صوفيت حقيقت جي آئيني ۾!!!!!!!!

'مقالا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    صوفيت حقيقت جي آئيني ۾!!!!!!!!
    اعجاز ممنائي

    انسان جڏهن تصوف جي شروعات جي تحقيق ڪندو تن اها ڳاله روشن سج وانگر ظاهر ٿيندي نظر اچي ٿي ته صوفيت ڪو مذهب يا فرقو نه آهي بلڪه هڪ ٽڪراء وارو گروهه آهي سن 140 هجري ۾ هڪ خاص لباس پائي ٻه فرد ظاهرٿيا هڪ ڪوفي (عراق) جو ابو هاشم ۽ ٻيو عبدڪ صوفي هو

    ڪن تاريخدانن حسن بصري ۽ رابعه بصري کي به صوفيت ۾ شامل ڪيو آهي ۽انهن کان صوفيت جي ابتدا چون ٿا جڏهن ته ڪي مورخين لکن ٿا ته 200 هجري ۾ اسڪندريه ۾ هڪ گروهه ابو عبدالرحمانجي سالاري ۾ ظاهر ٿيو .

    زهد ۽ تقويٰ جا ٽي قسم آهن

    (1) اسلامي زهد ۽ تقويٰ؛ جنهن تي آئمه عليهم السلام جا پيروڪار قائم رهيا.

    (2) ڪوفي زهد ۽ تقويٰ؛ صرف ڪوفي ابوهاشم جا پيروڪار رهيا

    (3) صوفي زهد ۽ تقويٰ؛ هي گروه ابتدا کان مختلف نظريا ڏيندو رهيو

    مثال طور؛ ڪي چون ٿا ته اون جو اهو ٽڪرو جيڪو ڦاٽل ۽ ميرو هجي ۽ اهو ڪنهن چوراهي تي پيل هجي ،ڪوبه ان کي ڏسڻ لاءِ تيار نه هجي ان ٽڪري کي صوف چوندا آهن صوفي پاڻ کي ان ٽڪري وانگر سمجھن ٿا.

    جڏهن ته ڪن جو خيال آهي ته صوفي صف مان ورتل آهي اهي فرد جيڪي پنهنجي بلند همٿي جي ڪري الله جي رازن جا امين هجڻ ڪري صف اول ۾ بيٺل آهن انڪري کين صوفي چيو وڃي ٿو.

    ابن جوزي بغدادي پنهنجي ڪتاب تلبيس ابليس ۾ لکي ٿو ته 2 صدي هجري ۾ هڪ جماعت ظاهر ٿي جيڪا زهد ۽ عبادت جي شيدائي هئي انکي دنياوي شين سان ڪابه دلچسپي نه هئي اهي افراد غوث بن مروه سان مشابه ٿي ويا جنهن جو تعلق زمانه جاهليت سان هو سي پاڻ کي صوفي سڏرائڻ لڳا.

    ڪن مورخن اهو لکيو آهي ته صوفي هندستان جي قديم مذاهب مان آهن جيڪي غير خدا جي عبادت ڪندا هئا۽انهن جو تعلق جوڳين سان آهي انهن جوڳين جو لباس ۽ خوراڪ کي ڏسي مسلمان عابدن ۽ زاهدن پاڻ تي صوفي نالو رکي ڇڏيو.

    جڏهن ته ابوبڪر شبلي چوي ٿو ته صوفي اهو آهي جيڪو خدا جي خلق کان ڌار ٿي حق سان ملي وڃي ڇوته تصوف جا چار رڪن آهن

    (1) ڪم خوري يعني بک ڪاٽڻ (2)بيداري يعني گھٽ سمهڻ (3) ڪم گوئي يعني گھٽ ڳالهائڻ (4) خلق کان دوري يعني ماڻهن کان پاسي رهڻ

    انجو اهو به خيال آهي ته صوفي صوف مان ورتتل آهي جنهن مطابق(ص) مان مراد صبر،صدق،صفا آهي (و) مان مراد ود ، ورد،وفا آهي ۽ (ف)مان مراد فضل ،فقر،فنا آهي.

    ان عوام الناس لاءِ خودساخته ۽ بي معنيٰ اصلاحات واضع ڪري صوفي نظريي جي پرچار ڪئي مثلا فنا ، بقا ،وجد ،محو ،سڪر ، شريعت ، طريقت ۽ حقيقت وغيره . هنن وٽ قبرن تي مقامن تي جنازي سان طبله باجا ،دهل ڌمچر ثواب ۾ شامل آهن ائين ئي نچڻ ،ڪڏڻ ،رقص ڪرڻ ،جھمريون پائڻ عمل صالح ۾ شمار آهن .هنن وٽ مرشد جو هڪ ديدار هزار سجدن جي برابر آهي ،بايزيد بسطامي ،شبلي ۽ شوشتري وغيره جهڙن صوفين جي ڪلام کي پڙهڻ سان انسان آسانئ سان ان نتيجي تي پهچي وڃي ٿو ته صوفي آخرت ۽ ڏينهن قيامت جا به انڪاري آهن

    صوفيت جا تقريبن 200 ٽولا ٺهي چڪا آهن جن ۾ احمديه ، قادريه ، جنيديه ، غزاليه ، حيدريه ، قلندريه ، رفاعيه، شادليه ، شطاليه ، جزوليه ، حلاجيه ، سهرورديه ، خلوتيه ، مولوديه ، وحدتيه ، اتحاديه ، حلوليه ، واصليه ، تلقيه ، واصليه ، زراقيه ،عشاقيه وغيره شامل آهن . جڏهن ته اسلام انهن سڀني کان ڌار آهي .اهڙي نموني تصوف سان تشيع جو ڪوبه تعلق نه آهي ڇوته شيعه ان کي چئبو آهي جيڪو آئمه عليهم السلام جي ذات ۽ ڪردار ،قول ۽ فعل سان محبت ڪري ٿو شيعه جو عقيدو آهي ته آئمه اهلبيت عليه السلام دين اسلام کي زنده رکيو آهي انکي انهن کانسواءِ کو ٻيو مرشد يا هادي نه ٿو ٿي سگھي . شيخ عباس قمي سفينته البحار ۾ لکي ٿو ته صوفين جو هڪ ٽولو خراسان ۾ امام علي رضا عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ امام جي لباس کي ڏسي اعتراض ڪرڻ لڳو ته امت جي رهنمائي لاءِ هڪ اهڙي امام جي صرورت آهي هنهن جو لباس سادو ۽ بک تي رهڻ وارو هجي .امام کين فرمايو ته دين ۽ ديندار کي ماپڻ جو پيمانو کائڻ پيئڻ ۽ لباس واريون شيون نه هونديون آهن ڇوته اسلام انسان کي کائڻ پيئڻ جي آزادي ڏئي ٿو .حلال ۽حرام جا حد ڪم خوري ۽ پر خوري جا حد ٻڌايا آهن اهڙي طرح امام جي لاءِ علم ،تقويٰ ، پرهيزگاري ،عمل صالح ، ڀلائي جا ڪم ڪرڻ ، ڪلمه حق چوڻ ،ظلم ۽ فساد جي مخالفت ڪرڻ ۽قول فعل ۽ عدالت جو هجڻ لازم آهي . جيئن نبي ڪريم صه حضرت ابوذر کي فرمايو ته آخري زماني ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا جنهن جو لباس گرمي ۽ سردي لاءِ الڳ الڳ هوندو هو پاڻ کي عابدن ۽ ذاهدن ۾ شمار ڪندا ، پاڻ کي ٻين کان بهتر سمجھندا پر الله انجو رسول ۽ زمين و آسمان جا فرشتا انهن تي لعنت ڪندا.

    سيد مرتضيٰ پنهنجي ڪتاب ۾ حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام کان روايت نقل ڪري ٿو ته امام فرمايو اي ابو هاشم عنقريب اهڙو زمانو ايندو جنهن ۾ ماڻهن جا چهرا ته هشاش بشاش ايندا مگر انهن جي دل آلوده ۽ تاريڪ هوندي .ان دور ۾ سنت کي بدعت ۽ بدعت کي سنت سمجھيو ويندو ،مومن کي حقير ۽ فاسق و فاجر کي محترم سمجھيو ويندو . انهن جا حڪمران ظالم هوندا ۽ علماءان ظالم جي ايوانن ۾ ويندا ، ان وقت جا دولتمند غريبن جو استحصال ڪندا ،انهن جا ننڍا وڏن اڳيان هلندا ،اهي جاهل کي عالم سمجھندا ،ان وقت جا عالم ۽ عوام زمين جا بدترين فرد هوندا .

    حضتت امام مهدي ّپنهنجي مڪتوب ۾ فرمائن ٿا ته اي اسان جا پيروڪارو! احمد بن بلال ڪرخي جي شر کان پاڻ کي بچائجو ڇوجو اهو رياڪار آهي مان انهن کان بيزار آهيان جيڪو صوفين کان بيزاري اختيارنه ڪندو مان انهن کان به بيزار آهيان.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    بهترين ڪاوشون سائين
    خوش رهو
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    صوفين صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو
    تِهان پوءِ ٿيو جيئري پسڻ پرينءَ جو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو