سَسُئِي حُسَينِي تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪَانهَي وَيلَ وِهَڻَ جِي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10500247_10204905531896276_7602974019281706694_n.jpg


جَان جِئَين تَان جَلُ، ڪَانهَي جَاءِ جَلَڻَ رِيءُ
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪَانهَي وَيلَ وِهَڻَ جِي


سُرُ حُسَيني (سسئي)

جيئَن = جيسين جيئري آهين، جيسين سسيءَ ۾ ساهه ٿي
جَلُ = جلندي رهه، سڙندي پڄرندي رهه
وَيلَ = مهل، گهڙي، وقت

بيت جو پس منظر

~ جيسين جيئري آهين ۽ جيستائين سسيءَ ۾ ساهه اٿئي، تيستائين پرينءَ لاءِ سڙندي پڄرندي رهه.

~ اهو نه ڏس ته ٿڌ آهي يا گرمي هر وقت، هر پل، هر گهڙي اڳتي ڪاهيندي وڌندي هل.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ذريعي سڄي زندگي سوچڻ، لوچڻ، لوڙڻ، اڳتي وڌڻ ۽ جدوجهد ڪندو رهڻ جو ڏس ڏئي ٿو. اُهي فرد يا قومون ڪڏهن به محبوب ۽ منزلون حاصل ناهن ڪري سگهندا جيڪي ٿڪجي ۽ هار مڃي ويهي رهن ٿا.

سنڌي قوم هينئر واڳن جي وات ۾ آهي، گهيري ۾ آهي. هڪ پاسي پنهنجا ويڪائو وڏيرا، پير، مير، جاگيردار،رئيس، ڀوتار ۽ غدار حڪمران سنڌ سان سچا ناهن، ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ رهندڙ جِجو بلاڙا سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جي سانباهن ۾ آهن.
هوڏانهن وري ڌارين جا ڪٽڪ روز پيا سنڌ ڏانهن ڪاهيندا اچن. ڌاري آبادڪاري ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ان کي ٻنجو ڏيڻ وارا سنڌ دشمن حڪمران مال ميڙڻ ۽ ڪرسي بچائڻ ۾ پورا آهن. سنڌ م مهاجر، بهاري، پنجابي، پٺاڻ، گلگتي، بلتستاني، برمي ۽ ٻيون ڌاريون قومون ڌڙا ڌڙ آباد ٿي رهيا آهن. سنڌي ماڻهون هڙتالن، مظاهرن ۽ پريس بيانن تائين محدود آهن.

اچو ته ڀٽائيءَ جي هن سڏ کي سمجهي هن ذلت کان امن، انصاف ۽ آجپي تائين سک ڇڏي ڏکن جا هيراڪ ٿيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top