• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ثقافتي ڏينهن / گوسڙو استاد / سنڌي ٽي وي چينل وارا

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
گوسڙو استادن کي پناهه ڏيندڙ سنڌي ٽي وي چينل وارن گڏجي اعلان ڪيو آهي ته هو هن سال ثقافتي ڏينهن آچر 7 ڊسمبر 2014 تي گڏجي ملهائيندا جنهن جي موٽ ۾ ڪيترن دوستن ڄاڻايو آهي ته جيستائين اهي چينل وارا، گوسڙو استادن کي نوڪرين مان نيڪالي ڪونه ٿا ڏين، تيستائين هو ثقافتي ڏينهن ڪونه ملهائيندا ـ
منهنجي خيال ۾ ثقافتي ڏينهن جو بائيڪاٽ ڪرڻ مناسب ناهي جيڪو درحقيقت پهريون ڀيرو حيدرآباد جي هڪ اين جي او ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو پر جنهن کي ڪي ٽي اين وارن هائيجيڪ ڪري ڇڏيو ۽ اهو تاثر ڏنائون ته اهو ڏينهن درحقيقت هنن ملهائڻ شروع ڪيو هو جيڪو بلڪل غلط ۽ بديدينتيءَ تي ٻڌل آهي ـ
هاڻ اهڙن دوستن کي گذارش آهي ته جيڪڏهن هنن کي گوسڙو ماسترن جي سلسلي ۾ ٽقافتي ڏينهن جو احتجاجي طور بائيڪاٽ ڪرڻو آهي ته پوءِ هو احتجاج طور ڇنڇر 6 ڊسمبر 2014 تي اهڙو ڏينهن ملهاين ـ
منهنجو مقصد سنڌين ۾ ڏڦيڙ وجھڻ هرگز ناهي پر جيڪي دوست سمجهن ٿا ته اهڙي رٿ درست ناهي ته ڀلي ان کي رد ڪري سگھن ٿا ـ هونئن به اصل مسئلو ته گوسڙو استان ۽ ان کي پناهه ڏيندڙن جو آهي جنهن ۾ ڪابه رعايت ڪرڻ نه گھرجي ـ
دوست انهيءَ مامري تي پنهنجي راءِ ظاهر ڪن ۽ اختلاف جو حق ڀلي استعمال ڪن ـ
 
گذريل ڪجهه سالن کان تي وي چينلن جي پنهنجي لڙائي سبب اهو ڏينهن ساڳيي ڏينهن تي ملهائجڻ بدران الڳ الڳ ملهايو ويو. وري ساڳي ڪار ڪرڻ بجاء ان ئي ڏينهن ملهائجي پر احتجاجي بينر ۽ پلي ڪارڊ ساڻ هجن .... انهن ميڊيا مالڪن خلاف ۽ ميڊيا پرسن خلاف جيڪي گوسڙو ماستر آهن پر ميڊيا ۾ آهن.
 
گذريل ڪجهه سالن کان تي وي چينلن جي پنهنجي لڙائي سبب اهو ڏينهن ساڳيي ڏينهن تي ملهائجڻ بدران الڳ الڳ ملهايو ويو. وري ساڳي ڪار ڪرڻ بجاء ان ئي ڏينهن ملهائجي پر احتجاجي بينر ۽ پلي ڪارڊ ساڻ هجن .... انهن ميڊيا مالڪن خلاف ۽ ميڊيا پرسن خلاف جيڪي گوسڙو ماستر آهن پر ميڊيا ۾ آهن.
وساڻ صاحب........توهان جي رٿ بهتر آهي ـ مان انهيءَ جي حمايت ڪريان ٿو ـ ثقافتي ڏينهن سڀ ڀلي هڪ ڏينهن 07 ڊسمبر تي ملهائن پر گوسڙو ماسترن خلاف بينر ضرور کڻن ـ
 
Back
Top