bewas ali hassan
سينيئر رڪن
سراهي
دوستو آئون شاعري جي نئين صنف اوهان جي اڳيان رکان ٿو جنهنجو نالو مون ”سراهي“ ڏنو آهي هن جي لکڻ جو طريقو هي آهي ته هن جو ٿلھ هڪ سٽ جو آهي هن جو پهريون ٻيون مصرو ٻن سٽن جو ٽئين ولاڻي مصري جي ڪافيي سان ملي ٽيون مصرو ٽي سٽون هم ڪافيه چوٿين ٿلھ جيئن چوٿين چار سٽون هم ڪافيه پنجين ٿلھ جيئين پنجون مصرو وري ٽي سٽون هم ڪافيه ۽چوٿين ٿلھ جيئن ڇهين آخري نالي واري ٻه سٽون هم ڪافيه ٽئين مصري جيئن ...... مون پهرين هن جو فارمٽ صرف ٽن سٽن جو رکيو هيو پر استاد شفقت سومري جي رهنمائي سان هن کي نئين گھاڙ ڏني آهي منهنجي سڀني شاعر دوستن کي اپيل آهي ته پنهنجي قيمتي رايه ضرور ڏين
بيوس علي حسن چڍڙ
(سراهي )
اڄ موڪلائي مونکان جاني جدا ٿي ويا
منهنجي اکڙين مان لڙڪ وهندا رهيا
شعلا دل ۾ ها جگر به جلندا رهيا
ناز جنهنجي وفا تي سي بيوفا ٿي ويا
چئي چريو مونکي ماڻهو پٿر هڻن
مونکي تنهنجا هو پيا ٿا طعنا ڏين
حال منهنجا هن چرين جهڙا ٿي ويا
اڄ مونکان پرين ڪهڙي ڳالهون رٺو
ايئن ليکو ڪرڻ چئوس ناهي سٺو
ڪات قربن سندي سان هن هو ڪٺو
بي سبب هو مونکان ڇو خفا ٿي ويا
ڪو ڀروسو زندگي تي ناهي رهيو
وقت ڪهڙو ڪاتب الاءِ منهنجو لکيو
دور توکان رهڻ منهنجو آزار ٿيو
زندگي جو هر ڏينهن مونتي آ بار ٿيو
منهنجا حوصلا سڀ هن خطا ٿي ويا
ملڻ پنهنجو راتين جو هو ياد اچي
برھ باه ٻاري پيو اندر مچ مچي
اهڙن عذابن ۾ ڪو ڪيئين بچي
زندگي جا ڏينهن حوالي موت ٿي ويا
جسم کاڄ ٿي ڏکڙن جو آهي ويو
ڳري ماس ويو آ بس هڏڙو بچيو
بيوس چڍڙ پڪا هن دلربا ٿي ويا