محمد خان سيال جون ساروڻيون / 18 قسط / ڪالهه گَڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,187
    ورتل پسنديدگيون:
    1,717
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    333
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    90 ـ عيب ڪڍڻ ۽ گلا جو مرض:
    تن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ جنهن جي نظر ڪمزور ٿيندي هئي تنهن کي ڳوٺاڻا انڌو ڪوٺيندا هئا ـ هڪ ڀيري لعل بخش ميمڻ، (خزانيَ آفيس جو ڪلارڪ) غريب آباد، نوابشاهه کان ڳوٺ آيو ـ سندس نظر ڪمزور هئي ۽ رات جو سيلن واري بيٽري يعني ٽارچ استعمال ڪندو هو ته به ڳوٺاڻا چوندا هئا ته انڌو آيو آهي، انڌو هيڏانهن ويو يا انڌو هوڏانهن ويو، جيتوڻيڪ هو بلڪل انڌو ڪونه هو پر سندس نظر ڪمزور ضرور هوندي هئي ـ هونئن به ڳوٺاڻا ماڻهن جي نالن سان گڏ، عيبن کي ڳنڍيَ ڪوٺيندا هئا، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي ڇاڪاڻ ته ٿي سگھي ٿو ته صبحاڻي (اڳ سڀاڻي ائين لکبو هو) ٻين جا عيب ڪڍندڙ پاڻ به ساڳي عيب ۾ وڪوڙجي وڃي ـ اهڙي ريت منهنجي خيال ۾ لک خوبين جي باوجود اڪثر سنڌين ۾ چار مکيه خاميون موجود آهن، جيڪي آهن: 1 ـ گلا ڪرڻ، 2 ـ ٻين جي ذاتي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ، شل نه ڪنهن جي ڪا ڪمزوري هٿ اچين 3 ــ اڻ سهپ ۽ 4 ـ ٻين جا عيب ڪڍڻ ـ اهي ساڳيا مرض اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن ۾ به ڪنهن حد تائين موجود هوندا هئا ـ بهرحال، اهڙيون ڪمزوريون ڪنهن به انسان کي نه ٿيون سونهن ـ سنڌين جي لکن خوبين ۾ هڪ مکيه خوبي اها به آهي ته جنهن جو احسان کڻندا ته ان کي ياد ضرور ڪندا آهن ـ چوندا آهن ته ڪنهن جو احسان لاهجي نه، ته ڳائجي ضرور پر اڄڪلهه جي دور ۾ ڪم لٿو، ڪاغذ ڦاٽو واري ڪار آهي ـ

    91 ـ گلن سان پيار:
    حاجي اسد الله شاهه صاحب بنگلي جي سامهون پارڪ ۾، قسمين قسمين گلن جا ٻوٽا الائي ڪٿان آڻي لڳايا جن ۾ رات جي راڻي، ڏينهن جو راجا، گلاب، موتيو وغيره شامل هوندا هئا جيڪي پنهنجن هٿن سان پاڻ لڳايائين ۽ انهن کي ڏسي اسان کي، به ننڍي لاڪون گلن سان پيار ٿي ويو جيڪو اڃا به برقرار آهي ـ

    92 ـ ديسي کنڊ جي تياري:
    ڳوٺ ۾، ڪڏهن ڪڏهن ديسي کنڊ به ٺاهبي هئي ـ ڪمند کي چيچڙي ۾ وجھي رس ڪڍبي هئي ـ پوءِ، اها رس ڊرمن ۾ رکبي هئي ۽ ڪجھه ڏينهن کانپوءِ هڪ وڏي ڪڙهائيءَ ۾ وجھي ان ۾ پيدا ٿيل ڳنڍا لتاڙي ختم ڪبا هئا ـ ان کانپوءِ کنڊ ٺاهڻ جي گھرايل هڪ خاص مشين ۾، رس کي وجھي ديسي کنڊ ٺاهبي هئي پر اها کنڊ عام ڪارخانن جي ڀيٽ ۾ ميرانجھڙي هوندي هئي ـ ڪارخانن ۾ ٺاهيل اڇي کنڊ کي عام طور ولائتي کنڊ ڪوٺبو هو ـ بازار ۾ ديسي کنڊ کان علاوهه ولائتي کنڊ پيٺل ۽ ولائتي کنڊ داڻيدار به وڪامندي هئي ـ
    ڳوٺ ۾ ڳُڙ به تيار ٿيندو هو ـ هڪ ڀيري ڪنهن ٻئي ڳوٺ جي 5 ورهين جي ننڍڙي ڇوڪريَ جي چيچ، سندس چواڻي الائجي ڪيئن چيچڙي ۾ اچي ائين الڳ ٿي وئي ڄڻ ته ڪنهن چاقوءَ سان تازو پاڙئون ڪپي ورتي هجي، سا ڪپيل چيچ ٻئي هٿ ۾ کڻي مون سميت سڀني کي ڏيکاريندو رهيو ـ

    93 ـ انبن جو باغ:
    ڳوٺ ۾ باغ ۽ هُڙي به هوندا هئا پر پوءِ هُڙي ختم ڪري ڇڏيائون البت باغ ڊگھي عرصي تائين موجود رهيو ـ ننڍي هوندي اسان باغ ۾ وڃي ڪڏهن ڪڏهن انب به پٽيندا هئاسون ـ باغ ۾ انبن کان علاوهه توت، زيتون، ڄمون وغيره جا وڻ پڻ هوندا هئا پر انبن جا وڻ سڀ کان سرسُ هئا سو انهيءَ کي انبن جو باغ ڪوٺجي ته بهتر ٿيندو پر گھڻن ورهين کانپوءِ باغ ختم ڪري ڇڏيائون ــ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو