• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

WI-FI جو مطلب ڇا آهي؟

منصور سرور

سينيئر رڪن
نيويارڪ (ع آ نيوز) اڄ ڪلهه واءِ فاءِ لفظ کان ٻار ٻچو واقف آهي ۽ هي وائرليس انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي زندگي جو حصو بڻجي چڪي آهي. پر ڇا توهان کي خبر آهي هي ڪهڙي لفظ جو مخفف آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن ٽيڪنالاجي جي ماهر کان پڇندا ته هو چوندو واءِ فاءِ جو حرف وائرليس فائڊلٽي جو مخفف آهي ۽ دل کي وڻندڙ ڳالهه اها آهي ته وڏي کان وڏو ماهر توهان کي جواب ۾ اهو ئي ٻڌائيندو، پر اهو جواب صحيح ناهي. ته پوءِ حقيقت ڇاهي؟ اها هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. هي سال 1999ع جي ڳالهه آهي ته وائرليس ايٿرنيٽ ڪمپيٽيبليٽي الائنس نالي هڪ سائنسي گروپ تيز ترين وائرليس انٽي سٽنڊرڊ IEEE802-11b جي لاءِ ڪو هلڪو نالو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪم لاءِ هڪ انٽر برينڊ ڪمپني کي اها ذميواري ڏني وئي. ڪمپني 13 نالا تجويز ڪيا جن ۾ سڪاءِ بريج، ٽارچ لائٽ ۽ فلاءِ اوور جهڙا نالا شامل هئا. انهن ۾ ئي هڪ واءِ فاءِ به هو. هن نالي جو وائرليس فائڊلٽي سان ڪو به تعلق نه هو، جيتوڻيڪ هاءِ فاءِ سان ملندڙ نالو هو جنهن جو مقصد انٽرنيٽ جي تيز ترين اسپيڊ کي ظاهر ڪرڻ هو ۽ ائين ئي وائرليس انٽرنيٽ جي لاءِ اهو نالو استعمال ٿيڻ لڳو.
Wi-Fi-300x201.jpg
 
Back
Top