غدار سنڌ محمد ايوب کهڙي بدنام ون يونٽ ٺهرائڻ لاءِ ظلم جي ديڳ چاڙهي هئي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ بدنام ون يونٽ جو ٺهراءُ بحال ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد جي درٻار هال ۾ پوليس، اسيمبليءَ هال جي اندر هٿڪڙيون کڻي بيٺل هئي ـ جنرل ايوب جي دور ۾ سال 1968 ڌاري جڏهن سنڌ متحدا محاذ هوٽل انڊس ۾ ٺهيو هو ته اتي هر قسم جي نظرئي رکندڙ سنڌين جي گڏجاڻي ٿي هئي جنهن ۾ فيصلوڪيو ويو هو ته ايوب کهڙي، قاضي فضل الله، قاضي اڪبر وغيره جن بنام ون يونٽ ٺهرائڻ ۾ وڏو رول ادا ڪيو هو تن کي محاذ ۾ شامل نه ڪيو ويندو ليڪن حيرت انگيز طور انهن کي بعد ۾ سن ياترا کانپوءِ هڪطرفو محاذ ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ڪري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سربراهه اقبال ترين پنهنجو رستو الڳ اختيارڪيو ۽ سنڌ متحدا محاذ ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو ـ اهڙي ريت سنڌين ۾ اتحاد جو پهريون سونهري موقعو ضايع ٿي ويوـ اهي سڀ تاريخي تلخ حقيقتون آهن جنهن کي پڪ نه هجي ته ڀلي ان وقت جون اخبارون ڏسي ـ
مهرباني ـ سنڌ متحدا محاذ جي حيدرآباد شاخ جي افتتاح جو اهڙو فوٽو، فيس بوڪ تي آيل آهي ـ هت اپ لوڊ ڪرڻ ۾ مسئلو ٿئي ٿو ـ