محمد خان سيال جون ساروڻيون / 20 قسط / ڪالهه گَڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,177
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    99 ـ شاگردن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ:
    شاگردن جي ذهانت کي آزمائڻ لاءِ کانئن خاص طور سوال پڇبو هو: هن جملي جي انگريزي ڪر: ڪالهه مينهن ٿي پيو (اِٽ واز ريننگ ييس ٽرڊيَ) ـ جيڪڏهن درست جواب ڏنائين ته هوشيار ليکبو هو نه ته نه ـ ڳوٺن ۾ عام ماڻهو گھڻو ڪري هڪ سوال پڇندا هئا ته جبل مٿي سو ٻڪريون ته باقي گھڻيون بچيون؟ جواب هوندو هو 98 ڇاڪاڻ ته هڪ سو مان جيڪڏهن ٻه ڪري پيون ته باقي 98 ئي بچيون ـ جيڪي شاگرد پڙهڻ ۾ ڪمزور هوندا هئا تن کي ڏڏُ يا ڪندُ ذهن سڏيندا هئا ـ جيڪي شاگرد نه پڙهندا هئا تن لاءِ استاد ڪلاسن ۾ چوندا هئا ته هن جو نڪ لوُسڻ جو آهي، اهو گاهه جيترو ڪپبو اوترو ئي ڦُٽندو آهي ـ البت، تن ڏينهن ۾ شاگرد سمجھڻ کان وڌيڪ، رٽو لڳائيندا هئا ـ
    عام زندگيءَ ۾ ڪو معاملو ٿيندو هو ته اسان چونداهئاسون ته شاگرد آهيون ته اسان سان رعايت ٿيندي هئي، ساڳي حالت دوڪاندارن جي به هئي ـ کين ٻڌائيندا هئاسون ته اسان شاگرد آهيون ۽ اسان کي گھٽ خرچي ملي ٿي ته هو به رعايت ڪندا هئا ـ بهرحال، فائدن وٺڻ لاءِ شاگرد لفظ جو گھڻو استعمال ٿيندو هو ـ
    تن ڏينهن ۾ پڙهيل لکيل شاگردن کي وڏي عزت ملندي هئي ـ مون ڪنهن ٻئي هنڌ ڏٺو ته ڪجھه وڏي ڄمار جي اڻ پڙهيل ڳوٺاڻن، بس ۾ پنهنجون سيٽون خالي ڪري نوجوان شاگردن کي زوري ڏنيون ۽ پاڻ بيٺا رهيا ـ پڇا ڪرڻ تي چيائون: اِهي علم حاصل ڪن ٿا، سو عزت لائق آهن ـ ڳوٺ ۾ شاگردن جي شرارتن جو ذڪر ٿيندو هو ته اهو به مثال ڏيندا هئا: کٿابين (شاگردن)، ڪڙٻ (ڪانا) رکي مسيت تي اُٺ چاڙهيو هو ـ

    100 ـ خط لکڻ:
    خط وغيره لکندي، ڪا شي رهجي ويندي هئي ته آخر ۾ قلم تازو: لکي پوءَ اهڙو جملو لکبو هو جهڙي ريت انگريزيءَ خط جي آخر ۾ پي ايس لکي پوءِ جملو لکبو آهي ـ خط جي شروع ۾ سڀ کان مٿي 786 انگ لکبو جنهن جي ابجد جي حساب سان معنى آهي: بسم الله الرحمان الرحيم ـ ان کانپوءِ گھڻو ڪري، لکبو هو: خدمت ۾ فيضواري جناب....... ۽ پوءِ اسلام عليڪم لکبو هو ـ پوءِ، پنهنجي طرفان خيرعافيت هجڻ کان علاوهه ٻئي طرف به خيريت جي اُميد ڏيکاربي هئي مطلب ته ٿلهي ليکي هيئن لکبو هو: اسلام عليڪم ـ هت الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان سڀ خيرآهي اميد ته ڌڻي سڳوري ايڏانهن به خير ڪيو هوندو مطلب احوال ته...........ان کانپوءَ اصل ڳالهه لکبي هئي ۽ آخر ۾ واڌو حد ادب ۽ پوءِ دعاگو لکبو هو ۽ ها، سڀني دوستن يا گھر ڀاتين کي سلام به ضرور لکبا هئا جيڪو خط جو لازمي اسم هوندو هو ـ خط ۾ ياد رهي جي جاءِ تي لکبو هو: نيڪ روشن هجي ـ تن ڏينهن ۾ لفافو به ملندو هو ته کليل پوسٽ ڪارڊ به جيڪو لفافي جي ڀيٽ ۾ سستو هوندو هو ـ

    101 ـ سنڌين ۽ آمريڪين ۾ هڪجھڙائي:
    ٻين ڳوٺن وانگيان، اسان جي ڳوٺ ۾ به مون ڏٺو ته ڪا هڪ ماڙ بلڊنگ هوندي هئي ته ان کي ٻه ماڙ ڪوٺبو هو، جهڙي ريت گھڻو پوءِ مون آمريڪا گھمڻ دوران نوٽ ڪيو ته گرائونڊ فلور کي پهريون فلور چوَن ۽ فرسٽ فلور کي سيڪنڊ، سنڌ ۾ به ائين آهي جڏهن ته برطانيا ۾ ان جي ابتڙ ڪهاڻي آهي يعني گرائونڊ فلور ۽ ان جي مٿان فرسٽ فلور هوندو آهي ـ اسان جي ڳوٺ ۾ حويليءَ جو پهريون فلور ٺهيل هو پر ان کي ٻه ماڙ ڪوٺبو هو ـ

    102 ـ موت جي دعا:
    ڳوٺ ۾ جيڪڏهن ڪي عورتون ٿوريون ڪراڙيون ٿينديون هيون ته دنيا جي ڪمن ۾ مجموعي طور دلچسپي وٺڻ گھٽائي ڇڏينديون هيون ۽ پوءِ هر وقت اها دعا پيون گهرنديون هيون ته منهنجو موت سولو ٿئي ۽ ٻارن جي هٿن ۾ ٿئي ته جيئن هو مون کي پنهنجن هٿن سان سولائيءَ سان پورين پر گھڻو پوءِ، مون ڏٺو ته آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ صورتحال ان جي ابتڙ هئي جت وڏي ڄمار جي باوجود به عورتون توڙي مرد ڦڙتيلا هوندا آهن ۽ سماجي ڪمن ۾ به دلچسپي وٺندا رهندا آهن ۽ اسان وانگيان ڪم ڪرڻ کان لنوائيندا ڪونهن ۽ نه ئي موت اچڻ جي آسريَ ۾ ويٺا هوندا آهن ـ

    103 ـ سياست ۾ دلچسپي نه وٺڻ:
    تن ڏينهن ۾ عام ماڻهوءَ کي سياست سان ذرو به دلچسپي ڪانه هوندي هئي ۽ ساڳيو حال اسان جي ڳوٺ جي رهاڪن جو به هو ـ پهرين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان جي دور ۾ بنيادي جمهوريت جون اليڪشنون ٿينديون هيون ته عام ماڻهو ووٽ ڏيڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي ڪونه وٺندو هو البت راڄ يا وڏيرن جي هارين وغيره جي بنياد تي ووٽ ضرور وجھبا هئا ـ عام ماڻهوءَ کي اهو چوندي ٻڌبو هو ته ووٽ ڏيڻ سان اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ساري ملڪ اندر سياسي سجاڳي آڻڻ جو سمورو ڪريڊٽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي وڃي ٿو جنهن عام ماڻهوءَ ۾ توڙي جهر جهنگ سياسي شعور پيدا ڪيو، سندس اهو ڪارنامو تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو ـ

    104 ـ جانورن تي ظلم؛
    ڳوٺ ۾ جانورن کي ڪو ٻار ستائيندو هو ته سڀ ان کي برو ڪوٺيندا هئا، ائين ڪرڻ کان جھليندا هئا ۽ چوندا هئا ته ان جي جاءِ تي تون هجين ها ۽ ڪو توکي اهڙي ريت عذاب ڏئي ها ته پوءِ....؟ ۽ اهو به چوندا هئا ته بي زبانن (جانورن) تي ظلم نه ڪريو، ان جي آهه ستين آسمان تائين پهچي ٿي ـ ڳوٺاڻا جانورن ۽ خاص ڪري چوپائي مال سان گھڻو پيار ڪندا آهن ـ ڳوٺ ۾ مون به ڏٺو ته سندن ڪو پالتو جانور مري ويندو هو ته ان جو سوڳ ڪنهن انسان جي وڇڙڻ وانگيان ملهائيندا هئا ـ جيئن اسان وٽ نوابشاهه ۾ هرڻي هئي تنهن جي مرڻ تي اسان کيس دفن ڪيو ۽ ڪيترا ڏينهن ان جي وڇڙڻ جو صدمو رهيو ـ

    105 ـ مختلف ڳالهيون:
    ** تن ڏينهن ۾ هڪ ڀيري ڪمند جو اگھه 2 روپيا ۽ ڦٽين جو اگھه 30 روپيا في مڻ به ٿيو ـ

    ** ڳوٺ ۾ سکڻو هڪ کوهه هو جيڪو مسجد جي سامهون ۽ ملان قاسم سيال جي گھر جي ٻاهران هوندو هو پر هٿ وارا نلڪا اڳ ئي عام ٿيڻ سبب، بيڪار پيل کوهه کي نيٺ پورائي ڇڏيائون ـ

    ** ننڍي هوندي اسان ڪاغذن مان ٻَيڙيون، هوائي جهاز توڙي ٻيون شيون ٺاهيندا هئاسون ۽ انهن سان راند به کيڏندا هئاسون ـ
    ** ڳوٺ ۾ چوڏهين واري چانڊوڪي رات ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ رات اکٻوٽ راند به کيڏندا هئاسون ــ
    ** اسان وٽ به پراڻي زماني جي هڪ اڌ تلوار پيل هوندي هئي ـ پوءِ، بڇيريءَ مان لوهر کان ان مان ڪاتيون ٺهرايون سون ڇاڪاڻ ته اهي تلوارون ڪنهن به ڪارج کانسواءِ پيل هونديون هيون ـ

    ** اسان جي ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته ورهاڱي کان اڳ سنڌي هندو به رهندا هئا جن جا سنڌي مسلمانن سان وڻندڙ لاڳاپا هوندا هئا ـ هندو مسلمانن کي عيدن ۽ مسلمان وري هندوئن کي ڏياري وغيره تي کاڌا پچائي موڪليندا هئا مطلب ته مذهب رواداري هئي ۽ ان جي نالي ۾ ڪو به متڀيد ڪونه هوندو هو ـ

    نوٽ: پهريون حصو پورو ٿيو ـ ٻيو حصو بعد ۾ ڏنو ويندو (محمد خان سيال) ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو