لاڙڪاڻو

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ ارباب مشتاق طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2014۔

  1. ارباب مشتاق

    ارباب مشتاق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 نومبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    43
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    4 تاريخ، صبح جو سوير، اسان اهو واهه پار ڪيو ۽ ٻن ڪلاڪن جي پنڌ کان پوءِ لاڙڪاڻي پهتاسون، جنهن لاءِ اسان کي فقط 8 ميل پنڌ ڪرڻو پيو هو. لاڙڪاڻو ڪچيءَ مٽيءَ جو چوڌاري ديوار اندر هڪ وڏو شاهي شهر آهي، جنهن تي ميرن جي طرفان هڪ بلڪل اڻ پڙهيل پير مرد شخص، عبدالرحيم، حڪومت هلائيندو آهي. فوج کي 11 تاريخ تائين هتي ترسڻو پيو، جو ايندڙ ڊگهي مسافريءَ لاءِ فوج واسطي ضروري بندوبست ڪرڻا هئا. هيءَ مسافري بولان واري لڪ مان ڪرڻي هئي. جتي موسم به هندستان جي رواجي موسم کان وڌيڪ ٿڌي ٿئي ٿي. ڪيترن ئي جتن، خاص طرح ڪڇ جي اوٺين اتر جي وڌيڪ ٿڌي ملڪ ڏانهن هلڻ کان بلڪل انڪار ڪيو. پر جڏهن حڪم جي عدولي ڪرڻ جي الزام هيٺ کين چهبڪ هڻايا ويا ۽ ٻيون سزائون ڏنيون ويون، تڏهن هنن لاءِ سواءِ پيش پوڻ يا صفا ڀڄي وڃڻ جي ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو. ڪيترن ئي پويون رستو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي اُٺن کي فوجي سپاهين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي وٺي پوئتي ڀڳا.

    هتي ڪئپٽن ايسٽوڪ جي فوج سان گڏجي هلڻ واري اوائلي ذميداري پوري ٿي. نوجوان عملدار ميجر ٽاڊ (Major Todd)واري 6 تاريخ پڄي چڪي هئي، ان کي سياسي عملدارن جي عهدي جي چارج وٺڻي هئي. ان ڪري ڪئپٽن ايسٽوڪ مون کي ڪئمپ ۾ ڇڏيو ۽ هدايت ڪئي ته ايڊي ڪئمپ يا ميجر ٽاڊ کي جيڪو به حال احوال گهربو هجي ته اهو کين ڏيان. هو پاڻ برطانوي نمائندي يا وزير مسٽر ڊبليو ايڇ مئڪ ناٽن سان گڏجڻ لاءِ شڪارپور روانو ٿي ويو. 9 تاريخ ڪئپٽن ايسٽوڪ شڪارپور کان واپس ڪئمپ ۾ موٽيو، کيس اپر سنڌ جو قائم مقام سياسي نمائندو (پوليٽيڪل ايجنٽ) مقرر ڪيو ويو هو.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    تاريخ بابت ڄاڻڪاري لازمي هئڻ گهرجي.
    ارباب مشتاق!
    موضوع جي اعتبار کان اوهان جي چونڊ دل کي آئڙي
    تاريخ بابت ان قسم جي نوٽس جي پڇاڙيءَ ۾مددي حوالو ڏيڻ جي جسارت ڪندا ڪريو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو