آخري ڪال ڪاش! تون انڪار ته اصول سان ڪرين ها ڇا اهو مسند اصول آهي ته پيار جي بدلي پيار ناهي ڏيڻو ؟ اري تون ته ڪاٿو به نه ٿي لڳائي سگهين ته، مون تنهنجي عڪس سان ڪيترائي سال وري ان ۾ اماوس راتيون، تتل ڏينهن ڇا ڇا ٻڌائي سگهان ٿو ڇا ڇا ٻڌڻ جي سگهه رکين ٿي مون کي ته آخري ڪال ساڻو ڪري ڇڏيو آهي ياد اٿئي ! تو ئي قرب ڪيو هو بنا ڪنهن سلام جي .. وفا ڪيئن آهين ؟ خوشي ايتري جو آواز ڳلي ۾ اٽڪي رهيو گهميل آواز ۾ چيو هيئي ته اميد ته خوش هوندين وفا جي مون سان محٻت اٿئي ته مون کي مايوس به نه ڪندين آئون سڪل وڻ جيان خاموش رهيس ڳالهه جاري رهي جيترو ٿي سگهي مون کي وساري ڇڏجان ۽ پنهنجي نئين دنيا کي آباد ڪجانءِ ڇو ته جيڪا دنيا تو مون سان آباد ڪئي هئي اها دنيا صرف تنهنجو خواب هو ، هڪ طرفي آس هئي. مون مان نڪري پاڻ کي ڏس ته زندگي تو کي رنگين نظر ايندي جنهن ۾ هڪ همسفر تنهنجي انتظار ۾ هوندو ڪيڏي نه جرات سان تو ڳالهائي ڇڏيو هو اهي لفظ منهنجي خواب جي تعبير ته نه ها جڏهن زبان ساٿ ڏنو ته تو اهو چئي ڪال ئي ڪٽي ڇڏي ته پنهنجو خيال رکجان پنهنجو خيال رکجان. مان هيلو هيلو ڪندو رهيس تون منهنجي چاهت جي اڌ سٽ ۾ زوري فل اسٽاپ ڏيئي ڇڏيو . وفا سليم رند
واه واه.. خوبصورت لفظ ، دل کي ڇُهندڙ احساس. خيال کي سُهڻن لفظن ۾ لکڻ جو ڏانءُ اوهان کي اچي ٿو. دل کي ڇُهندڙ احساس.