• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسين ڏسون يا نه ڏسون، سنڌ اسان جي لاءِ نو گو ايريا بنائي پيئي وڃي.

ساري سنڌ گهيرو آهي. اسين ڏسون يا نه ڏسون، سنڌ اسان جي لاءِ نو گو ايريا بنائي پيئي وڃي.
آزادي پسند چون ٿا ته آئي ايس آئي وارا اسان کي ٿر وڃڻ ڪونه ٿا ڏين، قوم پرست چون ٿا حافظ سعيد جي مدرسن جا هٿياربند کٿابي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا آهن، جڏهن ته ڪجه پيپلا ٿر وڃن ئي ان ڪري ٿا ته لٽمار جي مال غنيمت مان ڪهڙي ريت حصو پتي حاصل ڪري سگهجي.
هڪ طرف اسين لالو کيت، ناظم آباد ۽ ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ قدم رکي نٿا سگهون ته ٻئي طرف جامشوري کان دادو، ويندي قمبر تائين سنڌ جي جابلو پٽي ۾ پير ان ڪري نٿا رکي سگهون جو اتي خاڪي وردي وارا ڌاڙيل ايٽمي ۽ ڪيميائي اسلحو لڪائي ان تي پهرو ڏيئي رهيا آهن، ان پهري کان سواءِ ٻيا الاءِ ڪهڙا ڪهڙا کنام کڻي رهيا آهن جن جي اسان جي ملائڪن کي به خبر ناهي. ان ڪري هو ڪنهن انسان ته ڇا پر پکي کي به ان سڄي علائقي ۾ پر هڻڻ نٿا ڏين.
پير ته اسان جا ڪامريڊ، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلي، پني عاقل، اوٻاڙوي ۾ به رکڻ کان گريز پيا ڪن ڇو ته اتي نه صرف پاڪستاني فوج جي پنڊي کان پوءِ وڏي کان وڏي ڇانوڻي آهي ۽ آسپاس ميان مٺو جهڙا موذي ۽ مردود ملان ۽ پير، سنڌي هندوئن خلاف وحشت جو ننگو ناچ نچي رهيا آهن.
پير رکڻ ته اسان جي لاءِ اڇڙي ٿر کان سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ تائين سنڌ جي سرحدي علائقن ۾ ممڪن نه رهيو آهي جتي خاڪي وردي وارن جا خاڪروب پاڳاري جهڙا ڌاريئن جا دلال سندن چوڪيداري ڪري رهيا آهن.
اڃا ته ذوالفقار آباد جڙي رهيو آهي، بدين کان وٺي سنڌ جا سمورا سرحدي علائقا گريٽر پنجاب ۽ پٺاڻستان بنجي رهيا آهن. اڃا ته ڌاريان ڪٽڪ ڪڙڪي رهيا آهن. اڃا ته ابتدا آهي، اڃا ڪٿي. اڃا ته اهي ڏينهن نه آيا آهن جو اسين سنڌي ڀيلن ڪولهيئن ۽ ميگهواڙن جيان الڳ گلاس ۾ پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪيا وڃون پر اهي ڏينهن اچڻا آهن، صرف اسان جي ئي هٿن ۾ آهي ته اهي اڀاڳا ڏينهن ڪيئن ٽاريون. اچو ته گڏجي سوچيون، اچو ته پنهنجي ايندڙ نسلن کي نوان اڇوت بنجڻ کان بچايون.
اسين مڃون يا نه مڃون، سنڌ اسان جي لاءِ نو گو ايريا بنائي پيئي وڃي.
( هڪ وڏي قومي اڳواڻ سان گفتگو جنهن کي عرض ڪيئم ته ٿر وڃي اتي جي مسڪين ماڻهن جي مالڪي ۽ واهر ڪريو، سندس جواب جو جيڪو جواب ڏنم، اهيو هتي شيئر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو )
 
مٿيان فيڪٽر به سچ آهي پر سائين توهان ڌاڙيل فيڪٽر کي وساري ڇڏيو جن اسان جهڙي ڪچي کل جي ذاتين لاء دادو ،لاڙڪاڻو،شڪارپور وغيره نو گو ايريا بنائي ڇڏيو آهي.
 
Back
Top