سچائي ۽ مڃڻوتي۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ محبت ڪندڙ جوڙي پيار جو پرڻو ڪيو ۔۔۔ سندن خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ خاندان جا فرد ۽ ڪئي دوست ڪهي آيا۔۔۔ ڪنوار پنهنجي مخصوص لباس ۾ جرڪي رهي هئي ته گهوٽ وري پنهنجي خوبصورت مسڪراهٽ سان حسين ٿي لڳو۔۔۔ سڀني ماڻهن جي وات تي بس اها ئي ڳالهه هئي ته ۔۔۔ ”هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ سچو پيار آهي۔۔۔۔“
    ڪجهه مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن زال مڙس کي چيو ته ”اڄ مون هڪ ميگزين ۾ پڙهيو ته اڪثر زال ۽ مڙس ننڍين ننڍين ڳالهين تي ناراض ٿي ويندا آهن۔۔۔ ۽ پوءِ‌ پنهنجي خود داري ۽ انا جي ڪري هڪ ٻئي ئي کي ريجهائي نه سگهندا آهن۔۔۔ ۽ نتيجي طور پيار جي شادي به ڪامياب ٿي نه سگهندي آهي۔۔۔ ان ڪري اسان کي پنهنجي شادي کي مضبوط رکڻ لاءِ آخر ڇا ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔۔“
    زال وڌيڪ چيو ۔۔۔ ”ڇو نه اسان ٻئي اڄ هڪ اهڙي لسٽ تيار ڪيون جنهن ۾ سموريون هڪ ٻئي جون اهڙيون عادتون يا خاميون لکون جنهن سان پاڻ کي ناراضگي ٿيندي هجي۔۔۔ ۽ پوءِ انهن نوٽ ڪيل ناراضگي پيدا ڪندڙ نڪتن تي ڳالهايون ۽ انهن کي پري هٽايون جيئن اسان پنهنجي زندگي خوشي ۽ ڪاميابي سان گذاري سگهون۔۔۔۔ “
    مڙس راضي ٿيو ۽ اهڙي طرح ان ڏينهن ۽ رات ٻئي زال مڙس مختلف ڪمرن ۾ ستا ۽ هڪ اهڙي لسٽ تيار ڪرڻ لڳا جنهن ۾ هڪ ٻئي جون خاميون ۽ اهڙيون عادتون پنن تي لکڻ لڳا جنهن سان کين ناراضگي پيدا ٿيندي هجي۔۔۔
    ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتي جي ميز تي ٻنهي فيصلو ڪيو ته پنهنجيون پنهنجيون لسٽون ظاهر ڪن۔۔۔۔
    ”پهريان مان ٿو ڏيکاريان۔۔۔۔“ مڙس چيو ۽ کيسي مان لسٽ ڪڍي۔۔۔ لسٽ تمام وڏي ٿي لڳي جيڪا ٽن صفحن تي مشتمل هئي۔۔۔ مڙس ناراضگيون پيدا ڪندڙ ڳالهين جي لسٽ پڙهڻ شروع ڪئي ۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ هن نوٽ ڪيو ته سندس زال جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۔۔
    مڙس حيران ٿيندي پڇيو ”ڇا ڳالهه آهي۔۔۔؟“ زال وراڻيو ”ڪجهه نه ۔۔۔ توهان لسٽ پڙهڻ جاري رکو۔۔۔“
    مڙس پڙهڻ جاري رکيو ۽ آخر ٽئي صفحا پڙهي دنگ ڪيا۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن ڪاڳرن کي تهه ڪندي چيو ”هاڻي تون پنهنجي لسٽ پڙهي ٻڌا ته جيئن ان تي بحث ڪري سگهجي۔۔۔“
    خاموش زال وراڻيو۔۔۔۔ ”نه مون ڪابه لسٽ تيار نه ڪئي آهي۔۔۔ منهنجي خيال ۾ توهان ۾ ڪابه غلطي نه آهي۔۔۔ مان نه ٿي چاهيان ته توهان پنهنجي ڪابه عادت تبديل ڪريو ۔۔ توهان پنهنجي موجوده سمورين عادتن سان پيارا ۽ وڻندڙ طبيعت جا مالڪ آهيو۔۔۔ “
    مڙس پنهنجي بابت زال واتان اهڙا خيال ٻڌا ته کيس سندس زال دنيا جي خوبصورت ۽ انتهائي پيار ڪندڙ وفا شعار لڳي ۔۔۔ هن تهه ٿيل ڪاڳرن کي ٻيهر هٿن ۾ کنيو ۽ ان جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ لڳو ۔۔۔ جنهن کان پوءِ پنهنجي زال جا هٿن پڪڙيو ۽ انتهائي محبت سان پنهنجي سيني سان لڳايو۔۔۔

    سبق: زندگي ۾ اهڙا کوڙ سارا موقعا ملندا آهن جڏهن اڳئين ماڻهون جي ڳالهه يا رويو بلڪل به ڀلو نه لڳندو آهي ۔۔۔ ۽ ناراضگي کان علاوه ڪاوڙ به ايندي آهي ۔۔۔ پر اسان کي اهڙو ڪوبه اظهار نه ڪرڻ گهرجي ۔۔ ڇو ته زندگي انتهائي خوبصورت پياري ۽ محبت سان ڀريل به هوندي آهي ۔۔۔۔ اهو ساڳيو ماڻهون ڪڏهن ڪڏهن تمام ڀلو به لڳندو آهي۔۔
    اسان کي ٻين جي ڀلين عادتن جي هميشه تعريف ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي خامين کي نظر انداز ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ ڇو ته هن دنيا ۾ ڪو به اهو دعوى نه ٿو ڪري سگهي ته هو غلطين يا خامين کان پاڪ آهي۔۔۔
    اسان کي هميشه ٻين مان خامين جي بجاءِ چڱين عادتن کي ڏسڻ جي عادت رکڻ گهرجي جنهن سان دنيا هميشه خوبصورت ۽ چاهت سان ڀريل نظر ايندي ۔۔۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سچائي ۽ مڃڻوتي۔۔۔

    تمام خوبصورت نصيحت آهي هي نصيًحت اسان جي فورم جي ميمبرن لاء به بهترين سبق آهي ته آئنده پنهنجي ڪوتاهين تي نظر رکجي ليڪن ٻين جي خوبين تي نظر رکي کين خوب داد ڏجي ته انشآء‌ الله ڪو به ڪاوڙ جو ناخوشگوار واقعو پيش نه ايندو۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سچائي ۽ مڃڻوتي۔۔۔

    بيشڪ ڳالهه ته تمام سٺي آهي ۽ نصيحت به اهڙي جو ماڻهونءَ کي کير کنڊ ڪري ڇڏي ٿي پر آءُ هڪ سوال اٿاريندس ته؛
    ڇا پنهنجي پرين پيارن جون خاميون ڏسي خاموش رهڻ سان ڪٿي اسان انهن خامين کي وڌڻ ۽ انهنکي مّضبوط ٿيڻ جو موقعو ته ميسر نٿا ڪريون؟ ٺيڪ آهي ڪنهن پرين پياري جي خاميءَ سبب انکي ڇڏي نه ڏجي پر ڇا اسان جڏهن پنهنجي ڪنهن قيمتي رشتي کي ميرو ٿيندي ڏسندا آهيون يا انکي ڪنهن غلط جڳهه ته هوندي محسوس ڪندا آهيون ته اسانجو اهو فرض ناهي ته انکي سهي ڪريون يا انجي رهبري ڪريون؟
    هيرو هميشه ائين ناهي هوندو جيئن نظر ايندو آهي، انجي تراش ڪئي ويندي آهي، انکي سهڻو ڪيو ويندو آهي، انکي ٺاهي پيش ڪيو ويندو آهي ۔۔۔۔ انڪري آءُ ان خيال جو آهيان ته جي اوهان ڪنهن پرين پياري انسان کي ڪنهن خرابيءَ ۾ محسوس ڪيو ته کيس بچائي وٺو ۽ جتن ڪريو انکي سنوارڻ جا ۔۔۔
    هڪ ڳالهه ياد رکو! دوست اهو ناهي جو هميشه اوهانجي تعريف ڪندو هجي، دوست اهو آهي جيڪو اوهانجي خامين کي قبول ڪندي انهنکي واضح پڻ ڪندو هجي ۽ اوهانکي غلط رستي تي وڃڻ کان خبردار ڪندو هجي۔۔۔۔
    وڌيڪ دوستن جي راين جو انتظار رهندو ۔۔۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سچائي ۽ مڃڻوتي۔۔۔

    ادا رشيد ، تنهنجي هن سبق آموز وارتا کان پوءِ اها خبر پئي ته يار جي ياري سان غرض، رکجي پيار ۾‌ انڪار ۽ اقرار هلندو رهندو آهي، پرفيڪٽ زات الله سائين جي آهي، خاميون ته هر انسان ۾ هونديون، پر حقيقت ۾‌اهو ئي ڪامل مرد توڻي عورت آهي ، جيڪو خامين جي پرده داري ڪري، دوست ڪنهن دور ۾ هڪڙي مون ڪافي لکي هُئي ، جنهن تي منهنجا ان وقت جا ساٿي تمام گهڻا کليا هُئا، اڄ دل چاهي ٿي ته ان ڪافي جا ٻه ٽي بند توهان سان ونڊ ڪندو وڃان۔

    خبر ٿم ته مون ساڻ دوکا ڪرين ٿو
    پرين پوءِ به مونکي تون ڏاڍو وڻين ٿو

    هزارين ته تولئه اٿم جِيءَ ۾ جايون،
    ڀلي ڪر ڀلي ڪر مٺا چلولايون،
    لهين هڪڙي ضد تان مٿان ٻي چڙهين ٿو
    پرين پوءِ به مونکي تون ڏاڍو وڻين ٿو۔

    الا بي رُخي ڪو سکي يار توکان،
    وڙهڻ جي سدائين سکي ڪار توکان
    غصي ۾مٿان ڏس ته هٿڙا ملين ٿو
    پرين پوءِ به مونکي تون ڏاڍو وڻين ٿو​


    بهرحال تنهنجي هي وارتا انتهائي شاندار آهي، تمام گهڻي پسند آئي۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سچائي ۽ مڃڻوتي۔۔۔

    پاڻ ڪريم صلي الله علي وآله وسلم جن جي فرمان جو مفهوم آهي ته
    جيڪو هت ڪنهن مسلمان جي پرده پوشي ڪندو الله تعالي قيامت ڏينهن ان جو پردو رکندو
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سچائي ۽ مڃڻوتي۔۔۔

    سائين گهر جو گاڏو تڏهن ئي هلي سگهندو آهي جڏهن ان کي هلائڻ‌وارن يعني زال مڙس ۾ هڪ ٻئي جي غلطين کي برداشت ڪرڻ جي عادت هجي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو