محمد خان سيال جون ساروڻيون / 13 قسط / ڪالهه گَڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    66 ـ ريڊيو سيلون تان سنڌي گانا:
    اسان جڏهن ڳوٺ ۾ رهندا هئاسون ته ريڊيو سيلون جيڪا ان وقت مقبول ترين ريڊيو اسٽيشن هئي، سا ٻڌندا هئاسون ـ پوءَ، ملڪ جو نالو بدلائيَ سري لنڪا رکيائون ته ريڊيو اسٽيشن جو به نالو ريڊيو سري لنڪا ٿي ويو ـ ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسون ته ملڪ جو اڃا به قديمي نالو سرانديپ هوندو هو ـ پوءِ، مون کي چار ڀيرا سري لنڪا گھمڻ جو موقعو مليو ـ
    تن ڏينهن ۾ ريڊيو سيلون تان مهيني ۾ سکڻو هڪ ڀيرو 15 منٽن لاءِ، پوڻين نوين بجي رات جو سنڌي گانا نشر ٿيندا هئا جيڪي آخري جمعي تي ايندا هئا جيڪو پروگرام اسان ياد ڪري ٻڌندا هئاسون، جن ۾ گھڻو ڪري سونا خان بلوچ، ماسٽر چندر، جيوڻي ٻائي وغيره جا ڳايل ڪلام نشر ٿيندا هئا ـ آنجهاڻي ماسٽر چندر سان منهنجي ملاقات گھڻو پوءِ ممبائي (پراڻونالو ممبائي) ۾ ٿي ـ ريڊيو سري لنڪا جو مشهور ڪمپيئر امين سياني ته ساري دنيا ۾ مشهور ٿيو ـ گانن جي وچ۾ ڪمرشل (اشتهار) به ڏيندا هئا جهڙوڪ تن ڏينهن ۾ مٿي جي سور دور ڪرڻ لاءِ مقبول گوري سريڊان جا اشتهارـ ريڊيو پاڪستان پنهنجن پروگرامن ۾ ڪمرشل ڏيڻ، اتان کان سِکيو ـ

    67 ـ بادل جو اُڀ ڏاريندڙ رڙيون:
    ڳوٺ کان ٻاهر واڙي هئي جيڪا بادل کوکر سنڀاليندو هو ـ هڪ رات چورن کڻي کيس سوگھو ڪيو جنهن تي وڏيون رڙيون دانهون ڪيائين، سارو اُڀ مٿي تي کڻي ڏنائين ـ سندس رڙيون اهڙيون ته زوردار هيون ڄڻ ته ڪو ڀر واري گھر ۾ کيس ماريندو هجي ـ ڳوٺ جو زميندار سائين وڏو، بندوق کڻي هڪلون ڪندو حويليءَ کان ڀڄندو ويو ته چور به ڀڄي ويا پر بادل جون رڙيون ڪيترا ورهيه گذرڻ جي باوجود، مون کان اڃا تائين ڪونه وسرن ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن منهنجن ڪنن ۾ اڃا به گونجنديون رهنديون آهن ـ
    هڪ ڀيرو چور اسان جي گھر جي ڀت ٽپي، اسان جي گھوڙي چورائي ويا جيڪا ڀُنگ ڏئي ڪيترن مهينن کانپوءِ موٽائي سون ـ تن ڏينهن ۾ اسان رات جو در کي تالو ڪونه هڻندا هئاسون ، رڳو ڪڙو ورائي ڇڏيندا هئاسون ـ

    68 ـ مِتيرا ۽ ٻير چونڊڻ:
    اسان ڳوٺ جا ڇوڪرا گڏجي، ٻنيءَ مان متيرا ڳوليندا هئاسون ۽ پوءِ بڇيري اسٽيشن جي دڪيَ جي پٺيان، سهتن واري ڳوٺ ۾ ٺهيل مسيت ۾ کائيندا هئا سون البت لوڻ ۽ مرچ اڳ ۾ ئي گهران کڻي ويندا هئاسون ـ ان کان علاوهه عام ٻير ۽ ڄانڱري ٻير به ڳولي ڳولي کائيندا هئاسون ـ سچ ته ائين ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو ـ

    69 ـ وڄ ڪرڻ جو ڊپ:
    جڏهن ڳوٺ ۾ زوردار مينهن پوندو هو ته گھر وارا اسان کي مٿو ڍڪڻ لاءِ چوندا هئا ـ سندن خيال هو ته وڄ (کنوڻ) ڪاري شيءَ تي گھڻو ڪري ڪرندي آهي يا ٽاميَ جي ٿانون تي ـ جڏهن کنوڻين جا چمڪاٽ ٿيندا هئا ته اسان گھر ۾ لِڪي ويندا هئاسون پر جي ٻاهر هوندا هئاسون ته جھٽ پٽ مٿيَ تي هٿ رکي، ڪارا وار لڪائي ڇڏيندا هئا سون ـ

    ڪيميرا:
    70 ـ اسان وٽ ڪاري رنگ جي ڪوڊڪ ڪيميرا هوندي هئي جيڪا ان وقت پيٽ وٽ جھلبي هئي ـ ان جي شيشي مان ڪنهن به شيءَ کي فوڪس ڪري پوءِ ڪِلڪِ ڪبو هو ـ رول ٻن قسمن جا ملندا هئا جيڪي 8 يا 12 فوٽو ڪڍندا هئا ۽ اهي نوابشاهه کان ڌوئارڻا پوندا هئا ـ ننڍي هوندي کان، مان گھڻو ڪري بيوقوفي ڪري ڪيميرا جو ڍڪڻ کولي ڇڏيندو هوس جنهن ڪري سڀ فوٽو خراب ٿي ويندا هئا ـ اک تي رکي فوڪس ڪرڻ واريون ڪيميرائون، گھڻو پوءِ نڪتيون ـ هاڻ ته ڊجيٽل ڪيميرائن جو زور آهي جو فوٽوءَ جي رزلٽ اتي جو اتي نڪري ٿي ـ رول جي ضرورت به نه ٿي پوي ـ چِپِ وجھڻ سان هزارين فوٽو ڪڍي سگھجن ٿا ۽ فوٽن جي رزلٽ اتي جو اتي ظاهر هوندي آهي ـ وڏي ڳالهه ته موبائيل سيَٽن ۾ به ڪيميرائون لڳل هونديون آهن ۽ اهو سڀ ڪجھه آمريڪي خلائي اداريَ ناسا وارن جي مهرباني آهي جن خلا ۾ ويندڙن لاءِ وزن گھٽائڻ خاطر اهڙيون ننڍڙيون ڪيميرائون ايجادون ڪيون آهن جيڪي موبائيل فون جي سيٽن ۾ فِٽ ٿي وڃن ٿيون ـ آمريڪا جي دوري دوران، ناسا سينٽر گھمندي مون کي اهڙو احساس ٿيوـ

    71 ـ گيهه جو اجايو استعمال:
    اسان جي هڪ جاءِ بڇيري شهر ۾ هئي ـ جيئن ته جاءِ خالي پيل هوندي هئي تنهن ڪري ڪجھه قت لاءِ ڪنهن پنجابي فيمليءَ کي مفت ۾ رهڻ لاءِ ڏني سون ـ هڪ ڀيري ميلي جي موقعي تي جاءِ تي وياسون ته ڏٺوسون ته همراهه هٿرادو طريقي سان ديسي گيهه تيار ڪري رهيا هئا ـ حيدري بناپستيءَ جا وڏا وڏا ڪنستر وٽن موجود هئا ـ الڳ پٽاٽا اوٻاري انهن کي اهڙي ريت مڪس ڪندا هئا جو انهيءَ نقلي گيهه تي اصلي جو گمان ٿيندو هو ـ
    رات جو اسان جي ماني تيار ڪيائون ـ چانورن ۾ نقلي گيهه ايترو ته وڌائون جو پاڻيءَ وانگيان ٽِمي رهيو هو ـ تن ڏينهن ۾ گھڻي گيهه کي سگھه جي نشاني سمجھيو ويندو هو ـ اهڙو کاڌو واپرائڻ کانپوءِ ماڻهو واکاڻ ڪندي ٻڌبا هئا: اسان فلاڻي جي دعوت ۾ وياسين، ڀت ته اهڙو واه جو کارايائون جو گيهه پاڻيءَ وانگيان پيو ٽِمي ـ انهن ڏينهن ۾ شايد کين خبر نه هئي ته گھڻو گيهه ۽ تيل واپرائڻ صحت لاءِ سخت هاڃيڪار هوندو آهي ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ

    سائين اوهان جون ساروڻيون بهترين آهن، جن ۾ ننڍپڻ جو ماضي جهلڪيون ڏئي رهيو آهي.....

    جس هجي اوهان کي جو اوهان اسان کي پنهنجي ماضي جون يادگيريون پڙهايو ٿا
     
    محمد خان سيال هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    پسند ڪرڻ لاءِ، لک قرب سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو