مسيڪنن جا حق ، مسڪين بيوه يتمن جو مال، زڪوات جا پئسا ، ماڻهن جا حق ، قوم جي معصومن جي تعليم ، شاگردن جا ڪتاب سرڪاري خزاني کي پنهنجو خزانو ڪري لٽڻ ، انصاف جي منصب تي بي ايماني ، دائون ، گوليون ، اسڪولن جون بينچون ، سرون ، سيمنٽ ، لوه ، روڊ رستا، فنائيل ، ٻهارا ، گٽرن جا ڍڪ کائڻ کانپوء سرڪاري ، نيم سرڪاري ، ادارن ، روڊن رستن تي عوامي ڀلائي جي رستن تي پوکيل ” وڻ “ وڍي پنهنجي ” ڀڀ “ ۾ وجھڻ وارن تي الله جي لعنت وسندي رهي ۽ کين ڪڏهن به زندگيء م سڪون نصيب نه ٿئي ، سندن موت تاريخ جو ڀيانڪ موت ٿئي . آمين
سائين عبدالرحيم صاحب ! اهڙن ماڻهن جيڪي ٻين جا حق ڦٻائين ٿا يا الله جي مخلوق کي ستائين ۽ پريشان ڪن ،سواءِ ڪن جائز مقصدن ۽ فرضن جي ادائگي جي ، جي گهريلو زندگين ڏانهن جيڪڏهين نهاريندا ته اوهان کي قدرت طرفان آيل عذاب جا نقشا انهن جي اولاد ،پاڻ ۽ سندن ٻين گهر جي ڀاتن تي نمايان نظر ايندا . الله معاف ڪري اهڙن ماڻهن کي اولاد جهڙي نعمت لولي ،لنگڙي ، انڌي ،ڪاڻي ،گونگي ِياٻوڙي وغيره ڄمندي آهي يا گهر ۾ سدائين بيماريون بڇيل هونديون اٿن ، پوءِ به نه ٿا سمجهن .الله کين هدايت ڏيندن .