محمد خان سيال جون ساروڻيون / 17 قسط / ڪالهه گَڏيوسون ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    My Memoir - 17
    محمد خان سيال جون ساروڻيون / 17 قسط / 17 نومبر 2014

    86 ـ منهنجي بيماري ۽ امان:
    هڪ ڀيري ڳوٺ ۾ بيمار ٿي پيس ـ ننڍڙو هوس سو ڪمري ۾ سُک نٿي آيو، سو امان کي چيم ته ٻاهر اڱڻ ۾ ٺاهيل ننڍڙي پيهي ۾ کڻي هلي جنهن تي امان سخت گرميءَ ۾ مون کي ڪڇ تي کڻي اتي پهچايو ـ وري ٿوري دير کانپوءِ کيس چيم ته اندر کڻي هل ته هن ائين ڪيو ـ مان سمجھان ٿو ته کيس 10 ڀيرا کن اندر ۽ ٻاهر کڻي هلڻ لاءِ چيو هوندم ۽ هوءَ ائين ئي ڪندي رهي پر سچ پڇو ته سندس نرڙ تي مجال آهي جو سکڻو هڪ ڀيرو به گھنج پيو هجي ـ بيمار ٿيندو هوس ته امان ساري رات جاڳندي هئي پر سندس منهن تي ڪڏهن به بيزاري نه پسبي هئي ـ مون کي ته اڄڪلهه جون گھڻيون مائرون ياد اچن ٿيون جيڪي ٻارن جي بيماريءَ يا لاڳيتي جاڳڻ کان بيزار ٿي کين ٿڦڙ هڻي سگھو ئي سمهاري ڇڏينديون آهن ـ
    انهي کان علاوهه، اونهاري ۾ شام جو جڏهن امان کٽون ٻاهر اڱڻ ۾ رکندي هئي ته مان شرارت ڪري کٽ لاهڻ کان ٿورو اڳ، انهن تي چڙهي ويهندو هوس ۽ سچ ته اهو آهي ته امان ڪڏهن به ڪاوڙ نه ڪئي ـ
    ڳوٺ ۾ امان ڪڏهن ڪڏهن چلهه جي گرم رک اندر عالو وجھي پُرڙيندي هئي ـ بعد ۾ ان جي کل لاهي، لوڻ ۽ مرچ وجھي تيار ڪري ڏيندي هئي جيڪي مون کي کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ڏيندا هئا ـ سياري ۾ گھڻو ڪري صبوح جو بُصري به کائيندا هئاسون ـ
    امان کاٻڙ (کاٻي هٿ سان ڪم ڪندڙ) هوندي هئي ـ چون ٿا ته ساري دنيا ۾ کاٻڙ ماڻهن جو انگ ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ آهي جن ۾ هندوستاني اداڪار اميتاب بچن به شامل آهي ـ مان جڏهن به ڪو کاٻي هٿ سان ڪم ڪندي ڏسندو آهيان ته مونکي امان جي ياد اچي ويندي آهي ـ
    87 ـ مشهور ڳائڻا ۽ سنڌي خبرون:
    تن ڏينهن ۾ ريڊيو جا مشهور سنڌي ڳائڻا هئا: سڀ کان مقبول ڳائڻو ماسٽر چندر (جنهن سان منهنجون گھڻو پوءِ ممبائيءَ (پراڻو نالو بمبئي) ۾ سندس دادر واري بنگلي ۾ ملاقاتون ٿيون، جيوڻي ٻائي، سونا خان بلوچ، استاد منظور علي خان، محمد ابراهيم ، سشيلا مهتاڻي، ڀڳت ڪنور رام وغيره، اردوءَ ۾ لتا، سندس ڀيڻ آشا، ثريا، شمشاد بيگم، محمد رفيع، طلعت محمود وغيره ۽ پاڪستاني ڳائڻا زبيدا خانم، مسرت نذير ۽ عنايت حسين ڀٽي وغيره ـ جيوڻي ٻائيءَ جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ته تن ڌينهن ۾ هوءَ ۽ ماسٽر چندر سنڌي راڳ جي دنيا ۾ وڏا نالا هوندا هئا ـ جيوڻي ٻائي اسان ته ڪونه ڏٺي پر اسان جي ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته هڪ ڀيري ريل ۾ سفر ڪرڻ دوران کيس وڏي پيتي هٿ آئي، ان کي لهرايائين ته ان کان لاش نڪتو هو ـ چون ٿا ته جيوڻي ٻائيءَ جيڪڏهن ڪنهن محفل ۾ رات جو ڳائيندي هئي ته سندس آواز ميلن تائين ٻُڌبو هو ـ
    تن ڏينهن ۾ نوابشاهه جو هڪ ڳائڻو غلام رسول نوابشاهي به ريڊيو تي ڳائيندو هو ـ سندس هڪ ڪلام مشهور ٿيو: تون ياد ڪرين، يا نه ڪرين، ياد ڪريان ٿو پر سندس ٻيا ڪلام مقبول ڪونه ٿيا ۽ مون کي ياد آهي ته ڪجھه ماڻهو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس ڪلام اچڻ تي ٿوري دير لاءِ ريڊيو ئي کڻي بند ڪري ڇڏيندا هئا ـ عنايت حسين ڀٽيءَ جا ٻه گانا گھڻو مشهور ٿيا: محبت ڪا جنازا جا رھا ھيَ ۽ باغيان واليو، نام جپو، مولا نام ـ آخري گانو پاڪستاني فلم ڇوُمنترجو هو جيڪو مون کي به وڻندو هو ۽ ياسر ظرافت جي آواز ۾ مون وٽ ڊائون لوڊ ٿيل آهي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ٻڌندوآهيان ـ
    تن ڏينهن ۾ مس پروين سومرو ريڊيو پاڪستان تان سنڌي خبرون پڙهندي هئي جنهن جو خبرون پڙهڻ جو طريقو سهڻو هوندو هو، جيڪا بعد ۾ شڪاگو، آمريڪا هلي وئي ـ ا ن کانپوءِ، مس شاهه بيبي به ڪيترن ورهين تائين بهتر خبرون پڙهندي رهي جنهن سان منهنجي ملاقات تڏهن ٿي جڏهن مون به ريڊيو پاڪستان نيوز، ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪئي جڏهن ته مس پروين سومرو جو ڀاءُ گلزار سومرو به اسان سان گڏ ريڊيو نيوز ۾ ڪم ڪندو هو ـ شروع ۾ سنڌي خبرون رڳو شام جو 5 لڳي 20 منٽن تي روزانو شام جو ڏهن منٽن لاءِ هلنديون هيون ـ
    88 ـ ديسي سَويوُن تيار ڪرڻ:
    ڳوٺ ۾ ديسي طريقي سان سَويوُن يا سَيون ٺاهڻ جي ننڍڙي مشين هوندي هئي جيڪا اسان وٽ به هئي ۽ اسان اها کٽ جي ٻانهين ۾ فٽ ڪندا هئاسون ـ پوءِ، ان ۾ اٽي جو پيَڙو ٺاهي ان ۾ اڳيان وجهندا هئاسون ـ هڪ ڄڻو کٽ تي ويهي مشين گول ڦيرائيندو هو ته هيٺان ننڍي ڇاڻيءَ ذريعي سيون نڪرنديون رهنديون هيون جيڪي سُڪائڻيون وجھبيون هيون ۽ ضرورت پوڻ تي رڌبيون هيون، اهي مون کي ڏاڍيون وڻنديون هيون ـ
    89 ـ گوريون کائڻ جو انوکو مثال:
    امان اصل ٻيلهاڙي، تعلقي گمبٽ جي هئي ـ امان جي ڳوٺ کان ڪڏهن ڪڏهن چاچا لطف الله مرکنڊ (بابا جو دوست) ميلي ۾ توڙي نوابشاهه به اسان جي گھر ايندو هو جنهن ڪجھه وقت اڳ،82 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ـ ڪنهن زماني ۾ چاچا لطف لله مرکنڊ سندس وڏي ڄمار هئڻ جي باوجود، مون سان اکٻوٽ راند کيڏندو هو پر سندس هڪ عادت بلڪل انوکي هوندي هئي جيڪا مون ڪنهن ۾ به ڪونه ڏٺي جو گھر ۾ جيڪا به گوري پيل ڏسندو هو سا پهريان پڇا ڪندو هو ته ڇا جي آهي؟ جواب اطمينان جوڳو ملڻ يا نه ملڻ جي صورت ۾ کائي ويندو هو ـ شايد سندس خيال هو ته هو مختلف گوريون کائي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو جيتوڻيڪ ائين هئڻ ضروري به ناهي، ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون گوريون ڏچو پيدا ڪري سگھن ٿيون ـ پوءِ، آمريڪا ۾ مون ڏٺو ته ماڻهو ڪابه دوا استعمال ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽرن کان پڇندا هئا. ڀلي کين 50 ڊالر به فيءَ جا ڇو نه ڏيڻا پون ـ منهنجو هڪ يادگار فوٽو سندس ۽ ماما قادربخش دائيَ (ٻيئي ٻيلهاڙي جا رهاڪو) سان گڏ نوابشاهه ۾ نڪتل آهي، ان وقت مان 11يا 12 ورهين جو مس هوندس ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,863
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها ته بلڪل نئين ڳالهه ٿي .....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو