملڻ مشڪل آهي هتي ڪراچي ۾
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,662
    ورتل پسنديدگيون:
    6,918
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    تازي مڇي سانگهڙ (بقار ، چوٽياريون ڊيم) جي ڀلي ٿئي ٿي... ڪڏهن اچو ته تازي مڇي ترائي رکندس :)
     
  4. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مڇي اسان جي علائقي جي ڀلي آهي ڏنڀرو،ڪُرڙو،ته ڪمال آهي اچو ته صلاح اٿوَ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,200
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تازيءَ مڇيءَ لاء ڪجهه به ڪري سگهجي ٿو ..... اسان جو هڪ دوست اهڙو به آهي جيڪو مانيء لاء ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. ڪيئن ادا عرس پريو صاحب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,662
    ورتل پسنديدگيون:
    6,918
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    ته پوءِ ڪڏهن ٿا قرب جا قدم ڀري اچو ؟؟
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,200
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس جلد اچبو ... نومبر جي آخر يا ڊسمبر
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    هون به سائين سنڌي ۾ چوڻي آهي ته” مڙس اهڙيون مهلون ناهن وڃائيندا“
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو