• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غدار سنڌ ايوب کهڙو / تاريخ جو مختصر ورق

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
غدار سنڌ محمد ايوب کهڙي بدنام ون يونٽ ٺهرائڻ لاءِ ظلم جي ديڳ چاڙهي هئي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ بدنام ون يونٽ جو ٺهراءُ بحال ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد جي درٻار هال ۾ پوليس، اسيمبليءَ هال جي اندر هٿڪڙيون کڻي بيٺل هئي ـ

جنرل ايوب جي دور ۾ سال 1968 ڌاري جڏهن سنڌ متحدا محاذ هوٽل انڊس ۾ ٺهيو هو ته اتي هر قسم جي نظرئي رکندڙ سنڌين جي گڏجاڻي ٿي هئي جنهن ۾ فيصلوڪيو ويو هو ته ايوب کهڙي، قاضي فضل الله، قاضي اڪبر وغيره جن بنام ون يونٽ ٺهرائڻ ۾ وڏو رول ادا ڪيو هو تن کي محاذ ۾ شامل نه ڪيو ويندو ليڪن حيرت انگيز طور انهن کي بعد ۾ سن ياترا کانپوءِ هڪطرفو محاذ ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ڪري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سربراهه اقبال ترين پنهنجو رستو الڳ اختيارڪيو ۽ سنڌ متحدا محاذ ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو ـ اهڙي ريت سنڌين ۾ اتحاد جو پهريون سونهري موقعو ضايع ٿي ويوـ اهي سڀ تاريخي تلخ حقيقتون آهن جنهن کي پڪ نه هجي ته ڀلي ان وقت جون اخبارون ڏسي ـ
 
Back
Top