• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

(نظم) ٻڌ ته توکي ٻڌايان .....!!!

آزاد خاصخيلي

سينيئر رڪن
ٻڌ ته توکي ٻڌايان
جيڪو تو چئين جانا
چپ تنهنجا گلاب جي پتين جهڙا
دل ٿي چاهي چرندا رهن
لڏندا رهن
مان ڏسندو رهان جانا..
ٻڌ ته توکي ٻڌايان ...
لفظ ٿا تنهنجي چپن تي
رقص ڪن
چوڙيون ٿيون ٻانهن ۾ کڙڪن
اکيون ڪينجهر مثل
ٿيون عجب اشارا ڪن
دل ٿي چئي ٽٻي لڳائجي جانا......
ٻڌ ته توکي ٻڌايان
جيڪو تو چئين جانا
اگهاڙين راتين ۾
چنڊ جي مڌم روشني ۾
تنهنجو نازڪ بدن
سنڌو ۾ وهندڙ ڪنهن
ڪنواري جي لڙڪن جيئن
ٿو لڳي...
ٻڌ ته توکي ٻڌايان
جيڪو تو چئين جانا
خوابن ۾ ٿي تون تڙپائين
چانڊوڪين کي ٿي ونگ پائين
جادو جهڙو ٿي آرس موڙيين
ڏسي دل ٿي ڦٿ ڦٿ ڦٿڙائي
اميدون آهن آسرا آهن جانا
ٻڌ ته توکي ٻڌايان جانا
ٻڌ ته توکي ٻڌايان جانا..........!!!!!!!!!!
__________________________________________________________
دوستن جي تعميري را لا حاضر آهي، اميد ته همٿ افزائي ڪندا.
 
Back
Top