مُنڌَ مَ مَنَهَنِ وَيهُه، اُڀي اَوسِرُ اُسَ ۾
تَو سَيِئي سَيڻَ ڪَيَا، ڏُورِ جَنين جَو ڏَيهُه
پَاڙَي پَاڙَي پَيهُه، وَتُ پُڇَندِي پِرِينءَ کَي
سُرُ سَسُئي آبري
مَنَهَن = ڪکاون گهرن - پر هتي مطلب ٿيندو ڇانوَ، ڇانورَو
اُڀي = هل، لوچ، جاڳ، لوڙ، ولوڙ، غفلت ڇڏ
اَوسرُ = اڳتي وڌندي هل، ڪاهيندي هل
سَيڻَ = دوست، محبوب، مٽ مائٽ، عزيز، پنهنجا ويجها
پَيهُه = رُلُ، جاکوڙ، جدوجهد، ڳولا، تلاش
بيت جو پس منظر
~ او سسئي ڇانوَ ڏسي ويهي نه رهه پر اُٿي. ڪاڙهي، گرمي، اُسَ ۽ تتل ڏينهن کان گهٻراءِ نه. پنهونءَ جي ڳولا ۽ تلاش جو ڪم جاري رک.
~ تو سڱ ۽ دوستي ئي اهڙن ماڻهن سان ڪئي، جيڪي هتان تمام گهڻو پري آهن.
~ شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، وستي وستي، واهڻ واهڻ ۽ پاڙي پاڙي وَتُ پنهونءَ جون پڇائون ڪندي.
سمجهاڻي
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي هدايت ٿو ڪري ته سُک، سڪون، آرام ۽ آسائشون نه طلبيو. پنهنجي محبوب ۽ منزلن جي تلاش، ڳولا ۽ جدوجهد جاري رکو. حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن ماٺ ڪري خاموشي اختيار ڪرڻ اوهان کي نٿو جڳائي. توهان جو محبوب ۽ منزلون ته اوهان کان ڪوهين ڏور آهن. هار مڃي هاڻي ئي ويهي رهيا آهيو.
اٿو لوڙيو، لوچو، سوچيو، ويچاريو، غور ڪيو. ڪي نيون حڪمت عمليون ۽ رٿابنديون جوڙيو. اڻ ٿڪ محنت، ولوڙ ۽ مسلسل جدوجهد سان ئي ڪاميابيون پلئهپونديون آهن.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: