هالا

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    هالا

    ليکڪ: نظام الدين ڪاڪا

    پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي مٽياري جي تعلقي جو درجو رکندڙ هي هالا شهر سڄي دنيا ۾ غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاه ۽ سنڌ جي ثقافت جي ڪري تمام گھڻو مشهور آهي.هن شهر جو پراڻو نالو (هالا ڪنڊي) هو جيڪو هاڻ هالا پراڻا سڏجي ٿو.هالا نوان بعد ۾ نئون شهر جوڙايو ويوجنهن جو پهريائين نالو مترضيٰ آباد هو. هن وقت هي شهر هالا جي نالي سان مشهور آهي.مرحوم مولائي شيدائي صاحب جو چوڻ هو تـ هالا جي اوڀر طرف هالار جبل هندستان جي راجا هال جا يادگار آهن ۽ دنيا جي قديم تاريخ توريت ۾ “سنڌي” لفظ سنڌ جي باريڪ ڪپڙي لاءِ ڪتب آندل آهي جو هالا ۾ ٺهندو هو جنهن تي راجا جي زعفراني مهر لڳندي هئي.راجا هال جي يادگار لاء هالا قبيلو موجود آهي شاه محمد ولد دريا خان هن قوم جو فرد هو جنهن جي نياڻيءَ سان شاه عبدالطيف ڀٽائيٰء جي ڏاڏي سيد حيدر شاه شادي ڪئي هئي ۽ هالا قبيلو اڄ بـ هالا ۾ موجود آهي. حتمي راءِ تـ نـ ٿي ڏئي سگھجي البت ان ڳاله تي سڀ تاريخ نويس متفق آهن تـ هن شهر تي نالو هالا قبيلي جي ماڻهن جي ذات جي ڪري پيو.چچنامـ ۽ تحفت الڪرام ۾ لکيل آهي تـ بنو تيم يعني حضرت ابو بڪر صديق رضـ جي اولاد بـ سنڌ ۾ 1711هـ کان اڳ سنڌ ۾ مستقل طور سڪونيت اختيار ڪئي ان مان مخدوم معظم حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح رحـ جن جا وڏا سنڌ جي شهر ڪوٽ ڪروڙ ۾ رهڻ لڳا جيڪو ملتان جي ڏکڻ ۾ سطلج جي ساڄي ڪپ تي لودران جي ويجھو آهي. سندن اولاد مان قبلـ سائين مخدوم محمد الزمان طالب المولي ۽ قبلـ سائين مخدوم محمد امين فهيم جن جا نالا قابلِ ذڪر آهن
    ان کان علاوه ڪڇ ۽ ڪاٺيواڙ الهندي سامونڊي ڪناري، ڄام نگر،جھونا ڳڙه تائين وارو علائقو بـ هالار سڏجي ٿو چون ٿا تـ اهو هالن جو ملڪ هو انڪري اهو “هالار” سڏيو ويو.اتان کان هجرت ڪري آيل ڪافي ذاتيون اڃا بـ هالاري سڏجن ٿيون جن ۾ هالاري سومرا، هالاري ميمڻ اچي وڃن ٿا جيڪي هٿ جي هنر، چٽسالي ۽ رڱاوت جي ڪري مشهور آهن.شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي هڪ بيت جي سٽ آهي تـ:

    کُنڀ نـ کاري تن کي جو هالاري هوءُ

    هن شهر ڪجھ مشهور شخصيتون جن پنهنجي ڪردار ۾ وڏو نالو ڪمايو انهن ۾ قبلـ مخدوم غلام حيدر صديقي، قبلـ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ، قبلـ مخدوم امين فهيم ، قبلـ مخدوم خليق الزمان، قبلـ مخدوم مخدوم فيق الزمان. قبلـ مخدوم جميل الزمان، منصور ويراڳي، دنيا جو مشهور سياح ميرين انجنيئر ۽ سفر نامن جو بادشاه سڏيو ويندڙ الطاف شيخ، عبدالرزاق ميمڻ (ماهرِ زلزلا) سنڌ جو مشهور فزيشن ڊاڪٽر عابد ميمڻ، مشهور تعليمي ماهر غلام رضا ڀٽو ، پروفيسر نور محمد نجار واڍو، موجوده دور ۾ سائين محمد اظهر علوي. خانصاحب سولنگي۽ مشهور قانوندان عبداللطيف انصاري بـ هن شهر سان واسطو رکن ٿا، هن شهر ۾ سروري اسلاميـ ڪاليج، مخدوم طالب الموليٰ لا ڪاليج هالا،مخدوم غلام حيدر هاء اسڪول هالا.ڊزائين ڪاليج هالا.گرلس ڪاليج هالا،گرلس هاء اسڪول هالا،مونو ٽيڪنيڪ ڪاليج هالا،گورنمينت لور سيڪنڊري بوائز اسڪول واپڊا اسڪارپ ڪالوني هالا ۽ ٻيا ڪيترائي پرائيويٽ تعليمي ادارا بـ هن شهر ۾ پنهنجو تعليمي ۽ شعوري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وقت هالا شهر جي هالاري ذاتيون لاڙ واري علائقي ۽ هالا شهر ۾ موجود آهن ۽ انهن جون هالا شهر جي اصلوڪي رهاڪن سان هاڻ تـ ويجھيون مٽيون مائٽيون بـ آهن.هالا شهر اڄ بـ جنڊي، ڪاشي، اجرڪ، سوسي، کاڌي. چٽسالي، رڱاوت، کٽون ۽ هندورن جي هنرن ۽ ٽوپي، ڀرت، ڪڙاوٽ وغيره اڄ بـ هالا جي هنر جي ڪري مشهور آهن شاه سائين جو بيت آهي تــ:

    اُولاڻيا ارٽ ڪيڏاهن ڪتڻ واريون
    پهيون مٿي پٽ لڙجن لاکيڻن جون

    منهنجو ( نظام ڪاڪا ) جو هڪ شعر آهي تـ:

    سڄو شهر هالا صفا ململي آ
    اسان جي آ دعوت هالا تون هلي آ
    هتي جي تـ کاڌي،هتي جي تـ ڪاشي
    هتي جي تـ سوسي هتي جي تـ گربي
    ٽوپي آ ٽڪن تي ڀلي هت رلي آ

    هي شهر علم، ادب، شاعري، فراست ۽ امن امان جي لحاظ کان بـ گھڻو مشهور آهي. کائڻ ۾ هتي جون پيهون، ٿاڌل، پڪل ٽڪا، پڪوڙا، آچار ۽ ٻيون بـ ڪافي شيون مشهور آهن ِ هالا جي شاهي بازار کي ڪينچي بازار سڏيو وڃي ٿو جيڪا سڄي ڪاٺ جي بناوت سان ڍڪيل آهي.
    هالا شهر ۾ سروري جماعت جي روحاني اولياءَ غوث الحق مخدوم سرور نوح رحـ جي درگاه آهي جنهن درگاه جا لکين مريد ۽ عقيدمند سنڌ، هند، پاڪستان، ايشيا کنڊ جي مختلف ملڪن ۾ ڪروڙين مريد آهن پاڻ شاعر بـ هئا ۽ دنيا ۾ قرآن شريف جو فارسيءَ ۾ پهريون ترجمو بـ غوث الحق مخدوم سرور نوح رحـ جن ڪيو. هالا شهر کي نوح جي نگري بـ سڏيو وڃي ٿو هن شهر ۾ مخدوم صديقي و قريشي، ڪاڪا، ڪوري ، سولنگي، ابڙا، ارباب، علوي، انصاري، ميمڻ،سما، سونارا، سومرا،لوهاڻا، کتري ، ڀائيبند ۽ اردو ڳالهائيندڙ مهاجر جيڪي ورهاڱي کانپوء لڏي اچي هالا ۾ آباد ٿيا ۽ ٻيون بـ انيڪ ذاتيون رهائش پذير آهن. اڄ تائين هر سال سهائو سومار وڏي شان شوڪت سان ملهايو ويندو آهي ۽ سروري جماعت جا لکين مريد قافلن جي صورت ۾ سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن کان علاوه ڪڇ، ڪاٺيواڙ، ڀوڄ هندستان کان بـ ڪيترائي مريد پنهنجي مرشد جي درگاه تي اچي مصتفيض ٿيندا آهن ۽ باسون باسيندا آهن ۽ دعائون وٺي واپس پنهنجي اباڻي ڪکن ڏانهن روانا ٿيندا آهن.

    ڀڃي دل جا تالا هلي ڏس تون هالا
    نظارا نرالا هلي ڏس تون هالا


     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 نومبر 2014
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ونڊ سائين
     
  3. رضوان ساند

    رضوان ساند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2013
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    رانا انٽرپرائزز
    ماڳ:
    اصل: عمر ڪوٽ _ ويٺل : ڪراچي
    واه سائين واه تمام بهترين :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    تمام بهترين ونڊ سائين
     
  5. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    جنڊي جي ڪم تي مواد ملي ته قرب ٿيندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو