محمد خان سيال جون ساروڻيون / 14 قسط / ڪالهه گڏيوسُون ڪاپڙي....!!

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    72 ـ ڪيڪ چانهن ۾ ٻوڙڻ ۽ آمريڪي سنڌي:
    تن ڏينهن ۾ بڇيري شهر ۾ به مکيه هوٽلون هونديون هيون ـ هڪ ڪيپٽن ۽ ٻي رسول بخش سيال جي هوٽل ـ اسان ڪڏهن ڪڏهن رسول بخش جي هوٽل تي ويندا هئا سون ۽ اتي چانهن به پيئنداهئاسون ۽ ڪيڪ به کائيندا هئاسون ـ تن ڏينهن ۾ پيلي رنگ جو ڊگھو ڊبل ڪيڪ، ٻن آنن ۾ ملندو هو ـ جيئن ته سخت ۽ ڊگھو هوندو هو سو ان کي ڀڃي چانهن ۾ ٻوڙي کائبو هو ـ
    مون کي پڪ سان آمريڪا ۾ رهندڙ انهيءَ ڀوُڪ سنڌيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آئي آهي جنهن سنڌ کان آمريڪا آيل ڪنهن سنڌيءَ کان پڇيو هو: ڇا سنڌ ۾ ترقي ٿي آهي؟ جنهن تي هن وراڻيو: ها ـ آمريڪي سنڌيءَ وري سوال ڪيو: ڇا سنڌي اڄ به ڪيڪ چانهن ۾ ٻوڙي کائين ٿا؟ هن وراڻيو: ها ـ ان تي آمريڪي سنڌيءَ ٺهه پهه ورندي ڏني: ...پوءِ سنڌين ڌُوڙ ترقي ڪئي آهي؟
    مون پاڻ نوٽ ڪيو آهي ته چئني صوبن ۾ رهندڙ ماڻهو اڄ به چانهن ۾ ڪيڪ يا بسڪوٽ ٻوڙي کائيندا آهن ـ ڀلا ترقي پرکڻ جو اهو به ڪو معيار آهي؟ جپان ۾ ماڻهو صدين کان ٻن سنهين ڪاٺين جي مدد سان کاڌو کائيندا آهن ـ ڇا چئي سگھجي ٿو ته جپان ترقي ڪانه ڪئي آهي؟ سچ ته اهو آهي ته ڪي ماڻهو پنهنجن ڀُوڪپائين جي ڪري سنڌي قوم کي احساس ڪمتريءَ ۾ وجھڻ چاهين ٿا جيڪا ڏک سان گڏ نندڻ جوڳي ڳالهه به آهي ـ
    73 ـ بڇيريءَ ۾ بجلي:
    تن ڏينهن ۾ اسان جو ڳوٺ ته پريَ ٿيو پر بڇيري شهر ۾ به بجلي ڪانه هوندي هئي ـ ٻيو ته ٺهيو پر بڇيري ريلوي اسٽيشن تي به بجليءَ جو نانءُ نشان ڪونه هوندو هو ۽ ريلوي اسٽيشن تي به لالٽين ٻرنديون هيون ـ جيئن ته اسٽيشن تي ريل گاڏي هڪ اڌ منٽ مس بيهندي هئي تنهن ڪري رات جو تڙ تڪڙ ۾ ڪجھه مرد، زناني دٻي ۾ چڙهي پوندا هئا ۽ گاڏي هلڻ کانپوءِ کين اهڙو احساس ٿيندو هو ۽ پوءِ در وٽ هڪ پاسي منهن ڪري ويهي رندا هئاـ
    بعد ۾ مون نوابشاهه ۾ مختلف اخبارون جي نمائندي طور ڪم ڪيو ته بڇيريءَ کي بجلي ڏيڻ واريون خبرون گھڻو ڪري اخبارون ۾ ڏيندو رهندو هوس ۽ پريس ڪانفرنسن دوران ڪو ٽَڪرائجي ويندو هو ته ان کي به بڇيريءَ کي بجليءَ ڏيارڻ ۾ مدد لاءِ چوندو هوس ـ مونکي فخر آهي ته بڇيريءَ کي بجلي ڏيارڻ ۾ ٿورو ڪي گھڻو منهنجو به هٿ رهيو آهي ٻيو نه ته ڪوششن ڪرڻ جي حد تائين ـ
    74 ـ فتح خان جي مقبول ڪچهري:
    60 ۽ 70 جي ڏهاڪن ۾، ريڊيو تفريح جو مقبول ذريعو هوندو هو جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن سال 1964 ۾ پاڪستان ۾ شروع ٿي جڏهن ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سال 1955 ۾ ٺهيو هو ـ تن ڏينهن ۾ يعني 60 واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن ڳوٺاڻي ڪچهريءَ جو مقبول پروگرام شروع ڪيو جنهن جو عنوان جمهور جو آواز هو جنهن ۾ مرڪزي ڪردار فتح خان عرف سيد صالح محمد شاهه جو هوندو هو ـ انهيءَ ريڊيو پروگرام مقبوليت جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا ـ شاهه صاحب بهتر انائونسر ۽ صداڪار به هو ـ شاهه سائين جا بيت نهايت ئي سهڻي ۽ وڻندر انداز ۾ پيش ڪندو هو ـ گھڻو پوءِ، منهنجي ملاقات سيد صالح محمد شاهه سان پي ٽي وي ڪراچي سينٽر ۾، اڳوڻي جنرل مئيجر پي ٽي وي نيشنل اعجاز عقيليءَ جي آفيس ۾ ٿي هئي ـ
    ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۾ گھنور خان جو ڪردار عبدالڪريم بلوچ ادا ڪندو هو جيڪو به گھڻو مقبول ٿيو ـ بلوچ صاحب پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي ڪراچي سينٽر جو جنرل مئنيجر به ٿيو ۽ ان عهدي تان ريٽائر ڪيائين ـ هو اصل ڪوٽڙيءَ جو هو ۽ نامياري فلمي اداڪار ساقيءَ جو ڀاءُ هو ـ اها ڪچهري ڳوٺاڻي ماحول جي ڀرپور عڪاسي ڪندي هئي جيڪا سگھڙن جي ڪچهري هوندي هئي ـ تن ڏينهن ۾ جن ماڻهن وٽ ريڊيو سيٽ ڪونه هوندا هئا سي اٺن ۽ گھوڙن تي چڙهي ڪيترا ڪلوميٽر ڪَهي انهن وٽ ويندا هئا جن وٽ ريڊيو سيٽ هوندا هئا ـ اهو پروگرام ڪيترا ورهيه هلندو رهيو ـ
    75 ـ اخبارون ۾ روزانو نالو:
    هڪ ڀيري ڳوٺ جي رهاڪو آندل سيال (متيَ سيال جو وڏو پٽ) منهنجي هٿ ۾ سنڌي اخبار ڏسي مونکي ٻڌايو ته سندس نالو روزانو سنڌي اخبارون ۾ ڇپندو آهي ـ مون اڇرج وڇان پڇيومانس ته ڪيئن؟ چيائين: هر سنڌي اخبار جي آخري صفحي تي لکيل هوندو آهي: آندل صفحي پهرين تان ـ تن ڏينهن ۾ بقايا جي جاءِ تي آندل صفحي تان استعمال ٿيندو هو ـ جڏهن ته آندل سندس نالو به هوندو هو ـ
    76 ـ چيڪلو راند:
    ڳوٺ ۾ اسان چيڪليَ واري راند به کيڏندا هئاسون ـ لئيَ جي وڻ جي ڊگھي ڪاٺيءَ تي سوراخ ڪندا هئا سون ۽ زمين ۾ هڪ ڏنڊو کوڙي ان تي اها ڪاٺي بيهاريندا هئا سون ـ ڪاٺيءَ جي ٻنهي ڇيڙن تي رسي ٻڌي انهن تي هڪ هڪ ڇوڪرو لٽڪندو هو ۽ ڦرڻيءَ وانگيان گول ڦرنداهئاسون ـ مونکي اها راند ڏاڍي وڻندي هئي ـ اهڙي ريت ميلي ۾ به مان ڦرڻيءَ ۾ ويهندو هوس جنهن۾ ڪاٺ جا گھوڙا ۽ پينگھو ٺهيل هوندا هئا ـ انهيءَ کان علاوهه گھر جي ڪمري اندر ڇت ۾ رسو ٻڌي پينگھه ٺاهي اڪثر لڏندا هئاسون ـ
    77 ـ سڄي ڳوٺ کي ڀت پوت کان نيڪالي:
    اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ بيوهه نالي بيبان سيال (دليل سيال جي ڀيڻ) رهندي هئي ـ گھڻو پوءِ، ڳوٺ وارن ڪنهن فيصلي نه مڃڻ تي کيس ڀت پوت کان ڪڍي ڇڏيو جنهن ڪري اچي بڇيري شهر جا وڻ وسايائين ـ ڪنهن کانئس پڇيو: ڳوٺ وارن توکي ڀت پوت کان ڪڍي ڇڏيو آهي؟ ٺهه پهه وراڻيائين: مون سڄي ڳوٺ کي ڀت پوت کان ڪڍي ڇڏيو آهي ـ
    چون ٿا ته بيبان پنهنجي جوانيءَ ۾ حُسن توڙي بدن ۾ سگھاري هوندي هئي ۽ اڍائي مڻن جي ڳوڻ اڪيلي سر کڻي ويندي هئي ـ
    78 ـ چاليهه چاچا:
    اسان جي ڳوٺ ۾ هر هڪ، پاڻ کان وڏن جي عزت ڪندو هو ۽ کين عزت وچان چاچا يا ماما ڪري ڪوٺيندو هو ـ هڪ ڀيري اسان ٻنهي ڀائرن حساب لڳايو ته ڳوٺ ۾ اهڙا چاليهه چاچا ۽ ماما نڪتا ـ تنهن زماني ۾ پاڻ کان وڏي کي چاچا يا ماما کانسواءِ سڏبو ڪونه هو ۽ اڄوڪي زماني واري حالت بنهه ڪانه هوندي هئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو