• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اردو پريس جي صحافتي بدديانتيءَ جو نئون مثال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
تازو پاڪستان مسلم ليگ سنڌ شاخ جي هڪ وفد اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفد جي ميمبرن کي وزيراعظم يقين ڏياريو ته سنڌ جي وحدت برقرار رکي ويندي ۽ هو سنڌ جي وحدت تي پختو ويساهه رکي ٿو ـ اها خبر ٻن مکيه اردو اخبارون ايڪسپريس ۽ جنگ شايع ڪئي پر خبر ۾ سنڌ جي وحدت کي برقرار رکڻ واري ڳالهه غائب هئي البت سنڌي اخبارون ۾ اها خبر شايع ٿي ـ

اٽڪل 8 يا 10 ڏينهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي وفد وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ ۾ نون صوبن ٺاهڻ تي زور رکيائون جنهن جي موٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو انهيءَ مامري تي سنڌ سرڪار سان ڳالهائيندو ـ اردو اخبار روزاني ايڪسپريس انهيءَ خبر کي بينر ليڊ اسٽوري ڪري هلايو ـ

ڇا اها اردو پريس جي صحافتي بدديانتي ناهي؟ ائين لڳي ٿوته اردو پريس، پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هيلتائين پنهنجي اعتراض جوڳي روش کي اڃا تبديل ڪونه ڪيو آهي ـ
 
Back
Top