• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪلھوڙا دور جي مشھور تحريڪ ميانوال تحريڪ جي آزي م سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين لاء دعا

ﺁﺑﺎﺩ ﺭﻫﻦ
ﻫﺮ ﺟﻨﺠﻞ ﮐﺎﻥ ﺁﺯﺍﺩ ﺭﻫﻦ
ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺎﺭﻭ،
ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ،
ﺧﻮﺷﺤﺎﻝ ﺭﻫﻦ،
ﭜﺎﮘﻴﻦ ﺟﺎ ﭜﺎﮠ ﺳﻼﻣﺖ،
ﻋﻈﻤﺖ ﺟﺎ ﺍُﻫﭹﺎﮠ ﺳﻼﻣﺖ
ﻣﺎﺭﻭ ﻣﺮڪﻦ،
ﭼﻬﺮﺍ ﭼﻤڪﻦ
ﺷﺎﻝ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﭘﮗ ﺳﻼﻣﺖ،
ﺩﻧﻴﺎ ﺳﺎﺭﻱ ﺟﮗ ﺳﻼﻣﺖ،
ﺭﺍﭲ ﺳﻼﻣﺖ، ﭜﺎﮖ ﺳﻼﻣﺖ،
ﭘﻮﺭﻫﻴﻮ،
ﭘﻨﮅ ۽ ﻣﺎﮖ ﺳﻼﻣﺖ،
ﮄﺭﺗﻲﺀَ ﻣﺎﺀُ! ﺍﻭ ﮄﺭﺗﻲ ﻣﺎﺀُ،
ﺷﻞ ﻧﻪ ﻟﮙﻴﺌﻲ ڪﻮ ﺳﻮ ﻭﺍﺀُ .

” ﺁﺯﻱ“ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺣﺼﻲ ۾ ﮄﺭﺗﻲ ۽ ﻋﻮﺍﻡ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲ ﺟﻮ
ﺫڪﺮ ﺁﻫﻲ . ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻮﺍﻡ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺳﻤﻮﺭﻱ
ﺟﮗ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲ ﻻﺀِ ﭘﮡ ﺩﻋﺎ ﺁﻫﻲ . ﺍﻗﺘﺼﺎﺩﻳﺎﺕ
ﺟﻲ ﭘﻬﻠﻮ ﮐﺎﻥ ﻧﻈﺮ ۾ ﺭﮐﻨﺪﻱ” ﺁﺯﻱ “ ۾ ﭼﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ
ﭘﻮﺭﻫﻴﻮ ۽ ﻣﺤﻨﺖ ڪﻨﺪﻭﺀ ﺗﻪ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲ ﺍﻳﻨﺪﻱ، ﺭﺍﭴﻦ ۾ ﭔﮅﻱ ۽
ﺍﻳڪﻮ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻨﺪﻭ، ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺎﻫﻤﻲ ﺍﺗﺤﺎﺩ ﮐﻲ ﺗﻘﻮﻳﺖ ﻣﻠﻨﺪﻱ،
ﺍﺗﺤﺎﺩ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﭘﮗ ﻳﻌﻨﻲ ﺍﻗﺘﺪﺍﺭ ﭘﮡ ﺳﻼﻣﺖ ﺭﻫﻨﺪﻭ ۽ ﺍﮔﺮ
ﺍﻗﺘﺪﺍﺭ ﺳﻼﻣﺖ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﻋﻈﻤﺖ ﺑﺮﻗﺮﺍﺭ ﺭﻫﻨﺪﻱ ۽ ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ
ﺩﺷﻤﻨﻦ ﺗﻮڙﻱ ﻣﻘﺎﻣﻲ ﻋﻮﺍﻡ ﺩﺷﻤﻦ ﻗﻮﺗﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﻬﺎڏﻭ ﺍٽڪﺎﺋﻲ
ﺳﮕﻬﺒﻮ ۽ ﺍﺗﺤﺎﺩ ﺳﺎﻥ ﺍُﻧﻬﻦ ﺩﺷﻤﻨﻦ ﮐﻲ ﺷڪﺴﺖ ڏﻳﺌﻲ
ﺳﮕﻬﺒﻲ . ﺍِﻥ ﻃﺮﺡ ” ﺁﺯﻱ“ ۾ ﮄﺭﺗﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﻣﺎﺀُ ﺟﻬڙﻭ ﭘﻴﺎﺭ ﺑﻴﺎﻥ
ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ
 
ﺁﺑﺎﺩ ﺭﻫﻦ
ﻫﺮ ﺟﻨﺠﻞ ﮐﺎﻥ ﺁﺯﺍﺩ ﺭﻫﻦ
ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺎﺭﻭ،
ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ،
ﺧﻮﺷﺤﺎﻝ ﺭﻫﻦ،


واه واه بهترين ونڊ
 
Back
Top