رنڪل ڪماريءَ کان انجلي ٻائيءَ تائين عبدالخالق جوڻيجو هڪ دفعو وري سنڌ جي قومي غيرت تي حملو ڪيو ويو آهي. هڪ دفعو وري سنڌ جي قومي وحدت تي وار ڪيو ويو آهي ۽ وار ڪندڙ اهي ئي پراڻا ويري پير، مير، وڏيرا، سردار ۽ ڪامورا آهن جيڪي پنهنجي خسيس ذاتي، خانداني ۽ گروهي مفادن خاطر سنڌ جي اجتماعي قومي مفادن کي داءُ تي لڳائيندا رهندا آهن. جيڪي دولت جي چند سِڪن خاطر سنڌ جي عزت، عظمت ۽ عصمت جا سودا ڪندا رهندا آهن. عظيم تهذيب جي وارث ۽ انسانيت جي علمبردار هن ڌرتيءَ تي انسانيت جو اُجرو دامن داغدار ڪندا رهندا آهن. سنڌ جي سري (مٿي) واري ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ اڍائي سال اڳ ۾ سنڌ جي هڪڙي نياڻي رنڪل ڪماريءَ کي اغوا ڪيو ويو هئو ۽ پوءِ سوين گاڏين ۾ ڀريل هزارين بندوق بازن جي لشڪر جي گهيري ۾ هڪڙي پير جي ڪوٽ ۾ قيد ڪري ان کي ’مسلمان‘ ڪيو ويو. مون ان وقت هڪ مضمون ۾ لکيو هو ته بندوق بازن جو اهو لشڪر محمد بن قاسم جي ان لشڪر جو نئون جنم آهي، جنهن پورا تيرهن سئو سال اڳ گهوٽڪيءَ جي ڀرسان سنڌ جي تخت گاهه تي حملو ڪري سنڌ جي راجا، ڏاهر جي نياڻين سميت اسان جي هزارين مائرن ۽ ڀينرن کي اغوا ڪري بغداد ۽ دمشق جي بازارن ۾ واڪ جي ٻولي لڳائي انهن جو نيلام ڪيو هو ۽ پنهنجي عصمت ۽ سنڌ جي عظمت کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ رنڪل جيڪا مزاحمت ڪئي هئي. ان بابت مون لکيو هئو ته رنڪل جديد سنڌ جي مارئي آهي. پر ٻنهي ۾ فرق اهو هئو ته رنڪل کي اغوا ڪندڙ عمر سومري جي ڪُڙم جو فرد نه پر محمد بن قاسم جي قبيلي جو يادگار هئو. هن ۾ سنڌي حاڪم جهڙي فضيلت، اخلاق ۽ ڪردار نه پر عرب غاصب جهڙي وحشت ۽ دهشت هئي. اڄ وري ان ئي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ سنڌ جي هڪ ٻي نياڻي انجلي ٻائي ميگهواڙ کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ ان ۽ ساڳئي پير جي خونخوار لشڪر جي گهيري ۾ ان کي ’مسلمان‘ ڪري ان جي مريد سان زبردستي شادي ڪرائي ويئي آهي. مرضيءَ سان مسلمان ٿيڻ وارو جيڪو ڪوڙ رنڪل جي معاملي ۾ ڳالهايو ويو هو انجليءَ جي معاملي ۾ ته اهو به نٿو ڳالهائي سگهجي. ڇاڪاڻ ته هوءَ ته ٻارنهن سالن جي صغير ٻار آهي. ٻار ته نڪو مذهب اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو/ٿي ۽ نه ئي شادي ڪرڻ جو. رنڪل وانگر انجلي لاءِ به ان پير مڃيو آهي ته ”مون کيس مسلمان ڪيو آهي“ پر ڇوڪري پنهنجي مرضيءَ سان مسلمان ٿي آهي‘ رنڪل معاملي وانگر هاڻي به ان سوال جو وٽس ڪهڙو جواب آهي ته جيڪڏهن مرضيءَ سان ٿي آهي ته پوءِ اهي دهشتگردن جا لشڪر ڇا جي لاءِ ؟ ٿاڻي تي حملا ڇالاءِ ۽ عدالتن جا گهيراءُ ڇالاءِ؟ پر انهن ۽ انهن جهڙن ٻين سوالن تي مان گهڻو نه لکندس ڇاڪاڻ ته اها صورتحال ڪا اوچتي ۽ اڪيلي ناهي ۽ رنڪل ۽ انجلي رڳو ٻه مارئيءَ جون مائٽياڻيون ناهن جن سان اها ويڌن ڪئي وئي آهي. اهي ٻه واقعا ته سنڌي سماج جي هڪ پراڻي رسندڙ ناسور جا رڳو ٻه علامتي اظهار آهن. اهڙا واقعا لڳ ڀڳ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان رپورٽ ٿيندا ٿا رهن ۽ ڪيترائي اڃا اهڙا به هوندا آهن جيڪي رپورٽ ئي ڪونه ٿيندا آهن، نه پوليس وٽ، نه ميڊيا وٽ ۽ نه ئي ڪوئي سياسي يا سماجي ڪارڪن انهن تائين پهچندو آهي. هي ٻه واقعا وڌيڪ نمايان ٿيڻ جو هڪڙو اهم سبب اهو آهي ته انهن ۾ مزاحمت ٿي آهي. رنڪل ڪماريءَ پاڻ قاتل بندوق بازن کان وٺي پوليس ٿاڻي تائين ۽ مئجسٽريٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڪمري تائين زبردست مزاحمت ڪئي. جڏهن ته انجليءَ جي معاملي ۾ ان جي مسڪين ’کيت مارن‘ مزاحمت ڪئي. ان پير جي پرڪارن تي به گهڻو نه لکندس ڇو ته اها ڪهاڻي هو روز دهرائي ٿو ۽ اها هاڻي ان جي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي. ملير جي مارئين جو اهو روز روز کوهه تان کڄڻ هاڻي سنڌي سماج جي آڏو هڪ زمين کان آسمان جيڏو سوال بڻجي ويو آهي. اهو اسان سنڌين جي اجتماعي غيرت کان به سوال آهي. جنهن سماج اندر ايڪويهين صديءَ ۾ فرون وسطيٰ واري اونداهي دور جا عمل معمول بڻيل هجن ڇا ان کي هڪ صحتمندسماج چئي سگهجي ٿو؟ اهو سڀ ڪجهه ٿيندي، ڏسندي، سهندي ۽ خاموش رهندي ڇا اسان پاڻ کي دنيا جي مهذب معاشرن ۾ شمار ڪرائي سگهون ٿا؟ سنڌي قوم جي قدامت ۽ عظمت جي علامت ۽ دنيا ۾ ان جي سڃاڻپ جو اهڃاڻ موهن جو دڙو آهي. پر موهن جي دڙي۾ ته بادشاهه پير (Priest king) ۽ ناچڻي ناري گڏ بيٺل نظر اچن ٿا، انهن ٻنهي جي سنڌي تهذيب جي مهانتا ۾ هڪ جيتري حيثيت آهي. سنڌي سماج جا مختلف حصا، مختلف طريقن سان ۽ مختلف حوالن سان ان ابتي موٽ ۽ تنزليءَ واري صورتحال لاءِ ذميوار آهن سڀ کان پهرين اهاجماعت جيڪا ذري گهٽ اڌ صديءَ کان سنڌي ماڻهن جي مدد، حمايت ۽ قربانين جي زور تي اقتدار جا مزا ماڻيندي ٿي رهي. تازو وري ان جماعت جي اڳواڻن نئين سر پاڻ کي ’سنڌ جو پروانو‘ ثابت ڪرڻ لاءِ هوشو شيديءَ جو نعرو هنيو آهي ته ’مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون‘ (ان تي ڪونه ٿا وڃون نه ان وطن دوستيءَ جي علامت بڻيل نعري جو حشر ڪهڙو ڪيو ويو آهي) سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ رڳو زمين جو هڪڙو ٽڪرو آهي، جنهن کي توهان جڏهن چاهيو جنهن کي چاهيو ۽ جيتري ملهه تي چاهيو وڪڻندا رهو؟ سنڌ ته هزارين سالن کان ڪروڙين سنڌين جو وطن آهي، اهو انهن جو گهر يعني پناهه گاهه آهي ۽ اهي ان جا مالڪ ۽ وارث آهن. ۽ سنڌي معنيٰ سڀ سنڌي. هن ڌرتيءَ تي سڀني سنڌين جي هڪ جيتري حيثيت، هڪ جيتري اهميت ۽ هڪ جيتري عزت آهي پوءِ اهي ڪهڙي به ذات ۽ برادريءَ سان تعلق رکندا هجن ۽ ڪهڙو به ڌنڌو ڪندا هجن. تڏهن ئي موهن جي دڙي کانپوءِ ٻي سنڌ جي عظمت جي علامت شاهه لطيف چيو ته ’ڪين پڇي ٿو ذات، جيڪي آيا سي اگهائيا‘ پر جيڪڏهن ڪو فرق ڪرڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي تاريخ کان گواهي وٺو ۽ سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان پارٽيءَ جي ليڊرن کان اڳ ۾ مهنجو هن ڌرتيءَ تي حق آهي، رنڪل جو حق مون کان به اڳ ۾ آهي ۽ انجليءَ جو حق رنڪل کان به اڳ ۾ آهي. جيڪڏهن سنڌ جي تحفظ جي دعوا ڪئي ٿي وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي/هجڻ کپي ته سنڌ جي انهن ماڻهن جو تحفظ ڪيو وڃي. انهن جي زمين جو تحفظ ڪيو وڃي. انهن جي وسيلن جو تحفظ ڪيو وڃي، انهن جي گهرن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ سڀ کان وڌيڪ انهن جي عزتن جو تحفظ ڪيو وڃي. عزت سڀني انسانن جي هڪ جيتري آهي ۽ سنڌ جي هن سهڻي ڌرتيءَ کي اسان مان سڀني کان اڳ ۾ آباد ڪندڙ جي حيثيت ۾ انجليءَ ٻائيءَ جي عزت سڀني کان اوليت رکي ٿي. توهان چئو ٿا ته سنڌي ماڻهن توهان کي حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو آهي، ته پوءِ توهان کي اهو به معلوم هوندو ته حڪومت جو سڀ کان اولين فرض ماڻهن جي زندگي، ماڻهن جي ملڪيت ۽ ماڻهن جي عزت جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي. نه رڳو حڪمران جي حيثيت ۾ رنڪلن ۽ انجلين جي عزت جي تحفظ جا توهان ذميوار آهيو پر هتي ته صورتحال اُها آهي ته انهن جي عزتن تي حملا ڪندڙ ۽ انهن جي عصمتن جا سودا ڪندڙن کي توهان جو تحفظ حاصل آهي جو هڪ طرف انتظامي عملدار توهان جا ماتحت آهن ته ٻئي طرف ان سڄي واردات جو سرپرست پير توهان جي پارٽيءَ جو ميمبر آهي. ان لحاظ کان توهان جي ذميواري ٻيڻي آهي. ڇا توهان اها ذميواري پوري ڪري رهيا آهيو؟ يا رڳو ڏورانهن ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي ’اقليت جي حقن جي تحفظ‘ جون دعوائون ڪري رهيا آهيو؟ چيو وڃي ٿو ته هي ميڊيا جو دور ِآهي ۽ سنڌي ميڊيا جي اها دعويٰ آهي ته انهن سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، گهڻي حد تائين اها ڳالهه درست به آهي پر جڏهن سوال انهن مسئلن جي بنيادي ڪارڻن ۽ ذميوارين جي تعين ڪرڻ ۽ حل ڪڍڻ جو اچي ٿو ته ان صورت ۾ سنڌي ميڊيا جو رول ايترو بهتر ڪونهي. سنڌي ميڊيا گذريل اڌ صديءَ کان سنڌ تي حڪومت ڪندڙ هڪ خاندان کي ايترو مٿي اڀاريو آهي جو اهو سنڌ کان به مٿانهون سمجھيو ٿو وڃي. سنڌ جي ايندڙ نسلن جي اجتماعي مفادن کان ان خاندان جي ايندڙ اليڪشني ۽ اقتداري مفادن کان وڌيڪ اهم تصور ڪيو ٿو وڃي. ان جو نتيجو اهو ٿيو آهي ته ان خاندان جا فرد پاڻ کي ڪنهن به قسم جي پڇاڻي کان آجو ٿا سمجھن. راجا ڏاهر، دريا خان، شاهه لطيف، الله بخش سومرو، جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي به سنڌ کان مٿانهان ناهن. ۽ جيڪڏهن اهي ناهن ته پوءِ ٻيو ڪير به نٿو ٿي سگهي. چيو ويندو آهي ته سائين ’سنڌ جي نياڻي‘. بلڪل مڃيوسين. سائين ’سنڌ جي عظيم نياڻي‘ اهو به مڃيوسين ته عظيم نياڻي. پر پوءِ سنڌ جي نياڻي هڪڙي ته ناهي نه. رنڪلون ۽ انجليون به ته انهيءَ ئي سنڌ جون نياڻيون آهن جن جي عزتن تي روز حملا ٿين ٿا ۽ اڪثر معاملن ۾ سنڌ جي عظيم نياڻيءَ جي پارٽيءَ سان واڳيل ماڻهون ملوث هوندا آهن. سو سنڌي ميڊيا کي ان پارٽيءَ جي ليڊر جا رڳو اهي بيان ڇاپڻ/نشر ڪرڻ نه کپن ته”اسان اقليتن جو تحفظ ڪنداسين“ پر عملدرآمد ۽ نتيجن بابت به انهن کان پڇاڻو ڪن ۽ ليکو چوکو ڪري ٻڌائين ته حڪومتي سطح تي انهن ڪيتري ذميواري پوري ڪئي آهي ۽ پارٽيءَ جي ڪيترن ماڻهن جي خلاف قدم کنيو آهي. ان کانپوءِ ذميواري اچي ٿي اسان قومپرستن جي، اسان جي ذميواري ۽ اسان جو ڪردار ان لحاظ کان اهم ٿئي ٿو ته اسان جي جدوجهد جو بنيادي مقصد آهي ئي رياست، حڪومت ۽ اقتداري پارٽين جي غلط فيصلن ۽ سنڌ مخالف ڪردار جو ٽوڙ ڪرڻ. اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن هڪ مضبوط قومي تحريڪ جڙندي ۽ قومي تحريڪ مضبوط تڏهن ٿيندي جڏهن ان جي نظرياتي بنيادن کي مستحڪم ڪبو ۽ ان جي عالمگير، اصولن ۽ قدرن جي مڪمل نموني ۽ واضح طور پوئيواري ڪبي. پر افسوس ته گذريل 20-25 سالن کان اسان قومي تحريڪ جي نظرياتي بنيادن ۽ بنيادي قدرن کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي. جيڪي آهن سيڪيولر هجڻ، عوام دوست هجڻ، جاگيردار مخالف ۽ سامراج دشمن هجڻ، ان جي بجاءِ اسان ٻن ڳالهين يا عملن کي قومي تحريڪ قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. هڪڙو ته حڪمرانن طرفان اٿاريل وقتي مسئلا جن کي ميڊيا به نمايان جڳهه ڏئي ۽ ٻيو اهو ته ڪنهن به طرح ۽ ڪنهن به قيمت تي ماڻهون گهڻا گڏ ڪجن پوءِ ڀلي اُهي ڇو نه کڻي قومي تحريڪ جي بنيادي مقصدن جي خلاف هجن. اهڙي طرح ۽ ان ڪوشش ۾ اسان جاگيردارن، پيرن، ميرن ۽ مُلن سان گڏ وڃي بيهون ٿا جيڪي ڪنهن به جديد قومي تحريڪ جا فطري دشمن ٿين ٿا. ان سان مذهب جي بنياد تي سنڌي نياڻين جي اغوا ۽ نيلاميءَ جهڙا عرب سامراجين وارا ڪرتوت ڪندڙ جاگيردارن، پيرن ۽ ملن کي مڃتا ۽ موقعو ملي وڃي ٿو. وقتي معاملن يا اشوز جي سياست ڪرڻ جو نتيجو اهو ٿو ٿئي ته اسان پنهنجو تعين ڪيل رستو ڇڏي مخالفن جي ميدان ۾ فٽبال وانگر هيڏانهن کان هوڏانهن ڌڪجون ٿا پيا. جيڪڏهن نسل پرست سنڌ جي ورهائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته اسان ان جي خوف ۾ بنياد پرست ملن سان وڃي ٿا ملون، جيڪي سنڌين کي قوم ئي نٿا مڃين. وري جيڪڏهن اُهي مُلا مذهب جي نالي ۾ ڌارين ماڻهن جي سنڌ ۾ آبادڪاريءَ جي وڪالت ٿا ڪن ته اسان اهڙن پيرن ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي وڃي ٿا نڪرون جيڪي سنڌي هندن جي ملڪيتن ۽ عزتن تي حملا ڪري سنڌي قوم تي هڪ دفعو وري 1947ع جهڙو وار ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. ان جو صرف هڪڙو تازو مثال اهو آهي ته صرف ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ جڏهن وزيرستاني پناهگيرن (IDPS) کي روڪڻ جي مهم هلي ته ڪجهه قومپرست دوست انهن وڏيرن، پيرن ۽ آفيسرن وٽ مدد لاءِ پهچي ويا جيڪي هينئر انجليءَ جي اغوا ۽ عصمت دريءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح ملوث آهن. سڀ کان وڌيڪ ان صورتحال جو ذميوار ۽ ڏوهي هن ملڪ جو رياستي نظام آهي. ان ۾ جيئن ته سنڌ جي حيثيت هڪ ڪالونيءَ واري آهي تنهن ڪري سنڌي ماڻهن جي، سواءِ حاڪمن جي ايجنٽن جي، حيثيت ٻئي درجي واري آهي ۽ وري سنڌي هندن جي ته اڃا به ٽئين درجي جي. ان ڪري انهن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين وقت سمورا رياستي ادارا انهن جي مخالف صفن ۾ بيٺل هوندا آهن. رنڪل ڪماريءَ جي معاملي ۾ حد جي صوبيدار کان وٺي سمورا پوليس آفيسر، انتظامي عملدار، وزير ۽ اعليٰ عدالتن جا جج سڀ جا سڀ اسان جي خلاف ٿي بيٺا هئا. ان وقت جو پاڪستان جو چيف جسٽس جيڪو وڏو انصاف پسند ۽ عوام دوست هجڻ جو دعويدار هئو، ان جي اڳيان جڏهن ناقابلِ ترديد ثبوت پيش ڪيا ويا ۽ خود ڏاڍ ڏمرجي ماريل رنڪل رڙيون ڪري پنهنجي مظلوميت بيان ڪئي ته انصاف جي ان اعليٰ عملدار منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيو. ٻين ڪيترن معاملن ۾ فوجي جرنيلن کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندڙ ۽ پوليس جي آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي جا ٻلا لهرائيندڙ چيف جسٽس سنڌي نياڻيءَ سان ٿيل ايڏي انياءَ تي هڪ صوبيدار کي به ڪجهه نه ڪري سگهيو، نه چئي سگهيو. انجلي ٻائيءَ جي معاملي ۾ به لڳ ڀڳ اهڙي ئي صورتحال آهي. آخر ۾ ڪجهه لفظ سنڌ جي پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جي لاءِ: توهان مذهب جي بنياد تي تفريق ڪري سنڌي هندن جي ملڪيتن ۽ عزتن تي حملا ۽ قبضا ڪريو ٿا پر ياد رکو! ان سان هڪ طرف مذهبي نفرت کي هٿي ملندي ته ٻئي طرف مذهبي انتهاپسنديءَ جي ٻرندڙ باهه کي هوا ملندي ۽ جڏهن اها باهه ڀنڀٽ ٿيندي تڏهن رڳو سنڌ جي هيءَ ٻاجھاري ڌرتي ۽ ان جا مسڪين ماڻهو ڪونه سڙندا پر توهان به ان جي شعلن کان بچي نه سگهندئو، ڇاڪاڻ ته پوءِ ’سُڪن سان گڏ ساوا به سڙندا‘ سنڌ جا ظالم پير، مير، وڏيرا! تاريخ جي فيصلي کان ڊڄو، پنهنجن سان ڦٽائي ڌارين کي دعوت نه ڏيو. تيرهن سئو سال اڳ ۾ جڏهن مذهب جي نالي ۾ عربن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ سنڌ جي نياڻين کي اغوا ڪري عرب جي بازارن ۾ وڪيو ويو هئو ته انهن ۾ رڳو غريب سنڌين جون نياڻيون ڪونه هيون، اميرن جون به هيون، سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن طرفان مذهبي منافرت ڦهلائڻ سبب سنڌ جي عوام ۽ انهن جي وچ ۾ وٿي اچي ويئي ۽ پوءِ نه رڳو چئن ڪلاڪن ۾ انگريز انهن کي شڪست ڏني پر انهن مير حاڪمن سان گڏ انهن جي عورتن سان جيڪي ڪجهه ٿيو اهو تاريخ جو حصو آهي. 1947ع ۾ (اڄ وانگر) توهان هندن کي ملڪيتن جي لالچ ۽ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، پر پوءِ انهن جي جاءِ تي جيڪي ماڻهون آيا اُهي اڄ اسيمبليءَ جي فلور تي توهان کي ڳچيءَ مان جھلي توهان جي ’اصليت‘ ياد ٿا ڏيارين ۽ توهان ڪنڌ جھڪايو بيٺا آهيو. تڏهن داغستاتي محبِ وطن اديب رسول حمزه توف لکيو ته ’توهان جيڪڏهن تاريخ کي پستول جو نشانو بڻائيندا ته تاريخ توهان کي توب جو نشانو بڻائيندي‘.
توهان جيڪڏهن تاريخ کي پستول جو نشانو بڻائيندا ته تاريخ توهان کي توب جو نشانو بڻائيندي پر اسان سدائين تاريخ کي لتاڙيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان سنڌي پنهنجي بقا جي جنگ پيا لڙون ۽ ڌرتي پيرن هيٺان نڪرندي پئي وڃي.
ليک پورو پڙهن جو ته وقت ناهي پر جيڪو سمجهيو اهو هيو ته ماين سان وڏو ظلم پيا ڪن پير پر ڇا ڪنهن عورت کي پنهنجي زندگي گذارڻ جو پاڻ کي ڪو حق ناهي مٿي ٻڌايل ٻئي مايون پنهنجي مرضي سان مسلمان ٿيون آهن پر کين خبر هئي ته جيڪڏهن ڪنهن معتبر ماڻهون جي ڇانو ۾ نه رهيوسين ته ٻنهي طرفان ماريون وينديوسين ان ڪري هنن پير وٽ اچي پناه ورتي پر اسان سنڌي اففف تڏهن ته ڪڏهن اسان کي مسخرو ته ڪڏهن اسان کي ذليل ڪندڙ لفظن سان سڃاتو ٿو وڃي
زاهد سومرا صاحب ! پهريائين ڪا به شيءِ پوري پڙهبي يا ڏسبي آهي ،ائين اندازن تي ان مٿان بحث ناهي ڪبو . پهريائين سڄو مضمون پڙهو يا اتان جي حالتن کان واقف ٿيو ، پوءِ ڪا راءِ ڏيو تجه بهتر ٿيندو .