محمد خان سيال جون ساروڻيون / 08 ـ قسط / ڪالهه گڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,166
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    30 ـ ثقافتي سرگرميون:
    ڳوٺ جو بنگلو ثقافتي سرگرمين جو مرڪز هوندو هو ـ روزانو رات جو ڪچهري ٿيندي هئي ـ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ جي حد تائين راڳ جي محفل به ٿيندي هئي ـ هڪ ڀيري ڳوٺ ۾ رهندڙ دليل سيال گھاگھر وڄائي هڪ ڪلام ڳايو: پائيندڙ ۾ جا پوندي وئي، سا چوندي وئي، منهنجو من ميهار سان، جنهن کي سڀني پسند ڪيو ۽ ڪيترا ورهيه گذرڻ جي باوجود مون کي اڄ به ياد آهي ـ
    اڪثر نڙ تي به بيت ڳائبا هئا ـ چاچا محمد مٺل سيال مرحوم (بهادر سيال جو والد ۽ بابا جو ويجھو مائٽ)، چاچا محمد حسن وانگيان اسان وٽ رهندو هو سو مون کي پهرين ڪلاس ۾ نئين داخلا ملڻ تي، هٿن تي زوري اسڪول کڻي ويندو هو ۽ مان دانهون ۽ ڪُوڪون ڪندو سندس پٽڪو به لاهي ڇڏيندو هوس جيڪو گھٽيءَ ۾ گھلبو رهبو هو ـ کيس ڪيترن ورهين کانپوءِ اوچتو نڙ جي سُر تي بيت ڳائڻ جو شوق جاڳيو ـ پوءِ، مختلف ڳوٺن ۾ ٿيندڙ چٽاڀيٽين ۾ به کيس گھرائيندا هئا جتي هو داد وٺندو هو ـ
    مونکي ياد آهي ته هڪ ڀيري جاوگر به آيو ـ ان وقت اسان جو اسڪول بنگلي سان لڳ اولهه طرف هو جت بعد ۾ هڪ ننڍڙي اوطاق ٺاهي وئي هئي ۽ اسڪول کي بنگلي جي اوڀر طرف شفٽ ڪيو ويو هو ـ پراڻي اسڪول سان گڏ اسان جو پراڻو گھر هوندو هو ـ پوءِ، اسان اهو گھر شفٽ ڪري بنگلي جي پويان نئين گھر ۾ وياسين ـ اُتي مسجد هوندي هئي جنهن جي ٻاهران سرنهن جو وڻ هوندو هوـ ان جي ڀر ۾ خميسيَ کوکر (سيد حاجي اسدالله شاهه جو سهرو جنهن سندس ٻين نياڻين، هڪ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻي، سان شاديون ڪيون هيون) جو گھر هو ۽ ان جي ڀرسان اسان جو گھر ۽ آخر ۾ انهيءَ قطار ۾ محمد پريل ولد موسى سهتيَ جو گھر هوندو هو ـ جڏهن اسان گھر شفٽ ڪيو ته مون ڪاغذن وجھڻ واري ڪاري رنگ جي هڪ ٽري هٿ ۾ کڻي پراڻي گھر کان نئين گھر آندي هئي، سا اڃا به ڌنڌلي ياد اڃا به اٿم، پوءِ اها ٽري نوابشاهه به کڻي آيا هئا سين ـ
    جادوگر آيو ته بنگلي ۾ اچرج ۾ وجھندڙ اٽڪلون اسان شاگردن کي ڏيکاريون هئائين جهڙوڪ: رومال مان جيئرو ڪبوتر ڪڍڻ ۽ وري غائب ڪرڻ ، ٽوپلو هڪ شخص جي جسم سان بار بار ڇُهي پيسا ٺاهڻ وغيره پر اسان شاگردن کي ڏاڍو مزو آيو هو ـ

    31 ـ رونشي خاطر ڦڪي:
    ٻارن کي نقل ڪرڻ جي گھڻي عادت هوندي آهي ـ هڪ ڀيري اسڪول ۾ نئون استاد قطب ڪونڌر آيو (استاد محمد خان ڪونڌر جو ڀاءُ جنهن مون کي پهريون درجو پڙهايو هو، اصل ويٺل خانواهڻ) ـ استاد قطب کي ٻيڙي ڇڪڻ جي عادت هوندي هئي سا ڇڏڻ لاءِ ڦڪي تيار ڪيائين جنهن ۾ ڦودني جون ٽڪيون، مصري وغيره شامل هيون ـ بس اسان کي به اهڙو موقعو الله ڏياريو ـ ڦڪيءَ ۾ پوندڙ سڀ شيون وٺي آياسين، گھر ۾ انهن کي پيهي ڦڪي تيار ڪئي سون جيڪا هڪ ننڍڙي دٻليءَ ۾ وڌي سون ـ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ اهو چئي دٻلي کولي کائيندا هئاسون ته اسان کي به ٻيڙيءَ جي ٻاڙ لڳي آهي، جيتوڻيڪ اسان ٻيئي ڀائر ٻيڙي ڪونه ڇڪيندا هئاسون پر رونشو ڪرڻو هو سو ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان پيا ڪندا هئاسين ـ وهي ئي اهڙي هئا..!!

    32 ـ سنڌي مهمان نواز:
    سڄي دنيا ۾ سنڌي مهمان نواز ليکيا ويندا آهن ـ مشهور هندوستاني اداڪار دليپ ڪمار سان جيڪو به سنڌي ملندو آهي تنهن سان سڀ کان اڳ سنڌين جي مهمان نوازيءَ جو ذڪر ڪندو آهي ـ سال 1988 ۾ دليپ ڪمار اسان جي پي آءِ اي هيڊآفيس، ڪراچيءَ ۾ آيو جت سندس آدرڀاءُ ڪرڻ وارن ۾ مان به شامل هوس پر جيئن ته انهيءَ موقعي تي پيهه گھڻي هئي سو انهيءَ موضوع تي ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي سگھي هئي پر سچ اهو آهي ته اها مهمان نوازي سنڌين کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي ـ
    اسان جي ڳوٺ ۾ ماڻهو سنڌين جي مهمان نوازيءَ جو اڪثر ذڪر ڪندا هئا ۽ ٻڌائيندا هئا ته سال 1947 ۾ ورهاڱي وقت هنن ڪهڙي نه ريت، هندوستان کان آيل مهاجرن جي واهر ڪئي هئي ـ ڳوٺاڻا چوندا هئا ته مهمان الله تعالى جي رحمت آهن ـ هاڻ صورتحال اها آهي: آئي ٽانڊي ڪاڻ بورچياڻي بڻجي ويٺي پر سچ ته ڳالهه ان کان به چڙهي وئي آهي ۽ عرب ۽ ان جي اٺ وارو قصو بڻجي ويو آهي جو اٺ سيءَ جو بهانو بڻائي پهريان ننڍڙي تنبوءَ ۾ منڍي گھيڙائي، پوءِ ڳچي، پوءِ ٽنگون ، پوءِ ڍڍري ۽ آخر ۾ پويون ٽنگون به اندر ڪيائين ـ جيئن ته تنبوءَ ۾ جاءِ ٿوري هئي سو عرب کي ڌڪي تنبوءَ کان کڻي ٻاهر ڦٽو ڪيائين ۽ پاڻ ساري تنبوءَ تي قبضو ڪري ڇڏيائين ـ
    هاڻ ڌاريا چون ٿا: اسان ئي رڳو سنڌ ڌرتيءَ جا خيرخواهه آهيون ۽ ڌرتيءَ جا سپوت يعني سنڌي ناهن ۽ اهڙي ريت هو سنڌ ڌرتيءَ تي مڪمل قبضي ڪرڻ جون سازشون ڪن پيا ـ اسان جي ڳوٺ ۾ به وڏڙا گھڻو ڪري سنڌين جي مهمان نوازيءَ جامثال ڏيندا رهندا هئا ۽ ٻڌائيندا هئا ته هنن ورهاڱي وقت آيلن جي ڪهڙيءَ نه ريت واهر ڪئي هئي ـ ڪاش! سنڌي اڳ ۾ اک پٽين ها ۽ دين جي نالي ۾ دوکو نه کائين ها...!!

    33 ـ ڪيپسول نه کائڻ:
    مان ڳوٺ ۾ بيمار ٿي پيس ته علاج لاءِ نوابشاهه آيس جو ڳوٺ يا بڇيريءَ ۾ ڪا اسپتال ڪونه هئي ـ ننڍي لاڪون، منهنجي لاءِ سڀ کان مکيه مسئلو ڪيپسول ڳڙڪائڻ هوندو هو ـ گھڻو پاڻي پيئڻ جي باوجود، ڪيپسول منهن ۾ ئي رهجي ويندو هو ۽ اندر وڃڻ جو نالو ئي نه ڳنهندو هو ـ نوابشاهه ۾ مسجد روڊ تي ڊاڪٽر صوفي جي ڪلينڪ هوندي هئي ـ 50 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ نوابشاهه کي ڇڏي وڃي سيالڪوٽ جا وڻ وسايائين جو اصل اتان جو هو ـ سال 1960 ڌاري بابا، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا (اڳ سرحد صوبو) گھمڻ ويو ته سيالڪوٽ به ويو ۽ موٽڻ تي ٻڌايائين ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪلينڪ تي ڊاڪٽر صوفي نوابشاهه واليَ لکايو آهي ـ ڊاڪٽر صاحب نه رڳو بابا کي رهايو پر کيس سوکڙيون پاکڙيون به ڏنائين ـ پوءِ، مون پي آءِ ايَ ۾ نوڪري ڪرڻ دوران ڏاڍي ڪوشش ڪئي جو اسان جي آفيس پبلڪ رليشنس ۾ هڪ آفيس اٽينڊنٽ نظير ڪم ڪندو هو جيڪو اصل سيالڪوٽ جو رهاڪو هو جنهن جو چوڻ هو ته اناج منڊي، سيالڪوٽ ۾ ڊاڪٽرن جون گھڻيون اسپتالون آهن پرافسوس ته ڊاڪٽر صوفيءَ جو ڪو ڏس پتو ڪونه پيو ـ
    مان سڄي حياتيءَ ۾ ڊاڪٽر صوفي کي وساري ڪونه سگھيس ڇاڪاڻ ته هڪ ڊاڪٽر جو سڀاءُ سٺو هوندو هو ۽ ٻيو ته سندس ڪوششن جي باوجود مان ڪڏهن به ڪيپسول ڳڙڪائي نه سگھيس جيڪي ڊاڪٽر جي چواڻي بيماريءَ کان جند ڇڏائڻ لاءِ ضروري هوندا هئا ـ

    34 ـ تارون کڻڻ جو انوکو طريقو:
    اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو تارون ڪرندي پوندو هو ته ان کي کڻڻ لاءِ انوکو طريقو اختيار ڪندا هئا ـ متاٿر ماڻهوءَ کي ڪنهن ٽه واٽي يا چو واٽي تي بيهاري، سندس تارونءَ هيٺان آڱر رکي، کيس ٿورو مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ـ چوندا هئا ته ٽي ڀيرا ائين ڪرڻ سان مسئلو نبيرجي ويندو آهي ـ اهو ڪم اڪثر نورمحمد شيخ عرف نورو (مسلمان ٿيڻ کان اڳ ڇٻل) ڪندو هو ـ بهرحال، ان ۾ ڪيتري سچائي هئي سو مان ته نه ٿو چئي سگھان جو ان وقت مان ننڍڙو هوس پر جيڪي ڏٺو اٿم سو لکيو اٿم ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو