محمد خان سيال جون ساروڻيون / 12 ـ قسط / ڪالهه گَڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,167
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    55 ـ لالٽين جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ:
    اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي يا جنريٽرن جو ڪوبه تصور ڪونه هوندو هو ۽ نه ئي سوئي گيس هئي تنهن ڪري اسان گھر ۾ لالٽين (گاسليٽ واري بتي) استعمال ڪندا هئاسين البت جڏهن ميلو لڳندو هو ته روشنيءَ وارا گولا نظر ايندا هئا جن کي رکڻ لاءِ ڳوٺ جي زميندار 6 فوٽ ڪاٺـيءَ جا اوچا اسٽينڊ تيار ڪرايا هئا ـ گھرن ۾ ته گاسليٽ تي ٻرندڙ بتيون استعمال ٿينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن تيل تي ٻرندڙ ڏيئا به ـ اسان اسڪول جو هوم ورڪ به انهن بتين جي روشنيءَ تي ڪندا هئاسين ـ هڪ ڀيري کٽ تي ويهي پڙهيم ته لالٽين اونڌي ٿي پيئي تنهنڪري سڙي پيس ۽ اهڙا نشان اڃا به هڪ ٽنگ تي موجود اٿم ـ

    56 ـ گاسليٽ جو پيئڻ:
    هڪ ڀيري ٻاهران گھر آيس، ننڍڙو هوس ، اڄ به ڏاڍي لڳي هئي ۽ ڏينهن به تتل هو ـ ڏٺم ته ٽيبل تي جست جو ڀريل گلاس پيل هو سو تڪڙ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پي ويس پر پوءِ خبر پيئي ته اهو گاسليٽ سان ڀريل هو، سٺو ٿيو ڪو نقصان ڪونه ٿيو ـ

    57 ـ پنهنجي منهن تي پاڻ بُجو:
    دوست محمد (دوسو کوکر) جي ننڍي زال حاڪم زادي (حاڪي) متيَ سيال کي پنهنجي دين جو ڀاءُ ڪوٺيو هو ـ هڪ ڀيري سندس پُٽن، متيَ سيال جي هڪ پٽ کي ڏاڍو ماريو جنهن کي بعد ۾ سول اسپتال، نوابشاهه کڻائي ويا جت ڪيترا ڏينهن علاج هيٺ رهيو ـ ڳوٺ ۾ مائي حاڪي اها خبر ٻڌڻ شرط سندس گھر وئي، ڏٺائين ته همراهه جي ڏاڍي خراب حالت هئي ۽ نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ کٽ تي پيو هو ـ مٿان وري ڏوهه سندس پٽن جو هو سو سڀني جي سامهون بيهي، پاڻ کي گھروڙي بُجو ڏنائين، ڄڻ ته سندن پُٽن جيَ ڏوهه هئڻ جو اعتراف ڪيائين ـ اهڙي ريت هن واڻ تي ملامت، متيَ سيال تائين پهچائي ڇڏي ۽ ميٺ ماٺ ۾ پنهنجي گھر موٽي آئي ـ
    حاڪي توڙي سندس مڙس دوسو کوکر ٻنهي جي ٻي ـ ٻي شادي هئي ـ ماسي حاڪي ڪڏهن ڪڏهن اسان کي ٻڌائيندي هئي ته سندس پهريون مڙس سٺو ۽ نيڪ انسان هوندو هو پر پوءِ کيس کُٽي کنيو ۽ ڪنهن سڄڻ جي هٿان پُڙي گھرائي کيس ڏئي ڇڏيائين ـ سندس جند ته ڇٽي ويئي پر بعد ۾ هو ساري حياتي ائين ڪرڻ تي پڇتائيندي رهي ـ

    58 ـ ملڪ انگريزن کي ڇو نه ٺيڪي تي ڏجي:
    ٻين ڳوٺن وانگيان، اسان جي ڳوٺ جي وڏڙن کان ٻُڌو سون ته انتظام (ايڊمنسٽريشن) ۽ انصاف ته ڪو انگريزن کان سکي ـ تن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ ابتر حالتن جي باري ۾ چوندا هئا: جيڪڏهن حڪمران ملڪ نه ٿا هلائي سگھن ته انگريزن کي کڻي ٺيڪي تي ڏين ـ ياد رهي ته هانگ ڪانگ به انگريزن کي 99 ورهين جي ليز تي ڏنل هو جيڪو ليز مڪمل ٿيڻ تي چين کي موٽائي ڏنائون پر چين سان اهڙو ٺاهه به ڪيائون ته چين ايندڙ 50 ورهين تائين، هانگ ڪانگ ۾ هلندڙ سسٽم تبديل ڪونه ڪندو ـ

