محمد خان سيال جون ساروڻيون / 19 قسط / ڪالهه گَڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,187
    ورتل پسنديدگيون:
    1,717
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    333
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    94 ـ منهنجو پهريون استاد سائين محمد خان ڪونڌر:
    منهنجو پهريون استاد، سائين محمد خان ڪونڌر آهي جنهن مون کي ڳوٺ جي اسڪول ۾ الف ب پڙهائي ـ تن ڏينهن ۾ سڀ شاگرد هٿ ۾ کڻڻ واري ڪاٺ جي تختيءَ تي الف ب لکي، پڙهڻ جي شروعات ڪندا هئا ۽ مون به ائين ڪيو ـ پاڻ خانواهڻ (ضلعو نوشهرو فيروز ۾) رهندا آهن ۽ ساڻس هڪ ڀيرو اسان جي دوست سڪندر ميمڻ (انجنيئر) جي سهڪار سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ڇاڪاڻ ته سائين وٽ الڳ موبائيل سيٽ ڪونه آهي ـ بهرحال، مون سفرنامي جو پنهنجو سنڌي ڪتاب ارائونڊ دي ورلڊ سندس نالي ارپيو آهي جيڪو مون، دنيا جي گولي جي چوڌاري 30 ڏينهن اندر اڪيلي سر، سفر مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لکيو هو ۽ کيس اهڙي خبر به آهي ـ بهرحال، تن ڏينهن ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ استادن کي وڏي عزت ڏني ويندي هئي جيڪ هنن جو حق ٻه آهي ـ
    95 ـ لازمي تعليم ۽ ڄم جي تاريخ:
    تن ڏينهن ۾ تعليم لازمي هوندي هئي ـ جيڪي پنهنجا ٻار نه پڙهائيندا هئا تن خلاف تعليم کاتي جا آفيسر انڪوائري ڪرڻ لاءِ پاڻ ايندا هئا ـ مونکي ياد آهي ته هڪ ڀيري تعليم کاتي جو هڪ انڪوائري آفيسر اسان جي ڳوٺ ۾ آيو پر انهيءَ کان اڳ، ڳوٺ جي واسطيدار شاگرد سچل سيال، اسڪول ۾ باقاعدگيءَ سان اچڻ شروع ڪيو هو تنهنڪري انڪوائري پاڻمرادو ختم ٿي وئي ـ تن ڏينهن ۾ پهرين ڪلاس ۾ داخلائن وٺڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ڄمار پنج ورهيه لازمي هوندي هئي ۽ اهڙي ٻار کي لازمي داخلا وٺڻي پوندي هئي ـ منهنجي چار ورهيه ۽ ٻه مهينا ڄمار هئي سا اسڪول ۾ داخلا ڏيارڻ لاءِ وڌائي ايندڙ سال اپريل ڪيائون ڇاڪاڻ ته اپريل ۾ نئين تعليمي سال جي شروعات ٿيندي هئي ۽ اهڙي ريت منهنجي ڄمار، اسڪول رجسٽر ۾ اٽڪل ڏهه مهينا وڌيڪ لکيل آهي، سو مون کي به پنهنجي درست ڄم جي تاريخ معلوم ناهي ـ
    96 ـ ڳوهه ۽ چور:
    ڳوٺ ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڏيون ڳوهيون به نظر اينديون هيون ته ڳوٺ جا ماڻهو ٻڌائيندا هئا ته تن ڌينهن ۾ چور ڳوهيون پاليندا هئا ۽ چوري ڪرڻ دوران انهن جي پيٽ تي مضبوط رسو ٻڌي انهن کي ماڙيءَ ٿي اڇليندا هئا جيڪا مٿي ڪنهن جاءِ کي سوگھو پڪڙيندي هئي ۽ چور رسيَ جي مدد سان چڙهي چوري ڪندا هئا ۽ بعد ۾ انهن کي اٽڪل سان لاهي به وٺندا هئا ـ اهي ڳالهيون اسان وڏڙن کان ٻُڌيون هيون پر اسان جي ڳوٺ يا ويجهڙائيءَ وارن ڳوٺن ۾ اهڙو ڪو به واقعو ڪونه ٿيو ـ
    مون ڪنهن گرُگليَ جو گھڻو پوءِ. عبرت اخبار ۾ انٽرويو پڙهيو جيڪي هونئن ته ڳوهه کائڻ جا ڏاڍا شوقين هوندا آهن پر تنهن جو چوڻ هو ته ڳوهه جو گوشت ڏاڍو سوادي هوندو آهي، جنهن هڪ ڀيرو کاڌو سو سوئو کڻي ان جي ڳولا ۾ نڪري پوندو آهي ـ
    97 ـ ڇُرن واري بندوق:
    هڪ ڀيرو مونکي شوق جاڳيو ته ڇُرن واري بندوق خريد ڪريان سو بابا کي فرمائش ڪيم ـ تن ڏينهن ۾ بابا منهنجي هر فرمائش پوري ڪندو هو ۽ اسان کي شهزادن وانگيان پاليائين جنهن جو مکيه سبب اهو به هو ته اڃا ٻي شادي ڪانه ڪئي هئائين، جنهن کانپوءِ اسان جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا هئا جيڪي ڪيترن ورهين تائين جاري رهيا ـ بهرحال، اهو هڪ الڳ داستان آهي ـ
    بابا مونکي نوابشاهه جي مسجد روڊ تي معشوق خوجا (مشهور تعليمي ماهر ۽ اسان جي ڊي سي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر ايڇ ايم خوجا جو ڀاءُ) جي دوڪان تي وٺي هليو ته جيئن نئين بندوق وٺي ڏئي ته ايتري ۾ بابا جو دوست شميم آيو جنهن جي دوڪان تان اسان ڪڏهن ڪڏهن فون ڪندا هئاسون جنهن جو چوڻ هو ته وٽس بندوق پيل آهي جيڪا هو مونکي ڏيندو ـ جنهن مون کي بندوق ته ڏني پر اها پراڻي ڊزائين جي هئي جنهن ۾ شروع ۾ ناليِِ ڪڍي، ان جي اندر رڳو هڪ ڇُرو وجھي هر وري ان کي بند ڪريَ هو ۽ پوءِ هلائبي هئي ـ بهرحال، مان اها بندوق کڻي ڳوٺ ۾ پکين جو شڪار ڪندو رهندو هوس پر شايد ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نشاني تي لڳو هجي ـ تن ڏينهن ۾ هڪ سو ڇُرن جو پيڪٽ ڏهين آنيَ ۾ ملندو هو ـ
    98 ـ شب برات (ڦٽاڪن واري عيد):
    هر سال جڏهن شب برات ٿيندي هئي ته اسان به ڀانت ڀانت جا ڦٽاڪا وٺي ايندا هئاسون ۽ ڳوٺ ۾ شغل ڪندا هئاسون ـ عام ٻوليءَ ۾ ان کي ڦٽاڪن واري عيد ڪوٺبو آهي ـ پوءِ، ڪنهن لوهر، لوهه جو ٻن ٻانهن وارو هڪ اوزار ٺاهي ڏنو جنهن جي هڪ ٻانهن جي ڇيڙي ۾ ٿيل ٽُنگ اندرگندرف ڀريندا هئاسين ته ٻي ٻانهن جي ڇيڙي ۾ لڳل ننڍڙي شِيخ کي انهيءَ ۾ اندر وجھندا هئاسين ۽ پوءِ اونڌو ڪري ڪنهن سِرَ يا پٿر وغيره تي زور سان هڻندا هئاسون ته وڏو ٺڪاءُ ٿيندو هو ـ ان کان علاوهه مختلف ڦٽاڪا نوابشاهه کان خريد ڪري ايندا هئاسون ۽ اهڙي ريت عيد ملهائيندا هئاسون ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو