• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پ پ وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ کي موڪليل شوڪاز نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو

منصور سرور

سينيئر رڪن
ڪراچي(رپورٽ: مجيد عباسي) پيپلز پارٽي ٿر جي صورتحال تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ صوبائي وزير منظور وساڻ کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو آهي، پ پ ميڊيا سيل موجب وڏي وزير ۽ صوبائي وزير کي ميڊيا تي ايندڙ غلط رپورٽ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا، جيڪو چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي واپس ورتو ويو آهي، واضح رهي ته ميڊيا ۾ هڪ رپورٽ هلائي وئي هئي، جنهن ۾ ٿرپارڪر جي خراب صورتحال تي صوبائي وزير منظور وساڻ پاران مبينا طور رپورٽ ۾ ٿر جي صورتحال جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو ويو هو، پر بلاول هائوس پاران اها رپورٽ ملڻ جي ترديد ڪئي وئي هئي، هوڏانهن پيپلز پارٽي طرفان سنڌ حڪومت کي تبديل ڪرڻ لاءِ غور ويچار واسطي لنڊن ۾ پارٽي اڳواڻن جي هڪ اهم گڏجاڻي ٿي رهي آهي جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته وفاقي حڪومت سان لاڳاپن جو به نئين سر جائزو ورتو ويندو پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ٻين اڳواڻن کي لنڊن گهرايو آهي جيڪو سومر ڏينهن هتان لنڊن روانو ٿي ويندو ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو لنڊن ۾ پارٽي جو اجلاس پڻ طلب ڪيو آهي،
 
Back
Top