محمد خان سيال جون ساروڻيون / 16 قسط / ڪالهه گَڏيوسون ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    83 ـ ريل گاڏيءَ جو سفر:
    ريل گاڏيءَ ۾ نوابشاهه وينداهئاسون ته ڪنهن وقت ٿرڊ ڪلاس جو ڀاڙو في ماڻهو ڇهه آنا به رهيو ـ ريلوي ۾ انٽر ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس به هوندا هئا ـ ڪن خاص ٽرينن ۾ فرسٽ ڪلاس به هوندو هو ۽ چوندا هئا ته ريل جو فرسٽ ڪلاس جو ڀاڙو هوائي جهاز جي ڀاڙيَ جي برابر هوندو هو ـ
    ريل ۾ چڙهڻ سان نقلي دوائون وڪڻندڙ ۽ ماتليءَ جو جلاب وڪڻندڙ اڪثر موجود هوندا هئا ـ تن ڏينهن ۾ ريل جي گاڏن اندر هڪ اڌ جملو لکيل هوندو هو جيڪو مون کي پڙهڻ ۾ ڪونه ايندو هو ـ اردوءَ ۾لکيل هوندو هو: تھوڪيئيَ نھين، جڏهن ته عام طور تين جي پليٽن کي ڪَپي اهڙا جملا تيار ڪيا ويندا هئا ۽ پوءِ انهن کي رکي، مٿان مسُ ڦيريندا هئا ته اهڙا نعرا ڇپجي ويندا هئا، ريل جي گاڏن اندر به ائين هوندو هو ـ جيئن ته ريل گاڏيءَ جي تختن جي وچ ۾ وٿي هوندي هئي سو نعرو هن ريت پڙهبو هو: تبو ڪيئي نھين، مان پرائمري جي پهرين يا ٻئي ڪلاس جو شاگرد اڪثر سوچيندو هوس ته اهو ڇا لکيل آهي؟ گھڻو پوءِ، اها ڳالهه سمجھه ۾ آئي ـ اهڙي ريت نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تي جنڪشن لکيل هوندو هو پر اسان پڙهندا هئاسون: جن + ڪشن ـ
    اسان جي ڳوٺ جو هڪ شاگرد جڏهن رات جو لُنڊي ذريعي نوابشاهه کان بڇيري آيو ته رونشي خاطر ٽرين جي ٽوائليٽ مان بلب ڪڍي آيو جيتوڻيڪ تن ڏينهن ۾ ڳوٺ ته پري پر بڇيريءَ شهر ۾ به بجلي ڪونه هوندي هئي ۽ ٻئي ڀيري ٽوائليٽ کان آئينو ڪڍي آيو هو ـ
    ريل گاڏيءَ ۾ ٽه پتائي به اڪثر سوار ٿيندا هئا ۽ ماڻهن کي ڦريندا هئا ـ گھڻو پوءِ، لنڊن جي انڊر گرائونڊ ٽرين کان هائيڊ پارڪ ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ته مون کي ٽه پتائي ورائي ويا پر جيئن ته مونکي اڳ ئي خبر هئي، سو سندن وڪڙ ۾ ڪونه آيس ـ هنن کي شايد خبر نه هئي ته اسان وٽ ٽه پتائي ته کوڙ آهن ـ
    سو ڳالهه ٿي ڪيم ٽرين جي سفر جي ـ تن ڏينهن ۾ هڪ اهڙو مرد به ريل جي دٻن ۾ ڪڏهن ڪڏهن خيرات گھرندو هو جنهن جي لاءِ مشهور هو ته هو آپريشن ڪرائي عورت کان تازو مرد ٿيو ـ سندس عورتاڻو نالو درياهه خاتون ۽ مرداڻو نالو درياهه خان هو ۽ هو به خيرات پنندو هو ـ
    ڪي مسافر پيهه سبب گارڊ سان ڳالهائي سندس خاص دٻي ۾ سفر ڪندا هئا ۽ موٽ ۾ کيس خرچي به ڪرائيندا هئا پر ائين ورلي ٿيندو هو ـ بڇيري ريلوي اسٽيشن تي عورتن لاءِ ڪابه ويٽنگ روم ڪانه هوندي هئي ۽ ڪڏهن نوابشاهه اچڻو هوندو هو ته امان ۽ ٻيون مسافر عورتون، ريلوي پل جي ڏاڪڻين جي هيٺان هڪ طرف برقعو پائي ويهي ريل جو انتظار ڪنديون هيون البت نوابشاهه اسٽيشن تي مردن توڙي عورتن لاءِ الڳ الڳ ويٽنگ روم هونديون هيون ـ
    84 ـ مڪس ٽرين:
    تن ڏينهن ۾ لاهور کان ڪراچي ۽ واپسيءَ لاءِ، لاهور پيسينجر ٽرين هلندي هئي جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ مڪس ٽرين ڪوٺبو هو ـ اها ٽرين هر اسٽيشن تي بيهندي هئي ۽ ان ۾ ڳاڙهي رنگ جو دٻو لڳل هوندو هو جيڪو ٽپال جو هو ـ اها ٽرين ڪڏهن به وقت تي ڪونه آئي ـ چون ٿا رڳو هڪ ڏينهن لاهور کان ڪراچي ويندڙ ٽرين، بڇيري ريلوي اسٽيشن تي وقت تي پهتي هئي ـ پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اها ڪالهوڪي ٽرين آهي جيڪا رڳو 24 ڪلاڪ ليٽ ٿي آهي، تڏهن ته ائين لڳي رهيو هو ته ٽرين پهريون ڀيرو وقت تي آئي آهي ـ
    85 ـ ڏاچيءَ جو کير:
    هڪ ڀيري اسان جي پاڙيسري محمد پريل سهتيَ جي گھر ۾ ڏاچي آئي سو اسان ان جو کير پيئڻ لاءِ وياسون ـ چوندا آهن ته ڏاچيءَ جو کير هانچي ۽ ٻين بيمارين لاءِ بهتر هوندو آهي ـ ان کان علاوهه ڪڏهن ڪڏهن اسان ٻارن جو وات پچي پوندو هو ته ٻڪريءَ جي تازيَ کير جا گُوها هڻائيندا هئا سون ته فائدو ٿي ويندو هو ـ هاڻ ته ڏاچيءَ جي سُڪل کير جا اشتهار به اخبارون ۾ ڏسندا آهيون جن ۾ لکيل هوندو آهي ته اهو صحت لاءِ ڪارائتو آهي ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو