محمد خان سيال جون ساروڻيون / 15 قسط / ڪالهه گَڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,166
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    79 ـ واچن جي تبديلي:
    چاچا واحدبخش سهتو، چاچا محرم علي ڀٽي (صحافي) ۽ بابا محمد بخش سيال (منهنجو والد ) پاڻ ۾ گهرا دوست هوندا هئا جيڪي هونئن ته نوابشاهه ۾ سدائين ڪچهريون ڪندا رهندا هئا پر ميلي تي ڳوٺ ۾ ضرور ويندا هئا، ڄڻ ته ميلي جو لازمي آئٽم هجن ـ پاڻ ۾ هر وقت کل ڀوڳ ۽ چرچا ڪندا رهندا هئا ۽ هڪٻئي سان ڍير ساريون حُجتون به ـ هڪ ڀيري ميلي جي موقعي تي چاچا واحد بخش هميشه وانگيان بابا سان واچ بدلائي، اتفاق سان ٻين سان گڏ، مان به انهيءَ موقعي تي موجود هئس ـ چاچا واحد بخش سنڌ زميندار ڪوآپريٽو بئنڪ لميٽيد، نوابشاهه ۾ ڪيشيئر طور ڪم ڪندو هو ۽ پوءِ کيس ٽنڊيَ آدم ۾ مئنيجرمقرر ڪيائون، سو ميلي کانپوءِ ٽنڊي آدم موٽي ويو ـ صبوح جو آفيس ۾ ٻه ڪلاڪ دير سان پهتو ـ ڪنهن کانئس پڇيو: اوهان دير سان آيا آهيو؟ وراڻيائين: ٽائيم تي آيو آهيان، اهو چئي پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل زينت ڪمپنيءَ جي واچ ڏيکاريائين جيڪا درحقيقت 2 ڪلاڪ ليٽ هئي، سندس چواڻي اها واچ 2 کان 5 ڪلاڪ ليٽ ٽائيم ڏيکاريندي رهي ـ خبر ناهي ته ڪو شخص بابا کي به، اهڙي واچ مٿي ۾ هڻي ويو هو !
    تن ڏينهن ۾ رومر واچ جو وڏو نالو هوندو هو ـ هونئن به جيڪا گهڙي سنهي هوندي هئي تنهن کي بهتر سمجھيو ويندو هو ۽ ٿليءَ کي خراب ـ جيڪڏهن ڪنهن جي واچ غلط ٽائيم ڏيندي هئي ته هڪدم چوندا هئا: ان کي ريل جي پٽي تي رک يا وري ڪو پنهنجي واچ جي واکاڻ ڪرڻ چاهيندو هو ته چوندو هو: اچ ته پنهنجون واچون گڏ اڇلايون ٿا، پاڻهي خبر پئجي ويندي ته ڪنهن جي واچ بهتر آهي ـ انهيءَ کان علاوهه تن ڏينهن ۾ واٽر پروف واچ کي به بهتر سمجھيو ويندو هو، چوندا هئا: اسان گھڻو وقت واچ پاڻيءَ اندر رکي ته پوءِ به هلندي رهي ـ ان کان اڳ، زنجير واري گول واچ کيسي ۾ رکڻ جو عام رواج هوندو هو ـ ڊي سي هاءِ اسڪول، نوابشاهه ۾ پڙهڻ دوران مون ڏٺو ته اسان جي ڊرائنگ ٽيچر سيد پنڃل شاهه (اصل درٻيلو) وٽ به کيسي ۾ رکڻ واري پراڻي ڊزائين واري گول واچ هوندي هئي ـ مان، ڪيترن ورهين کانپوءِ، پي آءِ ايَ جي العين واري افتتاحي فلائيٽ ۾ ويس ته ابوظهبيءَ جي حڪمران اسان سڀني کي کيسي ۾ رکڻ واري گھڙي سوکڙي طور ڏني هئي ـ
    80 ـ مسافر پير:
    بڇيري ريلوي اسٽيشن جي ويجھو مسافر پير جي قبر آهي ـ چون ٿا ته ڪيترا ورهيه اڳ هڪ اڻ ڄاڻ شخص بڇيريءَ ۾ آيو ۽ ريل جي پٽي تي نماز پڙهيائين ته ريل گاڏي اچي وئي جنهن ڪري فوت ٿي ويو ۽ کيس ريل جي پٽي جي ڀر ۾ دفن ڪيائون ـ ڪجھه ماڻهو اتي سُکائون کڻي ويندا هئا ـ
    81 ـ رونشي خاطر ٻين کي ڏچيَ ۾ وجھڻ:
    رسول بخش سيال ولد جان محمد سيال جنهن جو مان اڳ ئي ذڪر چڪو آهيان ته ڪيئن نه رونشي خاطر اسڪول ۾ شاگردن کي وڙهائيندو هو تنهن پنهنجا ڪارناما بڇيري شهر ۾ به جاري رکيا ـ
    بڇيريءَ جي شهر جي مکيه بازار ۾ سندس هوٽل هوندي هئي جنهن جي معرفت ڪيترن ماڻهن جا خط ايندا هئا ـ هڪ ڀيري شرارت ڪري ڪنهن جو خط کوليائين جنهن ۾ خير جو احوال لکيل هو سو ڦاڙي نئون خط لکيائين: اوهان وٽ ڇوڪريءَ جو رشتو آهي، جيڪو اسان پنهنجي ڇوڪريَ لاءِ وٺڻ ٿا چاهيون ـ جيڪڏهن پاڻ ۾ ڳنڍجي پوندا سون ته بهتر رهندو (کيس خبر هئي ته جنهن جي نالي ۾ خط آيو هو تن وٽ ڇوڪريءَ جو رشتو هو) ـ جڏهن واسطيدار شخص آيو ته ان کي بند ٿيل لفافو ڏنائين جنهن خط کولي پڙهيو ۽ ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو ۽ سندس چهري جا تاثرَ رسول بخش نوٽ ڪيا ـ
    ڪجھه ڏينهن کانپوءِ انهن وري ٻيو خط موڪليو ته اها وچ وارن جي شرارت آهي، اسان ته ڪوبه رشتو ڪونه گهريو آهي ـ رسول بخش نئون خط کولي پڙهيو ـ هن اهو به خط ڦاڙي ڇڏيو ۽ لکيائين: اسان رشتو گھريو آهي ته ڪو ڏوهه ته نه ڪيو آهي، ان ۾ اجايو چڙڻ يا ڪاوڙ ڪرڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي؟ ٻيو خط به جڏهن واسطيدارهمراهه کي مليو ته هو وري تپي باهه ٿي ويو ـ چون ٿا ته ٻنهي ڌرين ۾ غلط فهميءَ جو سلسلو گھڻو وقت جاري رهيو ـ رسول بخش ته ظاهري طور رونشي خاطر ائين ڪيو هو پر انهيءَ جي نتيجي ۾ ٻه گھر ڦِٽي پيا جيڪي اصل ۾ ٿورائيءَ سان واسطو رکندڙ هئا ـ
    82 ـ موت جو وقت لکيل آهي:
    ريلوي جي پٽي ڪراس ڪرڻ ۾ ڪيتري دير لڳي ٿي؟ ٻه يا ٽي سيڪنڊ پر جي موت لکي هجي ته پوءِ وقت هئڻ جي باوجود ريل جو مختصر پٽو پار نه ٿو ٿئي ـ ڪجھه اهڙو ئي واقعو، اسان جي اسڪول ۾ پڙهندڙ ايوب ابڙيَ جي والد علي بخش ابڙيَ سان ٿيو جنهن بڇيري ريلوي اسٽيشن تي ريل جو پٽو ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سامهون ريل گاڏي اچي وئي ـ مناسب وقت هئڻ جي باوجود به هو ريل جو پٽو پار نه ڪري سگھيو ۽ هوش حواس وڃائڻ سبب ريل جي سوڙهي پٽي تي اچ وڃ لائي ڏنائين، تيستائين ريل گاڏي اچي وئي جنهن کيس ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيو ـ
    اسان جي ڳوٺ جو رهاڪو ڄام ولد پهلوان سيال ريلوي ۾ گينگ مين طور ڪم ڪندو هو ته ڊيوٽي دوران ريل گاڏيءَ سان سندس ٽَڪر ٿي پيو ـ ريلوي وارن تن ڏينهن ۾ سندس وارثن کي ٽي هزار روپيا معاوضو ڏنو هو ـ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو