هڪ محبت ڪندڙ جوڙي پيار جو پرڻو ڪيو ۔۔۔ سندن خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ خاندان جا فرد ۽ ڪئي دوست ڪهي آيا۔۔۔ ڪنوار پنهنجي مخصوص لباس ۾ جرڪي رهي هئي ته گهوٽ وري پنهنجي خوبصورت مسڪراهٽ سان حسين ٿي لڳو۔۔۔ سڀني ماڻهن جي وات تي بس اها ئي ڳالهه هئي ته ۔۔۔ ”هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ سچو پيار آهي۔۔۔۔“
ڪجهه مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن زال مڙس کي چيو ته ”اڄ مون هڪ ميگزين ۾ پڙهيو ته اڪثر زال ۽ مڙس ننڍين ننڍين ڳالهين تي ناراض ٿي ويندا آهن۔۔۔ ۽ پوءِ پنهنجي خود داري ۽ انا جي ڪري هڪ ٻئي ئي کي ريجهائي نه سگهندا آهن۔۔۔ ۽ نتيجي طور پيار جي شادي به ڪامياب ٿي نه سگهندي آهي۔۔۔ ان ڪري اسان کي پنهنجي شادي کي مضبوط رکڻ لاءِ آخر ڇا ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔۔“
زال وڌيڪ چيو ۔۔۔ ”ڇو نه اسان ٻئي اڄ هڪ اهڙي لسٽ تيار ڪيون جنهن ۾ سموريون هڪ ٻئي جون اهڙيون عادتون يا خاميون لکون جنهن سان پاڻ کي ناراضگي ٿيندي هجي۔۔۔ ۽ پوءِ انهن نوٽ ڪيل ناراضگي پيدا ڪندڙ نڪتن تي ڳالهايون ۽ انهن کي پري هٽايون جيئن اسان پنهنجي زندگي خوشي ۽ ڪاميابي سان گذاري سگهون۔۔۔۔ “
مڙس راضي ٿيو ۽ اهڙي طرح ان ڏينهن ۽ رات ٻئي زال مڙس مختلف ڪمرن ۾ ستا ۽ هڪ اهڙي لسٽ تيار ڪرڻ لڳا جنهن ۾ هڪ ٻئي جون خاميون ۽ اهڙيون عادتون پنن تي لکڻ لڳا جنهن سان کين ناراضگي پيدا ٿيندي هجي۔۔۔
ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتي جي ميز تي ٻنهي فيصلو ڪيو ته پنهنجيون پنهنجيون لسٽون ظاهر ڪن۔۔۔۔
”پهريان مان ٿو ڏيکاريان۔۔۔۔“ مڙس چيو ۽ کيسي مان لسٽ ڪڍي۔۔۔ لسٽ تمام وڏي ٿي لڳي جيڪا ٽن صفحن تي مشتمل هئي۔۔۔ مڙس ناراضگيون پيدا ڪندڙ ڳالهين جي لسٽ پڙهڻ شروع ڪئي ۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ هن نوٽ ڪيو ته سندس زال جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۔۔
مڙس حيران ٿيندي پڇيو ”ڇا ڳالهه آهي۔۔۔؟“ زال وراڻيو ”ڪجهه نه ۔۔۔ توهان لسٽ پڙهڻ جاري رکو۔۔۔“
مڙس پڙهڻ جاري رکيو ۽ آخر ٽئي صفحا پڙهي دنگ ڪيا۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن ڪاڳرن کي تهه ڪندي چيو ”هاڻي تون پنهنجي لسٽ پڙهي ٻڌا ته جيئن ان تي بحث ڪري سگهجي۔۔۔“
خاموش زال وراڻيو۔۔۔۔ ”نه مون ڪابه لسٽ تيار نه ڪئي آهي۔۔۔ منهنجي خيال ۾ توهان ۾ ڪابه غلطي نه آهي۔۔۔ مان نه ٿي چاهيان ته توهان پنهنجي ڪابه عادت تبديل ڪريو ۔۔ توهان پنهنجي موجوده سمورين عادتن سان پيارا ۽ وڻندڙ طبيعت جا مالڪ آهيو۔۔۔ “
مڙس پنهنجي بابت زال واتان اهڙا خيال ٻڌا ته کيس سندس زال دنيا جي خوبصورت ۽ انتهائي پيار ڪندڙ وفا شعار لڳي ۔۔۔ هن تهه ٿيل ڪاڳرن کي ٻيهر هٿن ۾ کنيو ۽ ان جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ لڳو ۔۔۔ جنهن کان پوءِ پنهنجي زال جا هٿن پڪڙيو ۽ انتهائي محبت سان پنهنجي سيني سان لڳايو۔۔۔
سبق: زندگي ۾ اهڙا کوڙ سارا موقعا ملندا آهن جڏهن اڳئين ماڻهون جي ڳالهه يا رويو بلڪل به ڀلو نه لڳندو آهي ۔۔۔ ۽ ناراضگي کان علاوه ڪاوڙ به ايندي آهي ۔۔۔ پر اسان کي اهڙو ڪوبه اظهار نه ڪرڻ گهرجي ۔۔ ڇو ته زندگي انتهائي خوبصورت پياري ۽ محبت سان ڀريل به هوندي آهي ۔۔۔۔ اهو ساڳيو ماڻهون ڪڏهن ڪڏهن تمام ڀلو به لڳندو آهي۔۔
اسان کي ٻين جي ڀلين عادتن جي هميشه تعريف ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي خامين کي نظر انداز ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ ڇو ته هن دنيا ۾ ڪو به اهو دعوى نه ٿو ڪري سگهي ته هو غلطين يا خامين کان پاڪ آهي۔۔۔
اسان کي هميشه ٻين مان خامين جي بجاءِ چڱين عادتن کي ڏسڻ جي عادت رکڻ گهرجي جنهن سان دنيا هميشه خوبصورت ۽ چاهت سان ڀريل نظر ايندي ۔۔۔۔