• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ظالم ، ڪرپٽ آفيسرن تي الله پاڪ جو عذاب نازل ٿئي

مسيڪنن جا حق ، مسڪين بيوه يتمن جو مال، زڪوات جا پئسا ، ماڻهن جا حق ، قوم جي معصومن جي تعليم ، شاگردن جا ڪتاب سرڪاري خزاني کي پنهنجو خزانو ڪري لٽڻ ، انصاف جي منصب تي بي ايماني ، دائون ، گوليون ، اسڪولن جون بينچون ، سرون ، سيمنٽ ، لوه ، روڊ رستا، فنائيل ، ٻهارا ، گٽرن جا ڍڪ کائڻ کانپوء
سرڪاري ، نيم سرڪاري ، ادارن ، روڊن رستن تي عوامي ڀلائي جي رستن تي پوکيل ” وڻ “ وڍي پنهنجي ” ڀڀ “ ۾ وجھڻ وارن تي الله جي لعنت وسندي رهي ۽ کين ڪڏهن به زندگيء م سڪون نصيب نه ٿئي ، سندن موت تاريخ جو ڀيانڪ موت ٿئي . آمين
 
سائين عبدالرحيم صاحب !
اهڙن ماڻهن جيڪي ٻين جا حق ڦٻائين ٿا يا الله جي مخلوق کي ستائين ۽ پريشان ڪن ،سواءِ ڪن جائز مقصدن ۽ فرضن جي ادائگي جي ، جي گهريلو زندگين ڏانهن جيڪڏهين نهاريندا ته اوهان کي قدرت طرفان آيل عذاب جا نقشا انهن جي اولاد ،پاڻ ۽ سندن ٻين گهر جي ڀاتن تي نمايان نظر ايندا . الله معاف ڪري اهڙن ماڻهن کي اولاد جهڙي نعمت لولي ،لنگڙي ، انڌي ،ڪاڻي ،گونگي ِياٻوڙي وغيره ڄمندي آهي يا گهر ۾ سدائين بيماريون بڇيل هونديون اٿن ، پوءِ به نه ٿا سمجهن .الله کين هدايت ڏيندن .
 
Back
Top