هي نسخا به آزمايو!!!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2010۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    دوستو معاف ڪجو ! ڪافي ڏينهن کان اوطاق تي ڀيرو ڪونه ڀريو اٿم. ڇا ڪجي دنيا ۾ محبت کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم آهن. سو بس انهن ڪمن کي سنڀاليندي سنڀاليندي پاڻ ترڪڻ ۾ ترڪي پونداسين ڪڏهن سوچيو به نه هو. ممبئي جي رش سٽيل لوڪل ٽرين ۾ ڌڪا کائي جڏهن آفيس ۾ پهتس ته خيال آيو ممبئي ۾ هر هڪ سان گڏ ڪا نه ڪا گرل فرينڊ آهي اسان باقي ڪهڙي ٻلي ماري آهي. سو بس نيٽ گردي ڪري ڇوڪرين کي پنهنجي پاڻ تي عاشق ڪرڻ جا نسخا ڳولهڻ لڳس... ته ڪيئن ڊائلاگ بازي ڪري انهن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪجي. پر وري خيال آيو ته ير نوڪري ۽ ڇوڪري ٻنهي مان هڪ هٿ ۾ ايندي بس پوءِ وري پنهنجا خيال مٽائي نوڪري کي بچائڻ جي چڪر ۾ آفيس جو ڪم ڪرڻ لڳس. پر تڏهن به اهو سڀ سوچڻ جي وچ ۾ جيڪي نسخا مونکي هٿ لڳا آهن اهي ته توهان دوستن تائين ضرور پهچائيندس، متان جيڪو فائدو اسان ڪونه ورتوسين شايد اسان جا ٻيا دوست ان جو ڪجهه فائدو پرائي سگهن. پر سڀ کان پهرين سوچيان پيو ته توهان کي فارمولو ٻڌايان ته ڇوڪرين جي مئٿاميٽيڪل ايڪئيشن ڇا آهي...

    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us

    ته دوستو پاڻ کي سنڀالجو پر جي توهان نه ٿا مڙو ته هي وٺو اهي نسخا

    1) سڀ کان پهرين ڇوڪريءَ جي پٺيان وڃي بيهو ۽ پنهنجون آڱريون پسٽل جهڙيون ٺاهيون ۽ چئوس ته ” مان توهان کي گرفتار ٿو ڪريان؟“
    پر ڪهڙي ڏوهه ۾؟
    مُنهنجي دل چورائڻ جي ڏوهه ۾...

    2) هيلو! مُنهنجو نالو آهي چانس! ڇا مان توهان تي هڻي سگهان ٿو.....؟

    3) ڇا توهان جو ٽنگون سور نه ٿيون ڪن؟
    پر ڇو؟
    نه ڳالهه ڇا آهي ته توهان مُنهنجي دماغ ۾ سڄو ڏينهن گهمو ٿا انجي ڪري....

    4) ڇا مان توهان جي دل تائين پهچڻ جو رستو ڄاڻي سگهان ٿو، ؟ ڇو جو مان توهان جي اکين ۾ پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺو آهيان.

    5) هڪ گلاب جو گل کڻو ۽ ڪنهن ڇوڪري جي مُنهن وٽ رکو اگر جي ڇوڪري پڇي ته ڇا ٿو ڪرين کيس چيو مان هن گُلاب کي ڏيکاري رهيو هوس ته توکان به وڌيڪ ڪوئي خوبصورت آهي

    6) ڪُنهن ڇوڪري کي چئو ته ڇا توهان رستو ته نه ڀلجي پيا آهيو؟؟؟
    اگر جي هوءَ پڇي ته ڇو؟
    کيس چئجو ته شايد مون توهان کي پرستان ۾ پرين جي وچ ۾ ڏٺو هو.....


    دوستو اهي نسخا آزمايو پر پنهنجي رسڪ تي..... معاف ڪجو مونکي رسڪ جو سنڌي لفظ ياد ڪونه پيو اچي.....
    الله واهي... حق موجود
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    رنجيت يار! هل چري ۔۔۔ مار کارائڻ جا سٺا نسخا لکيا اٿئي ۔۔۔ اڄڪلهه ڇوڪريون به جوڊو سکيون آهن ائين نه ته ٻٽيهي هٿن ۾ هجي ۔۔۔ پهريان تون آزما جي غازي ٿي وئين ته واه، جي شهيد ٿي وئين ته ۔۔۔۔۔!!!! پاڻ ڄاڻ ۔۔۔ اسانجو ڪهڙو ڪم ۔۔۔ هاهاهاها ۔۔۔
    خير اسانجي صلاح اٿئي ته نوڪري تي توجهه ڏي ۔۔۔ هروڀرو پاڻ نه مارا
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    ادا وڏا!
    توهان جو حڪم اکين تي پر ڇا ڪيون هر ڪنهن کي ڪن تي موبائل لڳي پئي آهي هڪ ته وري هڪ موبائل ڪمپنيءَ 600 روپين ۾ سڄي ملڪ ۾ مفت ڪال جي سهوليت ڏني آهي. پر اهڙو ته ڪوئي هجي نه جيڪو اسان غريبن سان به ڳالهائي سو بس ٻين کي ڏسي غصو ته ايندو نه..... دل به ٿيندي آهي پر............ ڇا ڪجي هڪ آهيون پرائي ديس ۾،. جي موچڙا به مليا ته اصلي ڇلجي وينداسين، جي هجون هان سنڌ ۾ ته پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري به وٺجي هان.... وڌيڪ وڏا آهيون سمجهي ته ويا هوندا......
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    600 روپين ۾ سڃي ملڪ ۾ مفت ڪال جي سهولت؟؟!
    ان منزل تي پاڪستان ڪڏهن پهچندو ادا
    ان وقت تائين اسين حال حيات هوندا سين؟؟
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    يار رنجيت سهي ٻڌا مٿين نسخن مان ڪو هڪ به توهان آزمايو آهي۔۔۔۔ ؟
    ڪافي ڏينهن کان منهنجي آفيس ۾ موجود ڇوڪريءَ کي مان ٽيڏي اک سان ڏسندو هيم ۔۔۔ الائي ڇو مون کي لڳندو هو ته هو به مون کي اهڙي طرح ڏسندي آهي ۔۔۔۔ اهو سوچي ته شايد هو به چانس جي تلاش ۾ آهي ۔۔۔ مون توهان جي ڏنل نسخن مان نسخي نمبر 2 کي آزمائڻ جو منصوبو جوڙيو۔۔۔۔ همت ڪئي دفعا رڪي پر مون پوئتي جي نه ڪئي ۔۔۔۔ بس ادا پو نه پڇ بس هي ڪجهه لکندي منهنجي هڪڙي اک بند آهي۔۔۔۔ ۽ پوءِ توهان جي باقي سمورن نسخن کي نظر انداز ڪري صرف مٿئين تصويري حسابي فارمولي جي 200 فيصد حمايت ڪرڻ ۽ سوچڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي۔۔۔
    ڏاهو ٿي يار ۔۔۔۔ ٻيهر اهڙي متان صلاح ڏني اٿئي ۔۔۔
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    ڀلاڙي صالو تنهنجا ڀاڳ۔۔۔۔۔ اها خبر ته اسان کي اڄ پئي آهي ته اوهان کي انهي ڪري جاودگر سڏيندا آهن۔۔۔۔ ابا ڙي اهڙن ماڻهن کان اسان اڄ واقف ٿيا آهيون۔۔۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    شڪر آ جو هڪ اک سان ڏسي سگهوٿا ۔۔۔نه ته ڪيترن جو ته نور ئي چٽ ٿيو آهي ۔۔۔ پر آئينده ڇوڪري لکڻ بدارن ڇوڪري لکندا ڪريو، زير زبر کان بغير معاملو مشڪل آهي۔
    رام رکئي جي ڳالهين تي نه لڳجو دوستو، پر جي تجربو ڪيو به ته ٻڌائجو ضرور ۔۔۔ ادي رشيد جيئان ۔۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    رنجيت يار ڏاڍو شرير ٿي ويو آهين روزانو ريل جي سفر ۾ هاڻي اهي نسخا آزمائڻ شروع ڪيا اٿئي ، ڀلا ٻُڌائي ڪيترا سينڊل روز جي حساب سان لڳندا اٿئي مختلف نمبرن ۾ هوندا آهن يا صرف ڪولها پُورِي اسان واري مخدومي الجميلي ، ادا زاهد سومرو کي انهن سينڊلن جو حساب بلڪل صحيح‌ ڪري ٻُڌائي ڇا ڪاڻ‌ تو وارا نُسخا في الحال هڪڙو ادا زاهد سومرو ئي اهڙو ماڻهو آهي جنهن کان پريڪٽس طور آزمارائي سگهجن ٿا، ٻه ٻيا به هُئا جن مان هڪڙو انٽرنيشنل فقير علي علي جنهن جي ڪا خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته هو ڪهڙي جُو ۾ آهي اهو به انهن نُسخن کي آزمائڻ‌لا پرفيڪٽ هو، ٻيو سائين نثار ابڙو وارو مسٽر عبدو عرف عبدالوهاب قمبراڻي ڪنڌ ڪوٽي حال اسلام آبادي، اهو ته انهن نسخن کي آزمائڻ لا اصل هڪ ٽڪ هو پر اهو به اسلام آباد جي پرفضا ۾ هوائن ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويو جو اسان وٽ رهيا ڪاري وارا ڪک خير زاهد سومري کي گُذارش ڪئي ٿي وڃي ته رنجيت وار نُسخا آزمائي پو جيڪي به ڇڙا ڀائي آهن ان کي انهن نسخن جي تاثير وڏي شان ۽ مان سان ٻُڌائي وڃي
     
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    قبلا سائين اهڙا نسخا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻيلي توبهه بابلا اوهان کي ته خبر آهي نه ته اسان فقير ماڻهو آهيون ٻيو ته اها حساب ڪتاب واري ڳالهه مونکي سمجهه ۾ ڪونه آئي ڇو جو ادا رشيد سمون شادي شده آهي پر جڏهن گهر فون تي ڳالهائيندو آهي ته اڪثر مان به ڀر ۾ ويٺل هوندو آهيانس۔۔۔۔ مونکي ته اهڙا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن۔۔۔ جن کي ٻڌي ايترو سمجهي ويندو آهيان ته جيڪڏهن ادو رشيد جي ويجهو هجي هان ته ويچاري کي گِدو ۾ داخل ڪرائڻو پئجي وڃي هان۔۔ سائين مٺڙا اها ويڌن ڇڙن سان نه پر سگهرن سان هوندي آهي۔۔۔ اهو ته روز جو معمول بڻيل آهي۔۔۔۔
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    ادا زاهد، مطلب ته شادي کان اڳ ئي تجربا حاصل ڪري رهيو آهين؟ شادي شده ماڻهن سان رهندي ته اهڙا مزا ملندي پر هڪ ڳالهه ته اهي “اهڙا ” آواز ڪنهنجا هوندا آهن ۔۔۔ رشيد جا يا ڀاڄائي جا ۔۔۔ يا ٻنهي جا ۔۔۔؟ ته اندازو ڪجي ته ادي ويچاري سان ڪهڙي حالت آهي ۔۔۔ مان به چوان موڪل تي وڃڻ کان اڳ ڪاري ڪڪڙ جي قرباني ڇو ڪندو آهي؟ هل ڙي زاهد تنهنجي ڪچي ڪرڻ ۔۔۔:bz
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    ڀليو آهين زاهد سومراسگهرا سڀئي اهڙا نسخا آزمائي سينڊل کائي کائي پاڻ پڪا ٿي ويا آهن ڇڙن ويچارن کي اڃان تائين ” عاشق مجبور آ“ وارو ڪلام تمام گهڻو وڻندو آهي، ان ڪري پوري سنڌ سلامت تي اسان کي واحد تون ئي ماڻهو مليو آهين جو ڀائو رام رکيا ساحل رنجيت ممبئي واري جا هڻ ته چتي وارا نسخا توتي آزمائي ۽ آزمارائي سگهجن ٿا، رنجيت به اڃا تائين روزانو سينڊل کائڻ وارو حساب ڪتاب ڪونه موڪليو آهي، لڳي ٿو ته سينڊل کائڻ‌واري لسٽ ڪلوميٽرن جي حساب سان آهي جورنجيت ڏينهن رات ڪري اها لسٽ مرتب ڪري رهيو آهي۔ خير ادا زاهد تون ٿورو غور سان رنجيت وارا نسخا پڙهي ته ڏس محنت ڪندين ته ڪاميابيون تنهنجا قدم چمنديون۔
     
  12. ناصر علي

    ناصر علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مئي 2010
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    ادا رشيد ڇا حال آهن توهان جا ؟؟؟؟؟؟؟
     
  13. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    سائين نثار ابڙو صاحب ڏيو خبر هاڻي ته اوهان کي پڪ ٿي نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! ادا رشيد سمون کان هاڻي حالي احوالي پيو ٿجي۔۔۔۔ اڃا ترسو ڪو ٻيو به ادا جو پاڙي وارو ايندو جيڪو ائين به چوندو ته سائين گدو به پهچي ويو۔۔۔۔۔

    ادا ناصر علي اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا اوهان پنهنجو تفصيلي تعارف، ڪرايو هن سنڌ سلامت جي تعارف واري سيڪشن ۾ ته جيئن هن ساٿ جا ساٿي اوهان کان واقف ٿين۔۔۔۔۔
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    وڏي ڳالهه آهي رنجيت... پرديسي ٿي ويو آهين پر سڌريو ناهين اڃان پاڻ ٻين کي کارين پيو... شَلَم ڪَل .... خيرپوري شَلَم ڪَل..
    تو وارو استاد صحيح پيو چئي ... پڪ ڪلوميٽرن جي حساب سان مختلف سائيز جي سينڊلن جي ور چڙهيو آهين...
     
  15. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    ت
    استاد سائين! مون اهي نسخا آزمائڻ‌جي ڪوشش ڪئي هئي پر ان کان اڳ جو اهي نسخا آزمايا ته مئٿاميٽيڪل چارٽ تي نظر پئي ته سڀ وسري ويو۔ ادي وڏي سائين نثار ابڙي جو چوڻ آهي ته جي پرديس ۾ رهي پئسو نه ڪمايو ته باقي ديس کان دور ٿيڻ‌جو لعنتاڻو کڻڻ جي ڪهڙو ضرور پيو آ۔ سو بس ادا وڏي جي ڳالهين کي دل ۾‌ رکي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو۔ پر ٿوڙي دير کان پو سوچيو ته مُنهنجا ديسي ڀائر، مُنهنجا اوطاقي به متان انهي اوسيئڙي ۾ هجن ته انهن سان گڏ به ڪوئي رات جو ليڊيز فرسٽ پيڪيج تي ڪچهرڙي ڪرڻ‌ وارو هجي، متان اهي انهن ڪرامتي نسخن مان لاڀ حاصل ڪري وٺن۔ سو بس ان ڳالهه ئي نظر ۾‌رکي انهن نسخن کي هتي ٻڌائڻ جو پڪو پهه ڪيو۔ باقي اسان ته سڌريل آهيون۔ شرافت جي سنڌو ندي اسان جي فلئٽ جي بالڪني مان وهندي آهي۔  
     
  16. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    جاني ماڻهو پرديس ۾‌ وڃي ئي ته خراب ٿيندو آهي۔ نسخا لکڻ‌ کان پهرين مون سڀني کي خبردار ڪيو آهي جيئن سگريٽ جي پئڪيٽ تي لکيل آهي ”ته هن جي واپرائڻ سان توهان کي ڪئنسر ٿي سگهندو آهي“۔ بس هاڻي دوست ادي رشيد جيان ڊائريڪٽ‌ انهن نسخن تي نظر ڊورائيندا ته انهن جو ذميوار مان ٿوڙئي آهيان
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هي نسخا به آزمايو!!!

    يار رنجيت، مڙس مارائي هاڻي وري چوين ٿو ته مان ذميوار ناهيان، بس ادي رشيد جي اک اڃان سڳل آهي جو اوطاق تي لکندي اکر به ٽيڙا لکي ٿو وڃي ۔۔۔ هڪ اک سان ڀلا ائين نه ٿيندو ته ٻيو ڇا؟ ۔۔۔۔ ڀلا اها شرافت جي سنڌوندي اوهانجي فليٽ مان وهي ڪهڙي سمنڊ ۾ تي ڇوڙ ڪري، پاڙي ۾ ڪو اپسمنڊ آهي ڇا؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو