الطاف شيخ جو پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان“ اوهان سان شيئر ڪجي ٿو. هن ڪتاب ۾ سنڌي پهاڪا، چيني ۽ جپاني پهاڪا ۽ چوڻيون ۽ ٻين ٻولين جون چوڻيون ۽ پهاڪا شامل آهن. هي ڪتاب الطاف شيخ جي ويبسائيٽ تان کڻي اوهان سان شيئر ڪجي ٿو. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
سائين ھي ڪتاب ته اجھو پڙھون ٿا... سنڌ سلامت سَٿ جا وڏا وڙ جو سائين شيخ صاحب جو ھڪ ٻيو ڪتاب شيئر ڪرڻ پسند ڪيو. سائين سليمان صاحب لَک ٿورا.. ٿورا ڙي ٿورا مون تي ماروئڙن جا ٿورا
اوهان جي محنت کي سلام. هن ڪتاب جي به وڏي اهميت آهي خاص ڪري سي ايس ايس ڪندڙ شاگردن کي وڏو فائدو پوندو.
ڪتاب رٺي آهي گهوٽ کان پهاڪن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آهي جنهن کي هر گهر جي لائبريريء ۾ هجڻ سان سماج جي صدين کان سانڍيل تجرباتي عقل جي روشني ۾ پنهنجو شعور وڌائڻ ۾ مدد ملي ٿي. ڪتاب جي مرتب الطاف شيخ صاحب بنا ڪنهن وڌاء جي کيرون لهڻيون. تائيل عباس