• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ دشمنن کي، لائين ڏيڻ جي ڪوشش!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
هڪ سنڌي قوم پرست پوسٽنگ ڪري الطاف حسين کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن هو مهاجر صوبو ٺاهڻ چاهي ٿو يا ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ چاهي ٿو ته ترت گوريلا وار شروع ڪري ـ هڪ ٻئي سنڌيءَ، الطاف حسين لاءِ ڄاڻايو آهي ته سندس 50 هزار يا لک ماڻھو ريڊ زون ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهن ته اسين ڇا ڪنداسين؟

منهنجي خيال ۾ اهڙي ريت لساني تنظيم جي سربراهه کي لائين ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر ممڪن آهي ته مان غلط هجان سو اوهان پنهنجي راءِ جو کليءَ دل سان اظهار ڪريو ته مهرباني ٿيندي ـ
 
مان سمجهان ٿو ته اسٽيبلشيمينٽ ۽ خاص ڪري پنجاب جا سياستدان اهو ڪونه چاهيندا .... ڇو ته ايئن ڪرڻ سان ڪراچي تي مهاجرن ۽ باقي سنڌ تي سنڌي جاگيردارن جي اجاراداري ٿي ويندي ۽ هو جيڪي سنڌ جا وسيلا مرڪز يا وفاق جي نالي تي کائي رهيا آهن اهي آسانيء سان ڦٻائي ڪونه سگهندا.

پر انٽرنيشنل سازش ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ آمريڪا، برطانيه يا هندستان جا مفاد ٿي سگهن ٿا. اهي چاهيندا ته لساني جهيڙا ڪرائي مهاجرن لاء پليٽ فارم حاصل ڪري پنهنجا مقصد ماڻين.

وڌيڪ ته ڪي تاريخ جا ڄاڻو ئي ان تي پنهنجي راءِ ڌئي سگهن ٿا.
 
سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ ايم .ڪي. ايم سالن کان وٺي گوريلا ويڙه ته وڙهي رهي آهي ۽ پنهنجي دهشت ۽ وحشت پکيڙي رهي آهي .باقي ٻيو پنهنجو ڪهڙو منهن ڪارو ڪري سگهندي ؟ ڪو پرامن شهري ، ڀتو نه ڏيندڙ،ڪاروباري ماڻهو، پوليس ، رينجرس ۽ ڪهڙن فوجين کي انهن بخش ڪيو آهي يا ڇڏيو آهي . نه ڇڏيو اٿن ڪو وڪيل ، جج ، هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ کي ، ڪهڙو صحافي ، اينڪرپرسن ، اخبارمالڪ ، دانشور يا ڪو حڪومت جو ڪارندو انهن جي ڪيل ڏوهن جو يا ڪنهن دهشت گرد ڏوهي جو نالو ته کڻي ڏيکاري ، معلوم هوندي به هرڪو رڳو ائين پيو چوي ته نامعلوم دهشت گرد .اهي نامعلوم دهشت گرد آخر آهن ڪير ؟
ٻيو رهي ڳاله ڌرڻن هڻڻ جي ڪراچي هجي اسلام آباد ايم .ڪيو .ايم شوق سان وڏو ۽ ڊگهي وقت جي لاءِ ڌرڻو هڻي ،ان ۾ اسان سنڌين جو ڪهڙو نقصان ٿيندو ،اسان ته اڳيئي سڀ ڪجه ڦرايو وينٺا آهيون ، هاڻي اسان وٽ باقي ڦرائڻ جي لاءِ رهيو ڇا آهي ؟ پنجابن کي جڏهين پاڻ کي نقصان پنهنچندو ته اهڙا کڻي پادر ٺوڪيندن جو کين اصلي ناني ياد اچي ويندن .
 
هاڻي اسان وٽ باقي ڦرائڻ جي لاءِ رهيو ڇا آهي ؟............. سائين جواب آهي: سنڌ جي وحدت
 
سائين انهن جي پيءُ کي به طاقت ناهي ، جدا ملڪ ٺاهڻ جي ته ڳاله پري ،پر جدا صوبوئي نه ٿا ٺاهي سگهن .ڳاله ڪهڙي ٿا ڪريو ؟ ايترا سست نه ٿيو ۽ همت نه هاريو. ان جي لاءِ اسان کي پنهنجي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين تي نظر رکڻي پوندي ،ڌيان ڏيڻو پوندي ۽ انهن جي ورجاءَ ڪرڻ کان توبه ڪرڻي پوندي . باقي اسان ڪريون ڪجه به نه ۽ هٿ تي هٿ رکيو ويٺا رڙيون ڪريون ۽ غلطين سان گڏوگڏ غلطيون ڪندا رهون ، ته پوءِ هو سڀ ڪجه ڪري سگهن تا .
 
سائين اصل مسئلو اهو ته آهي ته ٻليءَ کي گھنڊڻي ٻڌي ڪير...؟؟
 
Back
Top