    59 ـ ڪانءُ ٿو لنوين ۽ اک ٿي ڦڙڪي:
    جڏهن ڪانءُ لنوندو هو ته اسان سمجھندا هئاسون ته ڪو مهمان اچي ٿو ـ اهڙي ريت جيڪڏهن جوتو لاهڻ وقت پادر هڪٻئي تي پاڻمرادو چڙهندو هو ته ان کي سفر ڪرڻ جي نشاني سمجھندا هئاسون ـ اک ڦڙڪندي هئي ته ڪي ان کي بد سوڻ ته ڪي وري سٺو سنوڻ سمجھندا هئا ـ منهنجي اک ڦڙڪندي هئي ته ڪو خط پٽ اچي نڪرندو هو جڏهن ته اسان جي ماسي ستڀرائي مرحوما جي اک ڦڙڪندي هئي ته الله خير ڪري، ڪٿان نه ڪٿان ڪنهن جي موت جي خبر اچي ڪڙڪندي هئي، ڪي وري هٿ ۾ خارش کي پيسن ملڻ جي امڪان سان ڀيٽيندا هئا ـ خبر ناهي ته اهڙو اتفاق هوندو هو يا سچ پچ ائين ٿيندو هو پر اهي ڳالهيون ڳوٺن ۾ عام هونديون هيون ـ

    60 ـ وعظ:
    اسان جي گھر ۾ ڪڏهن ڪڏهن وعظ ٿيندو هو ـ وعظ ڪرڻ واريَ مولوي سميت ٻيا مرد اسان جي گھر جي ڏيڍيءَ يا گھٽيءَ ۾ ويهندا هئا جڏهن ته وعظ ٻڌڻ واريون عورتون ڏيڍيءَ جي پٺيان يعني گھر جي اندر ويهي وعظ ٻڌنديون هيون پر هاڻ اهو رواج ڪونه رهيو ـ عورتن لاءِ عورتون ۽ مردن لاءِ مرد الڳ وعظ ڪن ٿا ۽ هونئن به ٽيڪنالاجي گھڻي ترقي ڪئي آهي تنهن ڪري اڳ جي ڀيٽ ۾ زمين آسمان واري تبديلي آئي آهي ـ

    61 ـ ميٽ مٿي ۾ ته پاڻي اسان وٽ آهي:
    ڳوٺ ۾ تن ڏينهن ۾ عام ماڻهن لاءِ فون جي سهوليت اڻ لڀ هوندي هئي ـ ڪنهن کي موت تي يا ايمرجنسيءَ ۾ گھرائبو هو ته کين تار موڪلبي هئي جيڪا پوسٽ آفيس مان ٿيندي هئي ـ يا وري کين خط لکبو يا وري نياپو موڪلبو هو: جيڪڏهن ميٽ يا تيل مٿي ۾ هجي ته پاڻي اسان وٽ آهي يعني اطلاع ملڻ شرط ترت هليو اچ ـ

    62 ـ گراموفون:
    تن ڏينهن ۾ ريڊيو سيٽ کان علاوهه گراموفون به هوندا هئا جيڪي ڳوٺ جي ٻن يا ٽن گھرن ۾ ئي مس هئا جن ۾ اسان جو گھر به شامل هو ـ ڪاري رنگ جي گول رڪارڊ تي گراموفون جي سُئي رکبي هئي ته گول ڦرڻ شروع ڪندو هو ۽ اهڙي ريت وڄڻ لڳندو هو ـ شروع ۾ انهن تي وڏو ڀوپوُ يعني لائوڊ اسپيڪر لڳائڻو پوندو هو پر نون گراموفونن ۾ ائين ڪونه هوندو هو ـ گراموفونن ۾ چاٻي به ڀرڻي پوندي هئي ـ ڪاري رنگ جي رڪارڊن تي ننڍو گول اسٽيڪر لڳل هوندو هو جنهن تي ڪُتي جي تصوير ٺهيل هوندي هئي ـ انهن تي ڪمپنيءَ جو نالو اِي ايم آءِ لکيل هوندو هو جڏهن ته رڪارڊن تي هز ماسٽرس وائيس (ايڇ ايم وي) به لکيل هوندو هو ـ

    63 ـ مئٽرڪ جي امتحان ۾ فيل ٿيڻ تي گولي:
    شروع ۾ پرائمري چئن ورهين ۽ ميٽرڪ ستن ورهين (ڪل11ورهيه) جي هئي ـ پوءِ، پرائمري سوڌو ميٽرڪ ڏهن ورهين جي ڪيائون ـ مئٽرڪ جي رزلٽ نڪرندي هئي ته ڪي فيل ٿيل شاگرد صدمي وچان آپگھات ڪندا هئا يا وري پاڻ کي نقصان پهچائيندا هئا ـ تنهنڪري ميٽرڪ جي رزلٽ ظاهر ٿيڻ تي ڪراچيءَ جي نيٽي جيٽي پل تي پوليس جو پهرو لڳائيندا هئا ته متان ڪو آپگھات نه ڪري ـ ڪي وري ننڊ جون گوريون کائيندا هئا ته ٻيا وري پاڻ کي بندوق سان ڦٽي ڇڏيندا هئا ـ
    هڪ ڀيريَ ميٽرڪ جي رزلٽ نڪتي ته مان اخبار وٺي ڳوٺ آيس ـ ڳوٺ جي زميندار جي ننڍي ڀاءُ پنهنجي رزلٽ ڏٺي ته سندس رول نمبر ڪونه هو، سو مون کي چيائين ته مان سائين وڏيَ (ڳوٺ جو زميندار ۽ سندس وڏو ڀاءُ) کي نه ٻڌايان ته ڪو مون اخبار ڏٺي آهي يا ان ۾ سندس نمبر ناهي ـ بعد ۾ خبر پيئي ته سيد عبدالله شاهه ٻانهن تي بندوق رکي گولي هلائي هئي ۽ پاڻ کي ڦٽي وڌائين ـ اهو سڀ انهيءَ ڪري ڪيائين ته ميٽرڪ ۾ فيل ٿيڻ تي کيس دڙڪا نه ملن پر پوءِ مئٽرڪ ۽ ٻيا امتحان پاس ڪيائين ـ

    64 ـ ڀلا امڙ کي ڪيئن خبر پيئي؟
    هڪ ڏينهن مان ۽ بهادر سيال ، گھوڙيءَ تي چڙهي ڳوٺ کان پنهنجي زمين (پارسي باغ، لڳ بڇيري اسٽيشن) تي وياسين ـ نوابشاهه ويندڙ ريل جي پٽيَ جي کاٻي پاسي وڃي رهيا هئاسون ته تيز فتار گھوڙي ٽيليفون جي ٿنڀي جي پري تائين پکڙيل سپورٽنگ تار سان ٽڪرائجي وئي ۽ اسان توڙي گھوڙي وڃي پري ڪريا سون ـ
    اتان اٿي سفر جاري رکيوسون ۽ شام جو ڳوٺ موٽياسون ـ امان پڇيو خير ته هو؟ اسان وراڻيو: ها، پر امان جي دلجاءِ نه ٿي ۽ وري پڇيائين: ڪا نه ڪا ڳالهه ته ضرور هئي؟ توهان جي وڃڻ کانپوءِ مون قران شريف ٿي پڙهيو ته اوچتو منهنجي جسم کان سيسڙاٽ نڪري ويا، سو ڪا نه ڪا ته ڳالهه آهي؟ پوءِ، اسان کيس سارو قصو ٻڌايو پر مون کي اچرج ٿيو ته اسان جي گھوڙيءَ تان ڪرڻ جو امڙ کي ڪيئن احساس ٿيو؟

    65 ـ هڪ روپئي خاطر گرميءَ ۾ ڊوڙ:
    ڳوٺ ۾ ادا انور ٻڌايو ته بابا کيس هڪ روپيو خرچي ڏني آهي جيڪو هن وقت پنڌ بڇيري ريلوي اسٽيشن ڏانهن وڃي رهيو آهي ـ ٽاڪ منجهند سبب ڏينهن تتل هو ـ اڌ پنڌ تي پهچي، بابا کان روپيو خرچيءَ جو ورتم پر ان وقت پگھر ۾ شل هوس ۽ سهڪي به رهيو هوس ـ ڀلا، ٻارن لاءِ تن ڏينهن ۾ هڪ روپيو به وڏي ڳالهه هوندي هئي..!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    زبردست سائين اوهان جي ساروڻيون بيحد وڻندڙ ۽ دلچسپ آهن
     
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,167
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    مهرباني، سائين ـ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو