• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نَئين آهي نِت ناز وارن جي ٻولي:نارائڻ شيام

نَئين آهي نِت ناز وارن جي ٻولي.
نِگاهُن اَدائُن اِشارن جي ٻولي.

مِٺي آهي ڪوئل جي ڪوُ ڪوُ مِٺي آ،
مِٺي آهي سچُ بيقرارن جي ٻولي.

خِزان حالُ اوري ته ڪنهن ساڻُ اوري،
سَڀيئي سِکيا جي بَهارُن جي ٻولي.

مِٽيءَ جي ذرن جو ته ڪُجھ حالُ سَل توُن،
ڏُکي ناهي سمجھڻ سِتارَن جي ٻولي.

اَلا ! اِئين نه ٿِئي جو ڪِتابن ۾ پڙهجي،
ته هُئي سِنڌُ ۽ سِنڌُ وارن جي ٻولي.
 
اَلا ! اِئين نه ٿِئي جو ڪِتابن ۾ پڙهجي،
ته هُئي سِنڌُ ۽ سِنڌُ وارن جي ٻولي.

واهه ... ڪمال جي شاعري
 
Back
Top