محمد خان سيال جون ساروڻيون / 10 ـ قسط./ ڪالهه گَڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,166
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    41 ـ نوان نوان تجربا:
    پرائمريءَ ۾ پڙهڻ مهل، ڪڏهن ڪڏهن مون کي نون تجربن ڪرڻ جو شوق جاڳندو هو ـ هڪ ڀيري چاچا محمد حسن سيال کي، بڇيريءَ کان نوابشاهه لاءِ خط موڪليم ـ سوچيم ته جواب ڏيڻ ۾ کيس تڪليف نه ٿئي، سو پوسٽ ڪارڊ وٺي لفافي جي پويان چنبڙائي ڇڏيم ـ تن ڏينهن ۾ لفافو ٻن آنن جو هوندو هو ـ پوءِ، چاچا محمد حسن ٻڌايو ته ٽپال کاتي وارن، ائين ڪرڻ تي کانئس ڏهه آنا ڏنڊ ڀرائي ورتو ۽ جيڪا تن ڏينهن ۾ لفافي جي ڀيٽ ۾ پنجوڻ تي گھڻي رقم هئي ـ

    42 ـ وڏين ڪرينن کان ڊپ:
    هڪ ڀيري ڳوٺ کان بڇيري شهر ڏانهن پنڌ وڃي رهيا هئاسين ـ ريلوي اسٽيشن جي دِڪيَ وٽ بُنڊن جا وڏا وڏا ڍير لڳل هوندا هئا جيڪي خبر ناهي ته مال گاڏين ذريعي ڪٿان ايندا هئا ۽ ڪيڏانهن ويندا هئا، ڄڻ ته اهي ٽرانزٽ ۾ اتي پيل هوندا هئا ـ اتي وڏيون وڏيون ڪرينون به بيٺل هونديون هيون ـ هڪ ڀيري چاچا محمد حسن کي ڪهڙي شرارت ذهن ۾ آئي سو مونکي چيائين: هيءُ ڪرينون ٻارن کي ڪنن کان جھلي مٿي کڻي وينديون آهن ـ پوءِ، جڏهن مان اتان ٻه چار ڀيرا اڪيلو لنگھيس ته تڪڙ تڪڙ ۾ لنگھي ويندو هوس ته متان ڪرين نه مونکي ڪن کان جھلي مٿي کڻي وٺي ـ
    انهيءَ کان علاوهه، مان جڏهن وار ٺهرائڻ بڇيري ويندو هئس ته چاچا محمد حسن وري شرارت ڪري حجم کي چوندو هو ته هن جا ٻيئي ڪن ڪپي ڇڏ ۽ اها ڳالهه ٻڌي حجم به ها ۾ ها ملائيندو هو ـ جيتوڻيڪ ظاهري طور مون کي پڪ هئي ته ائين ڪونه ٿيندو پر پوءِ به تحت الشعور ۾ اهڙو ڊپ ضرور رهندو هو ـ تڏهن ته ٻارن جا ماهر، اها صلاح ڏيندا آهن ته ٻارن کي هروڀرو نه ڊيڄاريو ڇاڪاڻ ته انهن جي تحت الشعور ۾ اهڙو ڊپ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ برقرار رهندو آهي ـ

    43 ـ انوکيون دعائون:
    ڳوٺ ۾، ڪنهن کي به، زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ماڻڻ لاءِ دعائون ڪبيون هيون ته ان جو طريقو مختلف هوندو هو ـ مثال: ڳوٺ جا ڪي ماڻهو اهڙيون دعائون ڏيندا هئا ته الله تعالى تو کي ڪنهن اهڙي عهدي تي پهچائي جتي راڄ تنهنجي ڪڍَ هجن ـ تن ڏينهن ۾ پنهنجا پنهنجا ڪم ڪار ڪرائڻ لاءِ ڪنهن جي پويان گھڻن ماڻهن جو گڏ هلڻ، انهيءَ شخص لاءِ عزت جي نشاني سمجھي ويندي هئي ـ
    عورتون هن ريت دعائون ڪنديون هيون: الله تعالى تو کي پٺاڻي زال ڏيندو هو ڇاڪاڻ ته پٺاڻيون خوبصورتيءَ جو مثال هونديون هيون ـ اهڙيون کوڙ ساريون دعائون مونکي به مليون پر انهن دعائن جو اڳتي هلي مون تي ڪو گھڻو اثر ڪونه پيو ڇاڪاڻ ته منهنجي زال، پٺاڻي نه پر سنڌياڻي آهي ـ
    عورتون گھڻو ڪري اهڙيون به دعائون ڏيندو هيون: الله تعالى تو کي ستن پٽن جو پيءَ ڪندو پر اهي ست پٽ اڳتي هلي مهنگائيءَ جي دور ۾ ڪيئن پالبا تنهن جو ڏسُ ڪونه ڏينديون هيون، شايد انهيءَ جو سبب تن ڏينهن ۾ مهنگائيءَ جو گھٽ هجڻ هو ـ هونئن به زندگيءَ جو ڪم ٻارن کي سکڻو پالي وڏو ڪرڻ ته نه هوندو آهي پر انهن جي تعليم ۽ ٻي مناسب تربيت به ڪرڻي پوندي آهي ـ اٽلندو، ڪيترا ڳوٺاڻا اهو به چوندا هئا: پٽ ته پاڻهي ڌڪا ٿاٻا کائي وڏا ٿي پوندا مطلب ته پٽن جي آئينديَ جو کين ڪو گھڻو اونو ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي هئي ـ بهرحال، تن ڏينهن ۾ ته ڪُٽنبي رٿابنديءَ جو به ڪو تصور ڪونه هوندو هو ـ
    بد دعائون وري هن ريت ڏبيون هيون: شل ڪو ٻُنڀو پورجئي (گھر برباد ٿيڻ)، شل قيامت ڪاري ٿيئي، شل ڪو ڳڙُ نڪريئي (ڦٽ نڪرڻ)، ٽنگ ڀڄيئي، شل قبر جاءِ نه ڏيئي وغيره وغيره ـ

    44 ـ قصو بخشل سيال جو:
    اسان جي ڳوٺ ۾ بخشل سيال نالي هڪ شخص رهندو هو ـ سندس والد جو نالو مَتو سيال ۽ ڏاڏيَ جو نالو مهرَو سيال هو جڏهن ته سندس ڏاڏيَ جا عشق ۾ ڪشالا ڪڍڻ جا قصا مان اڳ لکي چڪو آهيان پر سندن ڪم ڪڏهن ڪڏهن ڀُڏا هوندا هئا پر پنهنجي ڳوٺ توڙي ويجھڙائيءَ وارن ڳوٺن ۾ اهڙو ڪو به غلط ڪم ساري حياتي ڪونه ڪيائين ـ هو متيَ سيال جو سڀ کان ننڍو پٽ هو ـ
    هڪ ڀيري مونکي نصيحت ڪيائين: جنهن ڳالهه ۾ پورهئيَ ڪرڻ يا تڪليف کانسواءِ ڪو وڏو فائدو هجي، سو نه ڪجانءَ ـ مون سندس انهيءَ ڳالهه کي دل سان لائي رکيو ۽ سمجھان ٿو ته مون کي سندس صلاحن کان گهڻو لاڀ پهتو ـ ساري دنيا جا ڪيترا ملڪ گھمڻ دوران، جڏهن به ڪو اهڙو موقعو ملندو هو ته مونکي بخشل سيال جي ڪيترا ورهيه اڳ ڪيل نصيحت اوچتو ياد اچي ويندي آهي ـ
    مونکي گھڻو ڪري پنهنجا قصا تفصيل سان ٻڌائيندو هو ـ بعد ۾ ٽنڊيَ آدم ۾ ڪنهن ڊاڪٽر قريشي وٽ رهيو ۽ اتي ڪمپائونڊر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين، جيتوڻيڪ هو اڻ پڙهيل هو ـ جيئن ته درسي ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسين ته شهنشاهه اڪبر اڻ پڙهيل هوندو هو پر ڏاڍو سياڻو هو ۽ پڙهيل لکيلن جو بابو هوندو هو، اهڙي ريت بخشل سيال به اڻ پڙهيل هو پر ڏاڍو هوشيار هوندو هو ـ
    پاڻ کي ڪراچي توڙي ٻين هنڌن تي پير غلام الرسول جيلاني شاهه مست جيلاني ڪوٺائيندو هو ـ هڪ ڀيري مون کانئس پڇيو: پاڻ کي سيد ڇو ٿو سڏائين؟ ماڻهن کي ته خبر آهي ته تون سيال آهين ته ڏاڍو دلچسپ قصو ٻڌايائين ـ
    چيائين: مان ماڻهن کي چوندو آهيان ته اصل سيد خاندان جو آهيان ـ اسان هندوستان جا رهاڪو هئاسين ـ ورهاڱي وقت پاڪستان ڏانهن هجرت ڪندي ، اسان جي گھر جي ڀاتين کي شهيد ڪيو ويو، رڳو مان بچي ويس ۽ ان وقت ننڍڙو هئس ـ پوءِ، سيال برادريءَ جي ماڻهن وٽ رهيس ته ڪڏهن وري قريشي برادريءَ وٽ، تنهن ڪري ڪجھه ماڻهو مون کي سيال سمجھن ٿا ۽ ڪي وري قريشي پر مان اصل ۾ سيد آهيان ـ ان کان اڳ، سنڌيءَ ۾ شاعري به ڪيائين ۽ ناچو سندس ڪلام محفلن ۾ به ڳائيندا هئا ـ
    مون کي سندس ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو اچرج ٿيندو هو ۽ مان سندس عقل تي دنگ رهجي ويندو هوس ـ
    مونکي ٻڌايائين ته وڏا وڏا ماڻهو خاص ڪري عورتون، ڊفينس ۽ ڪلفٽن کان تعويذن ۽ ڦيڻن لاءِ مون وٽ موسى ڪالوني، ڪراچيءَ ۾ ڪهي ايندا آهن ـ مون کانئس پڇيو ته تون اڻ پڙهيل آهين، ڀلا دعائون ۽ تعويذ ڪيئن لکندو آهين؟ وراڻيائين: مان مختلف تعويذ اوهان جهڙي ڪنهن سڄڻ کان لکرائي اڳواٽ رکي ڇڏيندو آهيان ۽ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ انهن تي ،الڳ الڳ نشان به ڪري ڇڏيندو آهيان ته جيئن ضرورتمند کي واسطيدار تعويذ ڏئي سگھان ـ منهنجو، ٻين ماڻهن کي تعارف ڪرايائين: هيءَ منهنجو مريد آهي ۽ پي آءِ اي ۾ وڏو آفيسر آهي ۽ مون سان ملڻ لاءِ خاص طور آيو آهي ـ
    موسى ڪالونيءَ ۾ شادي به ڪيائين ـ کيس اولاد به ٿيو ۽ جھجھي دولت به ڪٺي ڪيائين ـ آخر، بڇيريءَ شهر لڳ رهندڙ سندس ڀاءُ گُلَو سيال (غلام محمد سيال) سندس وفات کانپوءَ موسى ڪالونيءَ ۾ آيو ۽ سندس گھر واريءَ کي چيائين: پير غلام الرسول شاهه مست جيلانيءَ جي ڳوٺ ۾ به شادي ٿيل هئي ۽ هيءَ ڇوڪرو وٺي آيا آهيون جيڪو سندس پٽ (اصل ۾ ڀائيٽيو يعني غلام محمد جو پٽ) آهي تنهن ڪري مست جيلانيءَ جي ملڪيت کان ڪجھه حصو هن کي به ڏي ـ بهرحال، ڏٽا سٽا ڏئي ۽ قسم کڻي کانئس ڪجھه پيسا ڪڍرائي ويا جڏهن ته بخشل جي اڳ ۾ شادي ٿيل ئي ڪانه هئي ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو