هي سنڌ آهي، آمريڪا نه آهي، خدارا تعليم تي رحم ڪريو!!!!!

'سنڌي ادب' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    هي سنڌ آهي، آمريڪا نه آهي، خدارا تعليم تي رحم ڪريو!!!!!
    ڪنيز فاطمه راڄپر فيض گنج



    ترقي جي سموري سرشتي جو دارومدار تعليم تي آهي ترقي جي هر وک علم کان شروع ٿئي ٿي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ 1947ع کان وٺي اڄ تائين تعليم کاتي ۾ سڌارن آڻڻ جي بجاءِ ان تي الٽا سڌا تجربا ڪري پوري تعليمي نظام جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي هرڪو استادن تي ڪاوڙيل نظر ايندو ته استادن تعليم جي تباهي ڪئي آهي سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته استاد ويچاري جي هٿ ۾ آهي به ڇا؟ استاد نه پاليسي ٺاهڻ ۾ شامل آهي نه نصاب ترتيب ڏيڻ ۾ شامل آهي استادن تي حڪم صادرٿئي ٿو ۽ هو ان حڪم جو پابند آهي ان کي جيڪا ٺهيل پاليسي ملي ٿي نصاب ملي ٿو ان کي فالو ڪري ٿو استاد کان صلاح ڪير ٿو وٺي سهيل ميمڻ صاحب جو مضمون ” استادن جي تنظيم جو احتجاج ڇو ۽ ڇالاءِ “ پڙهي افسوس ٿيو ميمڻ صاحب چوي ٿو ته استاد گوسڙو ماسترن ڪرپشن ٻه ٻه نوڪريون ڪندڙن ۽ پئسا وٺي ڀرتيون ڪرڻ جي خلاف احتجاج ڪن ها ادا اهي سڀ غلط ڪم ڪير ٿو ڪري استاد ڪو ڪو ڏوهي هوندو پر اڪثريت احل ۽ ايماندار استادن جي آهي گوسڙو استادن جي حمايت تنظيم نه ٿي ڪري ڪنهن به تنظيمي عهديدار ڪنهن استاد کي اهو ناهي چيو ته تون وڃي وڏيري جي ڪمداري ڪر، انهن جي پٺڀرائي به اسان جو اڻپورو ۽ڪرپٽ نظام ٿو ڪري پئسا وٺي ڀرتيون ڪنهن ڪيون جن پئسا ورتا انهن کي ڪنهن جي پٺڀرائي آهي لکن ۽ ڪروڙن جا غبن ڪير ٿو ڪري ،دادو ضلعي ۾ پرائمري ٽيچر 95هزار پگهار ٿو کڻي ۽ پٽيوالو 85 هزار پگهار ٿو کڻي اهي استاد ادا ٿو ڪري انهن کان پڇاڻي جو اختيار استاد کي آهي تنظيم جي ڪنهن عهديدار جو آهي؟ مانواري سيڪريٽري جوچوڻ ته ڪامورن جي ملي ڀڳت سان ٿو ٿئي ادا ڪاموري جي مقرري ۽ تحفظ ڪير ٿو ڪري استاد ؟

    جناب سيڪريٽري صاحب توهان گسٽا صدر حاجي محمد اشرف خاصخيلي جا ڏنل وايا ته مئنيجمنٽڪيڊر ڇا آهي غور سان ڏسو اگر توهان تعلقه ايجوڪيشن ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ ڊائريڪٽر اسڪولز جي پوسٽن تي

    آفيسر رکندا ته اهي تعليم جوٻيڙو تاريندا؟ هرگز نه جن کي تعليم P.CS/Pass

    جو ڪو به تجربونه هوندو اهو ڪهڙو سڌارو آڻيندا ادا منهنجا پڙهائڻ ڪو مذاق نه آهي پڙهڻ کان وڌيڪ مشڪل پڙهائڻ آهي ۽ پڙهائڻ لاءِ تجربو گهرجي ان کان اهم اها ڳالهه آهي ته ان پڙهائي جي عمل کي بهتر بنائڻ لاءِبهترين منٽظمين جي ضرورت آهي ان ساري عمل کي ڪارآمد بنائڻ ماهر آفيسر ضروري آهي نه ڪي ڀوتارن جي دادلن آفيسرن جي . آفيسر مقرر ڪرڻ ء۽ ان کان صحيح نگراني ۽ انتظام هلائڻ جي پابندي ڪرائڻ ته انتظاميا ۽ گورنمنٽ جو ڪم آهي انههن کي استاد ڇا ٿو ڪري سگهي تنظيم جو تحفظ ته استادن لاءِ آهي هو ته استادن جي جائز حقن جي لاءِ جيڪو ڪم ڪري سگهن ٿا ڪن ٿا ڪرپشن کي ختم ڪرڻ ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي سز ڏيڻ ته گورنمنٽ ۽ قانون جو ڪم آهي انهن ڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ ملائڪ ته ڪو نه ايندا .ها اها ڳالهه به مڃجي ٿي ته استاد تنظيمون ڪو خاص ٻوٽو ٻاري نه سگهيون هونديون پر انهن جي هٿ ۾ آهي ڇا؟ ابتيون سبتيون پاليسيون ٺهي اچي مٿان لٿيون هر سال تعليم تي نئون تجربو ٿئي ٿو پرائويٽ ادارن کي هٿي گورنمنٽ ڏئي ٿي انهن لاءِ ڪو خاص قانون يا قاعدو مقرر نه آهي تعليم جو ٻٽو معيار آهي شهرن ۾ انگلش ميڊيم آڪسفورڊ جا ڪورس پڙهايا وڃن ٿا ٻهراڙين ۾ مدي خارج اهوئي پراڻو ڪتاب جيڪو غلطين سان ڀريل آهي اهو پڙهايو وڃي ٿو مادري ٻولي کي خارج ڪرڻ جا جتن ٿا هلن ۽ زور وري چيني ۽ عربي تي مرحوم استاد قربان ميمڻ صاحب چوندو هو ته ٻار واهي ( اڏ ) به ٽپڻ نه ڄاڻي وري اسان ان کي واهه ٽپڻ لاءِ چونداسين ته اهو ٻڏندو نه ته ترندو؟

    خدارا تعليم تي رحم ڪريو تجربا نه ڪيو ڪيڊر تبديل ڪرڻ سان ڪجهه به نه ورندو قانون تي عمل ڪرايو غلط ماڻهن تي سخت نگراني جو عمل ٿيڻ گهرجي ڪرپشن کي ٻنجو ڏيو پنهنجا نوازي پاليسي تبديل ڪيو ۽ استادن کي جديد تعليم جي پٽاندڙ سکيا ڏيو اسڪولن ۾ سائنس ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم لازمي ڪيو استادن جي ٽريننگ ۽ سکيا جو پروگرام ڪيو استادن کي تعليمي پاليسي ۽ نصابي عمل ۾ شريڪ ڪيو ته تعليم ۾ بهتري اچي سگهي باقي پراوا محل ڏسي پنهنجا جهوپڙا نه ساڙيو هي آمريڪا برطانيا نه آهي هي ويچاري سنڌ سڳوري آهي جتي ٽڪر اجهي ۽ لتي لاءِ ماڻهو پريشان آهن جتي استاد ويچارا ڇت ڪرڻ جي ڊپ ۾ اسڪولن جي بلڊنگن مان ٻاهر اچي وڻ جي هيٺان ويهن ٿا ۽ نياڻين کي ليٽرين جي سهولت نه هئڻ ڪري مشڪلاتن مان گزرڻو ٿو پوي جتي هر روز ڊيوٽي تي ويندي ڪنهن نه ڪنهن مسڪين استاد کان موٽرسائيڪل ڦرٿئي ٿي جيڪا ويچارو قرض تي وٺي ٿو ته وڃي ڊيوٽي ڪيان پر شام جو پنڌ پيادو ڌاڙيلن جي ڏمر جي ور چڙهي ٿو .

    خدارا ! تعليمي نظام کي حصن ۽ پتين۾ ورهائي پنهنجا نوازئي واري ڪاري قانون کي هٿي وٺرائڻ جي بجاءِ هلندڙ تعليمي نظام کي ڪار آمد بنايو ان تي توجهه ڏيو جنهن تعلقي جو تعليمي نظام معيار گهٽ هجي ان آفيسر کان پڇاڻو ڪيو جنهن ضلعي ۾ بدنظمي هجي ان ڊسٽرڪٽ آفيسر کان پڇاڻو ٿئي تعليم جهڙي عظيم پيشي سان مذاق بند ٿيڻ گهرجي ڪم ڪندڙ استاد ۽گوسڙو ۾ فرق ڪرڻ گهرجي

    واڪا ڪرڻ مون وس

    ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    تمام بهترين سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو