محمد خان سيال جون ساروڻيون / 11 ـ قسط/ ڪالهه گَڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,166
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    45 ـ ساڃاهه وارا چور:
    اسان جي ڳوٺ ۾ علي نواز کوکر عرف نازو (ڳوٺ جي زميندار جو سالو) رهندو هو، سو بعد ۾ چوري ڪرڻ سکيو ـ ڪيترا ڀيرا چوري ڪندي سوگھو به ڪيائونس ۽ جيل ياترا به ڪيائين پر پنهنجن حرڪتن کان مڙندو ڪونه هو ـ هڪ ڀيري پوليس اسان جي ڳوٺ ۾ آئي ـ کيس ۽ سندس ڀاءُ نورمحمد کوکر عرف نوريَ کي به سوگھو ڪيائون ۽ بنگلي جي آڳر ۾ سندس هٿ ڪاٺي ۽ رسيءَ سان مٿي ٻڌي ، اس ۾ بيهاري سندس هٿن تي جيئرو اڪ مڪڙ رکي ڇڏيائون ـ اسان لڪي لڪي اهو نظارو ڏسنداهئاسين پر علي نواز ۾ ايتري ته ساڃاهه ضرور هئي جو پنهنجي ڳوٺ ۽ ويجھڙائيءَ وارن ڳوٺن ۾ چوريون ڪونه ڪندو هو ـ تن ڏينهن ۾ چورين کي ته خراب سمجھيو ويندو هو پر اهڙي ساڃاهه جو ذڪر به چڱن اکرن ۾ ٿيندو هوـ

    46 ـ خرڪارن ۽ پوليس جو ڊپ:
    ڳوٺ ۾ اسان جا مائٽ ٻڌائيندا هئا ته پٺاڻن (خرڪار) کان خيال ڪجو جو هو ننڍڙا ٻار پاڻ سان گڏ زوري کڻي ويندا آهن ۽ پوءِ کانئن زوري پورهيو (بيگار ) به وٺندا آهن ڇاڪاڻ ته خرڪار پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڪيمپون هلائيندا آهن ـ پٺاڻ جيڪي گروپن جي صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ ايندا هئا تن کان هوشيار رهندا هئاسون، البت ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ پٺاڻ ڪپڙو وڪڻڻ لاءِ سائيڪل تي ايندو هو ته انهن کان ڊپ ڪونه ٿيندو هو ـ
    سال 2004 ۾ هڪ سنڌي ٽي وي چينل تي ڏيکاريائون ته ڪجھه افغانين، خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ نوجوان سنڌي ڇوڪرن کي نوڪريون ڏيڻ جو آسرا ڏئي راضي ڪيو ۽ ٿڏي تي مائٽن کي ٻه هزار روپيا في ٻار ڏنائون ـ انهن کي ڪابل جي پسگردائيءَ ۾ وٺي ويا جتي کين خرڪار ڪيپمن ۾ رهائيندا هئا ۽ سندن بي حرمتي به ڪندا رهندا هئا ـ رات جو کين هٿڪڙيون هڻي سکڻو 3 يا 4 ڪلاڪ سمهڻ ڏيندا هئا ۽ باقي 20 ڪلاڪ کانئن زوري پورهيو ڪرائيندا هئا ـ انهن مان هڪ ٻه ڇوڪرا ڀڄي آيا تن ظلم جا اهڙا داستان ٻڌايا ـ
    ٽي وي تي اها خبر ٻڌڻ تي، مونکي ڪيترن ورهين کانپوءِ ڳوٺ ياد اچي ويو جت هر وقت خرڪارن جي اچڻ جو ڊپ رهندو هو، سو ٻئي ڏينهن هڪ اين جي او جي سربراهه کي فون ڪري ساري ماجرا ٻڌايم ته انهيءَ مامري کي هٿ ۾ کڻي جيڪا هڪ وڏي صنعتڪار جي ڪراڙي زال هلائيندي هئي ـ

    47 ـ ڪوئن جو ڪمال:
    بڇيري اسٽيشن تي سامان سان ڀريل مال گاڏيون (گڊس ٽرين) ڪيترن ڏينهن لاءِ بيهنديون هيون ـ ڪيترا ماڻهو تکين چهنبن واريون شيخون کڻي ، مال گاڏيءَ جي مهربند دٻن جا تالا کولڻ کانسواءِ ، درن جي سوراخن ۾ وجھي زور سان سٽ ڏيندا هئا ته مختلف جنس سان ڀريل ڳوڻيون جھڙوڪ ڪڻڪ. کنڊ ۽ چانور، ڦاٽي پونديون هيون ـ پوءِ، هيٺ خالي ڳوڻ (ٻوري) جھلي بيهندا هئا، جيڪا ڀرجي وڃڻ کانپوءِ ڍڳي گاڏيءَ تي رکندا هئا جيڪا دِڪيَ جي پٺيان بيٺل هوندي هئي ۽ اهڙي ريت گھر کڻي ويندا هئا ـ اهو آزار بڇيريءَ کان علاوهه دوڙ، ٻانڌي ۽ ڪوٽ لالو اسٽيشن تي به هوندو هو ـ هڪ ڀيري اسان جي ڳوٺ جي رهاڪو خميسيَ کوکر (زميندار جو سهرو) فوت ٿي ويو ته سندس اولاد چاليهو ڀريَ ڪيو ۽ سڀني کي دعوت ڏنائون ـ ان ۾ جيڪي چانور ۽ کنڊ استعمال ڪيائون سي سڀ مال چورايل هئا يعني هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا ورتائون ـ اهڙيون چوريون ڪندڙن کي عام ٻوليءَ ۾ ڪُئا ڪوٺيو ويندو هو ـ

    48 ـ عراق کان آندل تصويرون:
    اسان جو هڪ واقفڪار ولي محمد زرداري، زوار بڻجڻ لاءِ عراق ويو ـ اُتي مختلف زيارتون ڪيائين ۽ موٽ تي رنگين پوسٽر ساڻ کڻي آيو جيڪي پاڻ سڳورن جي معراج تي وڃڻ، بوراق تي سفر ڪرڻ ۽ آسمان تي چئني طرفن کان حورن جي آدرڀاءُ بابت هئا ـ تن ڏينهن ۾ اهڙيون تصويرون ته سنڌ جي پيرن فقيرن جي مزارن تي به لڳل هونديون هيون ـ ٿورا ورهيه اڳ مان ڪابل (افغانستان) کان مشهد (ايران) ويس ته اتي عام بازارن ۾ حضرت علي، حضرت امام حسن ۽ امام حسين جون تصويرون ته وڪرو ٿي رهيون هيون ـ هڪ تصوير ۾ حضرت امام حسين جي هٿ ۾ ننڍڙي اصغر جو لاش هو جنهن کي تير لڳل هو ۽ سندس جسم مان رت وهي رهيو هو ـ تن ڏينهن ۾ مان ڪابل افغانستان ۾ پي آءِ ايَ جو ڪنٽري مئنيجرهوس ته اُتي به ڏهين محرم تي مڪاني ٽي وي چينل تي حضرت امام حسين جي تصوير ڏيکاريائون جيڪو گھوڙي تي سوار ٿي جنگ جي ميدان ۾ وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو ـ

    49 ـ نور محمد شيخ عرف ڇٻل:
    اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ شخص رهندو هو، سندس نالو نورمحمد شيخ هو پر عام طور کيس نورو ڪري ڪوٺيندا هئا ـ چون ٿا ته ورهاڱي وقت هندوستان ڪونه ويو هو ـ سندس اصل نالو ڇٻل هو پر اسلام قبول ڪري مسلمان ٿي ويو ـ ڳوٺ توڙي نوابشاهه شهر ۾ سيد حاجي اسدالله شاهه وٽ رهندو هو ۽ ان جو ڪم ڪار به ڪندو هو ـ آخر کيس دم جي بيماري ٿي پئي پر بيماريءَ ۾ سندس پرگھور لهڻ وارو ڪير به ڪونه هو ـ ڪڏهن ڪڏهن مان نوابشاهه کان ڳوٺ ويندو هوس ته سندس لاءِ دم واريون گوريون وٺي ويندو هوس جنهن تي نورمحمد مونکي ڍير ساريون دعائون ڏيندو هو ـ چوندو هو ته ڪنهن اهڙي عهدي تي پهچين جو راڄ (کوڙ ماڻهو)پنهنجا ڪم ڪرائڻ لاءِ تنهنجي ڪڍ هجن ـ آخر دم جي بيماريءَ وگھي مري ويو ۽ کيس دفن ڪيائون ـ

    50 ـ خدا ڪٿي آهي؟
    هڪ ڀيري پرائمري اسڪول ۾ استاد مون کان پڇيو: خدا ڪٿي رهي ٿو؟ مون وراڻيو: مٿي ـ وري پڇيائين: مٿي ڪٿي؟ مون وراڻيو: ستين آسمان تي ـ چيائين ته خدا تعالى هر هنڌ موجود آهي ـ مون معراج جي باري ۾ کانئس هڪ سوال پڇڻ تي چاهيو پر پڇي ڪونه سگهيس ـ

    51 ـ ڪمپائونڊر به ڊاڪٽر ٿي ويا:
    ڳوٺ ۾ ڪمپائونڊرن کي به ننڍو ڊاڪٽر ڪوٺيندا هئا ـ اسان سان گڏ واحد بخش ولد فيروز رند پڙهندو هو (ميهر جو وڏو ڀاءُ) جيڪو بعد ۾ بڇيري شهر ۾ ڊاڪٽر چوڌري غلام نبيءَ وٽ ڪمپائونڊر ٿيو ـ جڏهن چوڌري غلام نبي فوت ٿي ويو ته ان جي جاءِ تي فل فليجڊ (مڪمل) ڊاڪٽر بڻجي ويو ـ جيتوڻيڪ سڀني کي خبر هئي ته ڊاڪٽري ته پري جي ڳالهه ٿي پر هن ته ڪمپائونڊر جو به ڪورس ڪونه ڪيو هو ـ

    52 ـ قتل جو هراس:
    اسان جي ڳوٺ ۾ ڪڏهن به قتل جي واردات ڪانه ٿي ۽ نه ئي ڪو ڌاڙو لڳو ـ البت ڪڏهن ڪڏهن خبر پوندي هئي ته ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي وهندڙ گجرا واهه ۾ ڪنهن نامعلوم عورت جو لاش لڙهندي ڏٺو هو ته ان تي چوڌاري هراس پکڙجي ويندو هو ـ البت ڳوٺ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ چوريون به ٿينديون هيون پر ڪوبه قتل ڪونه ٿيو ۽ نه ئي ڌاڙو لڳو ـ

    53 ـ جڏهن ريل گاڏي ڇٽي وئي:
    هڪ ڀيري منهنجي وڏي ڀاءُ انور سيال کي ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ ساليانو امتحان ڏيڻ لاءِ نوابشاهه وڃڻو هو پر صبح جو سوير نوابشاهه ويندڙ لُنڊو (ريل گاڏي) ڇٽي ويو ۽ ٻي ريل گاڏي ته اچڻي به ڪانه هئي ۽ نه هاڻوڪي دور وانگيان بسون، ڊاٽسن ۽ سوزوڪيون هلنديون هيون جڏهن ته انهيءَ زماني ۾ موٽر سائيڪلون به ڪونه هيون ـ چاچا محمد مٺل سيال، ادا انور کي گھوڙي تي نوابشاهه ڇڏي آيو جيڪو رات جو ريل گاڏيءَ ۾ موٽيو ـ

    54 ـ بيماريءَ سبب نالي جي تبديلي:
    ادا انور جو اصل نالو ڏاڏيَ جي نالي جي پٺيان علي بخش رکيل هو ڇاڪاڻ ته اسان وٽ وڏڙن جي نالن پٺيان نالا رکڻ جو تن ڏينهن ۾ عام رواج هوندو هو ـ جيئن ته هو ننڍڙي هوندي هڪ ڀيريَ سخت بيمار ٿي پيو تنهن ڪري ڳوٺ جي حويليءَ ۾ رهندڙ بيبي مسيت واريءَ سندس نالو بدلائي انور دين رکيو جڏهن ته منهنجو نالو به چاچي محمدخان جي نالي پٺيان اڳ ئي رکيل هو ـ ڳوٺن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڊگھي بيماريءَ سبب اهڙي ريت نالا مَٽائبا هئا ـ
    اسان اصل ۾ ٽي ڀائر هئاسين ۽ ڪابه ڀيڻ ڪانه هئي جڏهن ته بابا کي به ڪا ڀيڻ ڪانه هوندي هئي ـ اسان جو وڏو ڀاءُ محمد يعقوب سيال 5 ـ 7 ورهين جي ڄمار ۾ بيماري وگھي فوت ٿي ويو هو ۽ اسان سندس مڙهه نوابشاهه کان جيپ ۾ ڳوٺ کڻي آيا هئاسون ۽ کيس سيدن جي ذاتي قبرستان ۾ دفن ڪيوسون ـ
    ادا محمد يعقوب جو هڪ اڌ فوٽو اڃا به مون وٽ آهي جيڪو مون سان گڏ نڪتل هو ـ کيس تڏهوڪي رواج موجب تُرڪي ٽوپي (ڦندڻ واري) پهريل هئي ۽ ڏاڍو خوبصورت ٿي لڳو، ٺڻ ته گلاب جو گل هجي جڏهن ته مان سندس ڀر ۾ ٽيبل تي ويٺل پتڪڙو، واڇ گودو، تُرڪي ٽوپي پاتل پر گِگَ ٿي وهيم ، ائين ٿي لڳو ڄڻ ته ڪو ڪارٽون هجان ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. آزاد آخوند روهڙي

    آزاد آخوند روهڙي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2014
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آڪائونٽس آفيسر
    ماڳ:
    ڄامشورو پاورهائوس ڪالوني گھر نمبر ڊي 3 ڄامشورو
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,166
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائين....لک قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو